ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جي ڏيهه واپسي پنجاب ۾ تبديلي سان جڙيل!

چوڌري ڀائرن ۾ ناراضگي ڪنهن ٻئي نه پر آصف زرداري ختم ڪرائي ڇڏي آهي، ته جيئن پنجاب توڙي ملڪي سياست ۾ عمران خان جي خلاف وڌيڪ اننگز کيڏي سگهجن. عام راءِ مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته عمران خان جو گهيرو ايترو تنگ ڪيو ويو آهي، جو هاڻ هن کي نه ئي ڪنهن نئين بيانئي جو خيال اچي ٿو، نڪي وري واڳ ڌڻين جي خلاف خطرناڪ تقريرون ڪرڻ اچن ٿيون. هن جو هڪ ئي وقت، اسٽيبلشمنٽ جي نئين قيادت ڏانهن رويو نرم گوشي وارو آهي ته ٻئي طرف هو ماضي جي ليڪي کي ڪٽي رهيو آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جي مستقبل جي ڪابه باٽم لائين ناهي. هن حڪومت کي ٿورو حيران ۽ پريشان ضرور ڪيو، جنهن وقت، هن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي، پر هاڻ انهن اسيمبلين جي ٽٽڻ جا امڪان ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. ان سان گڏ چوڌري ڀائرن، چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي جو رسامو به ختم ٿي ويو، جنهن جو نقصان به عمران خان کي ٿيو. آصف زرداري، جنهن کي ڪي ٽربل شوٽر سڏين ٿا ته ڪي وري سياسي جادوگر، جيڪو، اهڙو فارمولا سامهون آڻيندو رهيو آهي، جنهن ڪيترن ئي سياستدانن کي حيران ڪيو آهي. هن ڀيري هڪ ڀيرو ٻيهر چوڌري ڀائرن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي، آصف زرداري هي پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ چوڌري پرويز الاهي وڏو وزير به رهي ته حڪومت کي ڪو اعتراض نه هوندو، پر هو نه ئي هاڻ، نڪي وري بعد ۾ عمران خان کي ڪوبه فائدو ٿيڻو آهي. هي خبرون به آهن ته پنجاب ۾ نئين سياسي صفبندي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن واڳ ڌڻي ن ليگ ڏانهن سافٽ ڪارنر نٿا رکن ته اتي ٽه رخي حڪومت قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ن ليگ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ کان الڳ ٿيل يا اليڪٽيبلز شامل هوندا. هي ساڳيا اڳواڻ هوندا، جيڪي ايندڙ چونڊن کانپوءِ عمران خان کي پاسيرو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اهي اليڪٽيبلز، جن جي شروع کان اسٽيبلشمنٽ ئي مڌر پارٽي رهي آهي، اهي، ڍنڍ جي پکين جيان اڏام ڪري پرڏيهه هليا ويا هئا، يا وري غير فعال ٿيڻ جو تاثر ڏئي رهيا هئا، انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.
اهي جيڪي عمران خان کي مستقبل جو وزير اعظم سمجهن ٿا يا ان کي پاپولر فگر قرار ڏين ٿا، شايد انهن کي به شريفن جيان حيرانگي ٿيندي. هينئر ته شريف خاندان جا ڪجهه فرد ملڪ اندر موجود آهن، پر ميان نواز شريف سميت سمورا پرڏيهه ۾ رهيا آهن. سليمان شهباز لاءِ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رستو صاف ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ نواز شريف جا پٽ جيڪڏهن سياست ۾ هجن ها ته انهن کي واپس ورندي ڏٺو وڃي ها، پر نواز شريف کانپوءِ سندس پٽ به ڏيهه ورندا. انهن جو ملڪي سياست ۾ ڪارج گهٽ آهي، انڪري انهن کي پاسيرو ڪيو ويو آهي. ميان نواز شريف، جي مريم نواز سان گڏ واپسي، عمران خان لاءِ پريشاني جو نئون سامان آڻيندي، اهو شخص جنهن کي واڳ ڌڻين ۽ عمران خان گڏيل طور تي پهريان نااهل قرار ڏياريو، ان کانپوءِ جيل مان سڌو لنڊن موڪليو ويو، اهي هاڻ ڏسن پيا ته سياست جو اُٺ ڪهڙي پاسي ويهي ٿو. واڳ ڌڻين جي اها برادري جيڪا هاڻ رٽائرڊ ٿي چڪي آهي، انهن کي به شرمساري ٿي رهي آهي، انهن جنهن گهوڙي تي شرط لڳائي، اهو منڊو نڪتو.
عمران خان کي ريسڪيو ڪرڻ واري ڪا قوت نظر نٿي اچي، هڪ طرف توشا خانا کان وٺي، ڪيترائي ڪرپشن ۽ توهين اليڪشن سان گڏ ٻيا ڪيس تيارڪيا ويا آهن، ته ٻئي پاسي وري عمران خان جي ساڳي انداز ۾ نااهلي جو سامان تيار ڪيو پيو وڃي، جيڪو ماضي ۾ ميان نواز شريف لاءِ ٿيو هو. هي تاريخ جو مڪافات جو عمل هو. پهريان ميان نواز شريف ۽ ان جي خاندان لاءِ ڏکيا ڏينهن آيا، هاڻ عمران خان جو وارو آهي. نئين سياسي سيٽ اپ ۾ عمران خان جو ڪردار هڪ ڪمزور مخالف ڌر جي اڳواڻ وارو هوندو. هو جيتريون ڪوششون ڪري رهيو آهي، انهن جا ڪي به هاڪاري نتيجا سامهون نه پيا اچن. عمران خان کي آهستي آهستي خبر پئجي رهي آهي ته هِن ملڪ جي سياست ڪيتري ڏکي آهي. جيڪڏهن جت چاهي ته کڙهه تي کير پياري، جيڪر رسي ته ڪو گاهه وجهڻ وارو به نه رهندو. ائين جيئن ڀٽائي چيو هو ته-
ڪڏهن ائين هياس، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا
هاڻ ائين ٿياس، جو جت نه نيئن پاڻ سين!
هينئر هي واضح طور اشارا ملي رهيا آهن ته چوڌري ڀائرن کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته جيڪڏهن اهي عمران خان سان گڏ ويندا ته سياسي ميدان ۾ انهن لاءِ ڪجهه به نه بچندو ۽ خالي هٿئين رهجي ويندا، انڪري کين نيوٽرل ڪري، عمران خان کان پري رکڻو آهي. ان دوران عمران خان کي به محسوس ڪرائڻو آهي ته چوڌري پرويز الاهي، ان جي ووٽن تي وڏو وزير ضرور ٿيو آهي، پر هو ڪم ان جي چوڻ تي نه ڪندو. چوڌري پرويز الاهي پهريان ئي عمران خان تي واضح ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت رهڻ ۾ ان جي پنهنجي سيفٽي آهي. جنهن ڏينهن پنجاب اسيمبلي ٽٽي ويندي، ٻئي ڏينهن تي عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو. پنجاب ۾ ڪهڙو سيٽ اپ هوندو؟ ممڪن آهي ته نئون وڏو وزير نه اچي، پر ان جا امڪان به آهن ته سمورا اختيار پنجاب جي گورنر حوالي ڪيا وڃن ۽ اهو ئي ڪجهه مهينن تائين حڪومت کي هلائي، جيئن نئين بجيٽ جو اعلان ٿي وڃي، ان کانپوءِ نين چونڊن بابت به ويچاري سگهجي ٿو.
ميان نواز شريف، ڏيهه اچڻ لاءِ تمام گهڻو اتاولو آهي. هو چاهي ٿو ته عمران خان جي موجودگي ۾ لاهور اچي، کيس ٻڌائي ته سياستدانن کي مَک جيان ٻاهر ڦٽي ڪري نٿو سگهجي. سياستدانن سان ڀلي ڪيترو به خراب سلوڪ ڪيو وڃي، اهي پنهنجو رستو ڪڍي وٺندا. پر اهي جيڪي، ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي اقتدار ۾ اچن ٿا، انهن جو ڪوبه سياسي مستقبل ناهي. ن ليگ جو قائد هي سمجهي ٿو ته جنهن ڏينهن هن لاهور ۾ قدم رکيا، ان ڏينهن عمران خان زمان پارڪ تائين محدود ٿي ويندو، يا وري پشاور روانو ٿي چڪو هوندو. نواز شريف جي موجودگي ۾ عمران خان جي پارٽي ڪهڙي طرح چونڊ مهم هلائيندي، اهو تماشو به ڏسڻ وٽان هوندو. هي به خطرو هوندو ته ڪٿي ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ گٿم گٿا نه ٿي وڃن. جيڪڏهن ائين ٿيو ته اها بدقسمتي هوندي ۽ ان سان پنجاب جو سياسي ڪلچر به گدلو ٿي ويندو. عمران خان جي رستا روڪ ڪرڻ سان هو آپي کان به نڪري سگهي ٿو. هي به سوچڻ جهڙي ڳالهه هوندي ته پي ٽي آءِ لاءِ ملڪ جي سمورن صوبن ۽ شهرن ۾ ڪا بهتر صورتحال نه هوندي. ان سان گڏ انهن جي ڪا گهڻي ميچوئر سياسي سوچ به ناهي، جو ميدان ۾ بيهي سگهن. پي ٽي آءِ جي قيادت کان وٺي، چونڊيل نمائندن تائين سڀني کي ڏسي سگهجي ٿو ته اهي عمران خان سان گڏجي بيهڻ لاءِ تيار ناهن، چون ٿا ته جيڪي بيٺا آهن، اهي به ڪنهن موقعي جي ڳولا ۾ آهن،جيئن کين اشارو ملندو، هو اڏام ڪندا. سنڌ ۾ اهي اڳواڻ، جيڪي پي ٽي آءِ ۾ دير سان شامل ٿيا، انهن جو سياسي مستقبل به گهڻو روشن ناهي.
ميان نواز شريف، هينئر طاقت جو مرڪز آهي، اهو چاهيندو ته ان جي اچڻ کان پهريان رستو ڪليئر هجي، اهڙي صورتحال ۾ چوڌري ڀائرن جو به امتحان شروع ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته اهي مستقبل ۾ پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻ گهرندا ۽ ميان نواز شريف انهن کي ڪو گس ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو. ڪنهن به ٽڪراءَ جي صورت ۾ چوڌري ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر گجرات جا وڻ وڄائڻا پوندا. انڪري اهي آصف زرداري جي ٽياڪڙي ۾ ن ليگ سان معاملا طئي ڪرڻ گهرن ٿا. جيڪڏهن مستقبل ۾ عمران خان جي خلاف سموريون ڌريون چونڊ وڙهنديون ته اهڙي صورتحال ۾ عمران خان کي سياسي گهاٽو ٿيندو. پر جيڪڏهن سمورين پارٽين الڳ الڳ چونڊ وڙهي يا هڪٻئي جي نمائندن جي مدد ڪئي ته پوءِ نتيجا تبديل هوندا،اهڙي صورتحال ۾ به عمران خان لاءِ ڪا بهتر صورتحال نه هجي. عمران خان جي پارٽي جيڪا ٻه ڀيرا ڪي پي ڪي ۾ رهي آهي، اها ڪيتري متحد رهندي، ان جي به ڪو ضمانت ڏئي نٿو سگهي. باقي صوبن ۾ ڪل خير لڳو پيو هوندو. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن موجوده اتحادين کي سرسي رهي ٿي ته سينيٽ جي وچولي مدي وارين چونڊن ۾ انهن جو ئي غلبو برقرار رهندو. عمران خان جي سينيٽ ۾ به پوزيشن آهستي آهستي ڪمزور ٿي ويندي.
واڳ ڌڻي، جيڪي تاثر ڏين ٿا، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هو سياسي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ گهرن ٿا ته جيئن استحڪام اچي ۽ معيشت ٽريڪ تي اچي سگهي. موجوده اتحادي حڪمران جيڪڏهن استحڪام پيدا ڪن ٿا ۽ انهن کي واڳ ڌڻين جو به آشيرواد رهي ٿو ته پوءِ معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا. مستقبل قريب ۾ اهي عالمي قوتون، جن کان پاڪستان جا حڪمران ٽهندا هئا، هاڻ معاشي مجبورين سبب انهن جي ويجهو ٿي ويا آهن. جيڪڏهن پاڪستان، عالمي سطح تي پنهنجا نواز اتحادي ڳولي ۽ معاشي فائدو حاصل ڪري ته ان ۾ ڪابه اربعا خطا نه هوندي. ان لاءِ ضروري آهي ته پاليسيون جاري رهن، ان سان واڳ ڌڻين لاءِ به آسانيون پيدا ٿينديون ۽ هو چاهين به اهو ئي ٿا ته ملڪ جو وهنوار بهتر طريقي سان هلي ته انهن جون ضرورتون به پوريون ٿينديون رهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button