هُو جيڪو پنهنجي فِڪر ۽ عمل جو هرهڪ مُونجهارو لطيفي لات جي لُولي مان سُلجهائيندي، سُڌ سمجھه جي سنسار ۾ هيستائين قدم به قدم سُرندو رهيو آهي، تنهن کي مُرشد جي ڪجھه بيتن تي اهو سوچي سدائين حيراني پئي ٿي آهي ته هڪ اهڙو آفاقي فڪر، جنهن ۾ فطرت جي هر هڪ جِيوَ ۽ جُز لاءِ اڻميو احترام، پيار ۽ اهميت سمايل آهي، تنهن فڪر ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا اهڙي فرق واري وٿي آخر ڪهڙي سببان آهي، جنهن وٿي جي شُمار ۾ آندل ڪنهن به وجود جو ڪوبه ڏوهھ ان ڪري نٿو چئي سگهجي، جو انهن سمورن وجودن کي فطرت طرفان جيڪو پنهنجو پنهنجو الڳ مزاج مليل آهي، تنهن مزاج پٽاندڙ ئي ته اهي سڀ جِيوَ جي رهيا آهن. ۽ انھي فطري ورڇ واري وادي اندر هر جِيوَت جُڳن کان جيئن آهي تيئن رهندي پئي اچي. باقي فطرت پاران پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي جو اختيار فقط ماڻهوءَ کي مليل آهي، جيڪو پنهنجي شعور جي سُهائي سان اڳتي ارتقا ڪندي، اوليتون طئي ڪري گهربل تبديلي سان هم آهنگ ٿيندو رهي ٿو.
ها، مٿي ڄاڻايل وِٿي، جنهن ۾ جيئن ڪنگ ۽ هنج جي ڀيٽ ٿيل آهي. هاڻ ڪَنگ ويچارو جيڪو فطرت طرفان آهي ئي ڪَنگ، سو هنج جي رمز تائين پهچي به ته آخر ڪيئن!؟ ۽ جي ڪَنگ هنج جي رمز کي نٿو پهچي سگهي ته ان تي مَٿس ڪائي ميار بيهي به ٿي!؟ اهڙي ڀيٽ تي هِن سوين ڀيرا سوچي وري به پنهنجي سَڀيتا جي انهي سونهين ڏانهن ئي موٽ کاڌي آهي، جيڪو هر اواٽي مان ڪڍي کيس واٽ سان لڳائيندو رهي ٿو.
ڪالهه به هُن مُرشد سان رجوع ڪيو هو، انهن ماڻهن جي ڀيٽ ڪرڻ واسطي، جيڪي هنج واري ديوانگي جي راهه تي سالن جا سال هلي، آخر ۾ وري پنهنجي گُجي ڀرڻ خاطر وڃي ٻَگهن سان ٻيلهھ ٿيندا آهن. هنج، جيڪو ڪڏهن به بُک جي ڊپ کان پنهنجي پِريت ۽ پَت نه وڃائيندو آهي. پوءِ ڀل سَر سُڪي وڃي ۽ سالن جا سال گذري وڃن پر هنج ان سُڪل سَر تان اڏامي ڪنهن ٻي طرف وڃڻ بدران، پٿر چڳي اتي ئي پساهه پورا ڪري ٿو. جڏهن ته ٻگهه آهن، سي هڪڙي ڍنڍ تان اڏامي وري ٻي ڍنڍ تي وڃي پنهنجي گُجي ڀريندا رهن ٿا. تنهن ڪري اهي ماڻهو جن پنهنجي شعور جي سفر جي هڪ موڙ تي اهو طئي ڪيو ته جيڪڏهن جيون جي ڪا معنى هٿ ڪرڻي آهي ته ان لاءِ هَنجن سان ئي گهارڻو آهي ۽ ڳَڻ ڪري سندن مزاج جي رمز واري راهه نڀائڻي آهي ته جيئن پَت رهجي اچي، تِن ايئن وِچ پَنڌ ۾ آخر ايئن ڇو ڪيو جو پنهنجي سموري پَت ڌوئي ويهي رهيا ۽ هيرا ڇڏي وڃي کِکُيون کاڌائون. واضح رهي ته هيرن جواهرن مان مُراد هتي اهي پل آهن، جن ۾ رڳو ئي رڳو سڄڻ ۽ ساڻيھه جي سار هوندي آهي. جيئن عشاقن فرمايو آهي ته:
“جو دَم غافِل – سو دَم ڪافر”
هِن سوچيو ته هڪ دور اندر سَڄڻ ۽ ساڻيهھ سان جُڙت واريون سون ورنيون ساعتون گذاريندڙ ماڻهو اوچتو ئي اوچتو ايترا ڇَسا ڇو ٿي پيا آهن، جو انهن کي ٻگهن سان گهاريل اهي ککيون گهڙيون راس اچڻ لڳيون آهن، جن گنگهر گھڙين ۾ ڪا به معنى، مفهوم ۽ پِرينءَ جي پَنڌ پچار بدران رڳو هڪ ٻئي جون ٽنگون ڪڍڻ ۽ شِڪست جي خوف جو واسو آهي!؟
سو اهڙي ريت، اهڙي فرق کي سمجهڻ لاءِ هن وري به جڏهن مُرشد سان رجوع ڪيو تڏهن وڃي کيس اهي بيت سَمجهه ۾ آيا، جيڪي هي ڪي ورهيه ڪونه سمجهي سگهيو هو. اهو ايئن ته جيڪا هَنج ۽ ٻَگهه جي تمثيل لَطيِفي ۾ موجود آهي، سا انهن پَسو پکين مان ڪنهن هڪ کي هيٺ يا ڪنهن ٻي کي مٿي ڏيکارڻ لاءِ نه پر اصل ۾ ماڻهن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ آهي. ڇاڪاڻ ته ٽَڪي جي مفادن لاءِ جڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي پَنڌ ۽ پِريت تان هٽي وڃن ۽ سندن سموري ترجيح رڳو پيٽ ڀرڻ تائين محدود رهجي وڃي ته اهڙن ماڻهن کي تِن ٻگهن مان ئي سمجهڻ گهرجي جيڪي رڳو گُجي ڀرڻ لاءِ جيئن ٿا.
سو ان تناظر ۾ جيئن ئي کيس اها وٿي سَمجهه ۾ آئي ته هي مُٺيون ڀيڙي ڀَڳو پنهنجي ان آشرم ڏانهن، جتي ويٺلن مان ڪڏهن به کيس ڪنهن ڪا اهڙي ميار نه ڏني آهي ته هيترا ڏينهن هُو ڪٿي رهجي ٿو وڃي؟ بس جنهن لمحي هُو اتي پهتو ڄڻ ته زمانن کان اتي ئي هو. بهرحال اڄ هي جنهن لمحي آشرم پهتو، تنهن گهڙي ساڌُو هيئن ڳالهائي رهيو هو:
” ميان!! ڇا جي ڪري اچي اجايو ڀانڀوليو آهين؟ تون ڪجھه مسافرن جي وِک کوٽي ڏِسي جيڪڏهن ايئن سمجهڻ لڳو آهين ته پَنڌ ئي اجايو آهي يا کوٽو آهي ته ان ڀُل، وهم ۽ گمان مان نڪري اچ. پنڌ اهو ئي اُتم آهي جيڪو جُڳن کان آڌُتي آديسي ڀيٽيندا آيا آهن. ڇا تو اها ڳالهھ وساري ڇڏي آهي ته انهن آديسين جو دنگ درو اتي لڳل آهي، جتي زمين به آخر کُٽيو وڃي؟ جي توکان اها ڳالهھ وسري وئي آهي ته پوءِ هونئن ئي ٺهيو، ڇاڪاڻ ته جيڪي سبق ئي ياد نه رکن، تن سان پنهنجو سَڱ سِياڪو آخر ڪهڙو ڀلا؟ پر جن کي راھه جو ڏَس پَتو ڏنو ويو ۽ سِڌ ٻُڌائي وئي، تن کي اها ياد به هجي ۽ پوءِ به وتن ٿاٻا کائيندا ته انهن لاءِ هڪ لمحي واسطي ارمان ضرور ٿيندو آهي ته آخر مَنجهن ايتري اويساهي ڇو ڪاهي پئي آهي!؟
سو ياد رک!! ڪي مسافر ضرور ٿڪجي سگهن ٿا پر پَنڌ کوٽو نٿو ٿي سگهي. پَنڌ اهو ئي پنهنجي اصل پانڌيئڙن جي اوسيئڙي ۾ رهي ٿو جيڪي ڀِنيءَ ويل اٿي ڀيريندا آهن ۽ شفق سان گڏ ٻري، رات کي سيني سان لائيندا آهن ان پهر تائين، جيستائين ڪال ڪڻڇي وري اها دانهن نٿي ڪري ته:
“ڀينَر آئون ڀُلياس، نه ته سِڪ سُمهڻ ڇا لڳي”
تنهن ڪري ڪال ڪَڻڇي جي دانهن ياد رک ۽ پنڌ کي اجايو نه ڄاڻ مِيان!! جيڪڏهن تون ڪجهھ ٿڪجي پيل مسافرن کي ڏسي ٿڪجي پيو آهين ۽ توکان اڳتي پنڌ نٿو پُڄي ته ڪا زور زبردستي ناهي. ڀل موٽي وڃ پر انهن تي چٿر نه ڪَجانءِ جيڪي توڪل جي تُرهي تي انهي عميق ڏانهن نڪتل آهن، جتي رڳو ئي رڳو محبوبن جي معرفت جا موتي موجود آهن. ها باقي ٻُڏ تَر ۽ اويساهي ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪرڻ وارن وٽ هوندي آهي.”
ساڌو جي ڳالهه پوري ٿي ته هِن ڏٺو پريان بازار ۾ چاڪرن جي به چُوڪرن وٽ وڻائي ڪوئي پنهنجو وَڙ وڃائي رهيو هو. ۽ هيڏانهن آشرم ۾ مُرشد جي هِن بيت جي جهونگار ۾ مَچ ڀَڙڪي اُٿيو:
سُوري سِينگاري، اصُل عاشِقَن کي
لُڏِيا ڪِين لَطيِف چَئي، ٿِيا نيزي نِظاري
ڪوٺيو ڪِناري، آڻِيو چاڙهي اُن کي