ڪڏھن ڪڏھن اسان کي ائين محسوس ٿيندو آھي تھ ھي معاشرو ڄڻ تھ ڪنھن تجريدي ناول جو پلاٽ ھجي. ڪا اھڙي ڪھاڻي ھجي، جنھنجا ڪردار بار بار روپ ۽ رنگ مٽائي اسان جي ويجھو اچن ٿا. اسان سان لاڳاپو قائم ڪن ٿا. اسان سان گفتگو ڪن ٿا. سوال پڇن ٿا. جواب ڏين ٿا.
اھو ئي سبب آھي تھ مون کي ادب جو دائرو ڪشادو محسوس ٿيندو آھي. سياست ضروري آھي. تمام گھڻي ضروري آھي. پر ان جي بنيادي شرط اھا آھي تھ اھا سياست ھجي. اسان وٽ جيڪا ٿي رھي آھي، اھا سياست ناھي. اھا ڪرپشن آھي. اھو ڏوھھ آھي. ھو سڀ ڏوھاري آھن. انھن کي جيلن ۾ ھجڻ گھرجي. انھن کي وڏن عھدن تي نھ ويھڻ گھرجي. انھن کي وزير اعليٰ ھائوسن ۽ وزير اعظم ھائوسن ۽ انھن ايوانن ۾ نھ ھجڻ گھرجي، جن ۾ ويھي ملڪ ۽ ماڻھن جي مخالفت ۾ فيصلا ڪن ٿا. انھن کي تھ زندانن ۾ ھجڻ گھرجي. ڇو تھ ھو ماڻھن جي امانتن کي لٽي، ڦري انھن کان جيئڻ جو حق ڦري، انھن کي ايتري بري طرح سان استعمال ڪن ٿا، جنھن جو پورو اظھار انسان جي لونءَ ڪانڊاري سگھي ٿو.
زندگيءَ ۾ ڪيترو نھ حسن ٿي سگھي ٿو. جذبن جي گرميءَ ۾ ڪيترو نھ مزو آھي. ٻھ انسان جڏھن پاڻ ۾ ھم آغوش ٿين ٿا. جڏھن انھن جا چپ چپن سان ملن ٿا. جڏھن انھن جون ٻانھون ولين وانگر ھڪ ٻئي کي وڪوڙين ٿيون. جڏھن جسم جي گرمي انھن جو دماغ مائوف ڪري ڇڏي ٿي. جڏھن زبانن جون چميون شراب بڻجي مدھوش ڪن ٿيون. جڏھن پيار ڪندي اکيون ٻوٽجي وڃن ٿيون. جڏھن انسان ڌرتيءَ تي ھوندي، نھ معلوم ڪٿي ڪنھن فضا ۾ پھچي وڃي ٿو. جڏھن ڪنھن جي ناريءَ جي آغوش ۾ اچي ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ تھ زندگيءَ جو اصل سبب ڪنھن جي چاھھ ۾ سڀ ڪجھھ وساري ڇڏڻ آھي. ان لمحي انسان زندگيءَ جو ڪيترو نھ لطيف لطف وٺي ٿو.
محبت صرف سيڪس تائين محدود تھ ناھي. جڏھن انسان پنھنجي اولاد کي چاھي ٿو. چمي ٿو. جڏھن ھو پنھنجي فيمليءَ تي محنت ۽ مشقت ڪري ٿو، تڏھن ھن کي لڳي ٿو تھ ھو ڪو عظيم ڪم ڪري رھيو آھي. ھو جيڪو ھڪ مان وڌي ھڪ ڪٽنب بڻجي ٿو. ھو جيڪو رشتن جا ڄار اڻي ٿو. انھن جي قيد ۾ بھ آزادي محسوس ڪري ٿو.
ھو جڏھن پنھنجن دوستن سان ملي ٿو. دل کولي کلي ٿو. جڏھن ھو دوستن سان بي تڪلف بڻجي اھي ڳالھيون ڪري ٿو، جيڪي ڪنھن ٻئي سان سلڻ ممڪن نھ ھجن. جڏھن ھو سياحت ڪري ٿو. جڏھن ھو نوان ملڪ ۽ نوان شھر ڏسي ٿو. انھن ھنڌن تي انسانن جو روپ ۽ انھن جي جيئڻ جو رنگ ڍنگ ھن کي ڪيترو نھ پسند اچي ٿو!
جڏھن ھو ڪتاب پڙھي ٿو. اھو ڪتاب جنھن ۾ ڪي ڪھاڻيون ھجن. جن ۾ سھڻيون ۽ سياڻيون ناريون ھجن. انھن جو خوبصورت ۽ باوقار مردن سان پيار ھجي. ان ڪتاب ۾ ڪو سوال ھجي، جنھن جي جواب جي تلاش ۾ ان ڪتاب جا ڪردار ڀٽڪندا ھجن. اھڙي ڪتاب جو مطالعو ۽ اھو بھ سرديءَ جي موسم ۾ ڪيترو نھ وڻندڙ آھي. جڏھن ٻاھر برسات وسي. جڏھن دريءَ جو شيشو ڌنڌلائجي وڃي. جڏھن ڪمري ۾ ڪافيءَ جي خوشبو ماڻھوءَ کي موھي وٺي.
جڏھن ڳوٺ جا منظر ھجن. جڏھن سرنھن جي پيلن گلن ۾ ڪا خوبصورت مٽيار مست اکين سان ڏسي مسڪرائي. جڏھن پکي پنھنجا پر ڦڙ ڦڙ ڪن. جڏھن مڇيون پاڻيءَ ۾ ترن ۽ ٻيڙيءَ ۾ مھاڻي عورت پنھنجي يار جي ھنج ۾ ائين ڦٿڪي جيئن پاڻيءَ کان ٻاھر آيل ڪرڙي ڦٿڪندي آھي. جڏھن انھن جي لاءِ جسم جو پيار ئي رستو ۽ جسم جو پيار ئي منزل ھجي.
جڏھن ماڻھو اھي شراب پيئي جن جيڪي تمام گھڻا قديم ھجن. جن جي ڍڪ ڍڪ ۾ ماڻھو جڳن جا جڳ لتاڙي لھندو وڃي. اھي شراب جن جي پيالن ۾ ڪي خواب ترندا ھجن. انھن شرابن سان ماڻھوءَ جي محبت جو مزو ئي ٻيو ھجي.
جڏھن ماڻھو موسيقي ٻڌي. جڏھن ھو سرن ۾ سمائجي وڃي. جڏھن ھو آوازن ۾ صورتون ڏسي. جڏھن ھو صورتن کي آوازن ۾ تبديل ٿيندو ڏسي. جڏھن ساز وڄن ۽ انھن جو ردم ماڻھوءَ کي ڪنھن ڪائنات جي ڪنڊ ۾ وٺي وڃي ۽ اتي سيارا ھجن. ستارا ھجن.
“جتي عرش نھ اڀ ڪو زمين ناھي ذرو
نھ ڪو چارو چنڊ جو، نھ ڪو سج سرو
اتي آديسين جو لڳو گنج گرو
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون ناھھ ۾!”
اھو سڀ ڪجھھ زندگيءَ سان آھي. بلڪل آھي. زندگي ان جو بنياد آھي. پر چيڪ اديب ملان ڪنڊيرا جي بقول “صرف زندگي ڪافي ناھي” ڇو تھ زندگيءَ سان گڏ جيڪڏھن سھولتون ناھن. جيڪڏھن زندگيءَ ۾ انصاف ناھي. جيڪڏھن زندگيءَ ۾ آزادي ناھي. جيڪڏھن زندگيءَ ۾ تحفظ ناھي. جيڪڏھن زندگيءَ ۾ خوشيون ۽ مسرتون ناھن. تھ پوءِ اھڙي زندگي انسانن کي بار جيان محسوس ٿيندي آھي ۽ ان بار کي ڪنھن بھ طرح سان پنھنجن ڪلھن تان لاھي اڇلائڻ چاھيندو آھي. جيڪڏھن زندگي ھر صورت ۾ خوبصورت ھجي ھا تھ ماڻھو خودڪشيون ڇو ڪن ھا؟
زندگين کي حق گھرجن. اھي حق جيڪي مھذب معاشرن ۾ مليل آھن. پر اسان جڏھن پنھنجي سماج طرف تڪيون ٿا تھ اسان کي ھڪ قسم جو خوف محسوس ٿئي ٿو. ھڪ ڊپ، ھڪ دھشت اسان کي پنھنجي پاڇي ۾ آڻي اسان کان زندگيءَ جو چاھھ کسي وٺي ٿي ۽ اسان سوچيون ٿا تھ ڇا اسان پيدا ٿي ڪو پاپ ڪيو؟ ڪو ڏوھھ ڪيو؟ ڇا جنم وٺڻ ڪو جرم آھي؟
ان ڏينھن اڃان خليل جبران جو ڪتاب “سينڊ اينڊ فوم” پڙھي رھيو ھوس. ان ڪتاب ۾ جبران ھڪ جاءِ تي لکيو ھو تھ “ياد رکڻ بھ ملاقات آھي” ان حوالي سان مون کي شدت سان محسوس ٿيو تھ جن ماڻھن کي وساريو وڃي ٿو، انھن ماڻھن ڪيتري نھ تڪليف پھچي ٿي؟ جيڪڏھن ياد رکڻ ملاقات آھي تھ پوءِ وسارڻ ڇاھي؟ ڇا وسارڻ ھڪ طرح جي قيد تنھائي ناھي؟ ڇا ان جو مطلب اھو آھي تھ جيڪي ماڻھو وساريا ويا آھن، اھي ماڻھو ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان اھڙي ماحول ۾ رھن ٿا، جھڙو ماحول انھن روسي ناولن ۾ ھوندو ھو، جيڪي روسي ناول اسٽالن جي دور ۾ قائم ٿيل ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾ ھوندا ھئا. جڏھن سخت برف باري ٿيندي ھئي ۽ انھن جي تن تي پيل ڪپڙا ٿڌ کي گھٽائڻ جي سلسلي ۾ ناڪافي ھوندا ھئا ۽ ھو قھوي جي ڪوسي ڍڪ لاءِ قطار ٺاھي بيھندا ھئا.
اھي منظر منھنجي دل تي ان وقت بھ تري آيا، جڏھن مون ھٿرادو ٻوڏ سبب پنھنجا گھر گھاٽ ڇڏي آيل سنڌ جا اھي انسان ڏٺا، جيڪي ماني ڳڀي جي لاءِ امدادي ڪيمپن ۾ ڌڪا کائيندا ھئا ۽ جيڪي وساري ويٺا ھئا تھ انھن جي بھ ڪا سماجي عزت ھئي. انھن جو بھ ڪو رتبو ھو. انھن جي بھ ڪا حيثيت ھئي. ھو سڀ ھڪ قسم جا قيدي ھئا. اھي قيدي ھئا، زر جي ان زندان جا جيڪو زر ڪرپشن جي ذريعي زرداري ۽ شريف وڏي اعتماد سان کائن ٿا. اھو پئسو انھن انسانن جو حق آھي. جڏھن انھن کي اھو حق نھ ٿو ملي تھ پوءِ انھن کي لاچار ڌڪا کائڻا پون ٿا.
سو مون ڪالم جي ابتدا ۾ اھو لکيو ھو تھ “تجريدي ناول جو پلاٽ ھجي. ڪا اھڙي ڪھاڻي ھجي، جيئن ڪڏھن ڪڏھن اسان کي ائين محسوس ٿيندو آھي، جيئن ھي معاشرو ڪنھن جا ڪردار بار بار روپ ۽ رنگ مٽائي اسان جي ويجھو اچن ٿا. اسان سان لاڳاپو قائم ڪن ٿا. اسان سان گفتگو ڪن ٿا. سوال پڇن ٿا. جواب ڏين ٿا”
ھا! واقعي ھٿرادو ٻوڏ ۾ ٻڏل انسان اسان کان پڇن ٿا تھ اسان کي امدادي ڪيمپن مان ٻاھر ڪڍي، گوڏي جيڏي بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻڏل ۽ جھريل گھرن ۾ ڌڪي، اسان کي ڇو وساريو ويو آھي؟
رياست جي طرفان عوام کي وسارڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو وڏو رياستي تشدد ممڪن ناھي. اھو تشدد ھن رياست ۾ عوام جي مٿان مسلسل ٿي رھيو آھي. آخر ان تشدد جو انت ڪڏھن ٿيندو؟
ڪاش! ھي حڪمران جيڪي انصاف نھ ٿا ڏين سي گھٽ ۾ گھٽ جواب تھ ڏين تھ عوام انتظار جي سوريءَ تان لھي ۽ ان سور سان سمجھوتو ڪري، جيڪڏھن ڪڏھن بھ ختم نھ ٿيڻو آھي.