جڳ مشهور چيڪ ناول نگار ۽ نقاد ميلان ڪنڊيرا سن 2013ع ۾ ڇپيل ناوليٽ ” The Festival of Insignificance” ۾ ڄاڻائي ٿو ته چارلس نالي ڪردار وٽ سوويت يونين جي آمر اسٽالن جي ويجهي ساٿي Nikita Khrushchev جي يادگيرين جو ڪتاب هو، جنهن ۾ 20هين صدي جي هن بدنام آمر جي حوالي سان ڪيترا ئي قصا ڏنل هئا. انهن مان هڪ “24 تترن وارو قصو” به هو. هي قصو هن ناوليٽ جي ٻئي ڀاڱي جو شروعاتي باب آهي، جنهن کي ڪنڊيرا ڪجهه هنن لفظن ۾ لکيو آهي (هتي چارلس نالي ڪردار ان جو ڪتاب اهو قصو پڙهي پنهنجي دوست ڪليبن کي ٻڌائيندو وڃي ٿو ۽ وچ وچ ۾ ٻئي ڄڻا ان تي تبصرو به ڪندا هلن ٿا):
“ڊگهن اداس ڏينهن بعد، اسٽالن کي پنهنجن ساٿين سان ويهي پنهنجي زندگي جي حوالي سان ننڍن قصن ۽ ڪهاڻين ٻڌائڻ ۾ مزو ايندو هو، مثال طور هي قصو:
هڪ ڏينهن هن شڪار تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هن وڏو ڪوٽ پاتو ۽ سارٽ گن کڻي 13 ڪلوميٽرن تائين هليو ويو. پو هن تترن جي ولر کي وڻ تي ويٺل ڏٺو. هو بيهي رهيو ۽ انهن کي ڳڻڻ لڳو. اتي 24 تتر آهن. پر ها اڙي قسمت! هو رڳو 12 ڪارتوس ئي کڻي آيو! هو نشانو وٺي 12 تتر ماري وجهي ٿو. پوءِ 13 ڪلوميٽر پنڌ ڪري واپس گهر اچي ٿو ۽ ٻيا 12 ڪارتوس کڻي واپس 13 ڪلوميٽر پنڌ ڪري وڃي ٿو ۽ تترن وٽ پهچي ٿو، جيڪي اڃا به انهيءَ وڻ تي ويٺل آهن ۽ نيٺ هو سڀني تترن کي ماري وجهي ٿو…..
“توکي ڪهاڻي وڻي؟” چارلس ڪليبن کان پڇيو، جنهن کلندي وراڻيس:
“جيڪڏهن اهو سچ ۾ اسٽالن پاڻ ٻڌائي ها ته مان کيس مبارڪ ڏيان ها! پر توکي اها ڪهاڻي ڪٿان ملي؟”
“اسان جي مالڪ مون کي هي ڪتاب ڏنو “خورشوف جون يادگيريون” جيڪو گهڻو وقت اڳ فرانس ۾ ڇپيو هو. ان ۾ خورشوف تترن وارو قصو ايئن ئي لکيو آهي، جيئن اسٽالن سندس ننڍڙي ٽولي کي ٻڌايو هو. پر خورشوف موجب ان تي ڪنهن اهڙو ردعمل نه ڏيکاريو، جهڙو ردعمل تو ڏيکاريو آهي. ان تي ڪير به ڪونه کليو هو. انهن سڀني بنا ڪنهن فرق جي اهو ئي سوچيو ته جيڪو قصو اسٽالن کين ٻڌايو اهو غيرمنطقي هو ۽ اهي هن جي اهڙي ڪوڙ کان بيزار هئا. پر سڀئي چپ رهيا ۽ رڳو خورشوف ۾ اهڙي همت هئي جو اسٽالن کي پنهنجي سوچ ٻڌائي سگهي. هي ٻڌ…!” چارلس ڪتاب کوليو ۽ هوريان پڙهڻ لڳو:
“ڇا! تون سچ ۾ اسان کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهين ته (باقي بچيل) تتر ڏار تان ڪونه اڏاميا هئا؟” خورشوف چيو.
“هائو،” اسٽالن وراڻيو: “اهي ان ساڳي هنڌ ئي ويٺل هئا.”
“پر اها ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي نه آهي، توکي خبر هجڻ گهرجي ته ڪم کانپو اهي سڀ گڏ ئي باٿ روم ويندا هئا، هڪ وڏو غسل خانو جنهن ۾ باٿ روم پڻ هئا. تصور ڪر. هڪ ڀت تي گينڊين جي ڊگهي قطار، اهي گينڊيون ڪوڏين جي شڪل جهڙيون، اهي مختلف رنگن جون هيون ۽ انهن تي گلڪاري ٿيل هئي. اسٽالن جي ٽولي جي هر ساٿي جي الڳ الڳ گينڊي هئي، هر گينڊي هڪ الڳ ڪاريگر جي ٺهيل ۽ صحيح ڪيل. پر انهن مان اسٽالن لا ڪابه گينڊي نه هئي.”
“پو اسٽالن ڪٿي مٽندو هو؟”
“عمارت جي ٻئي پاسي (هن لا ٺهيل الڳ باٿ روم ۾) ۽ جيئن ته هو پنهنجن ساٿين سان گڏ پيشاب ڪرڻ بدران اڪيلو مٽندو هو، ان ڪري هن جي غيرموجودگي ۾ سڀئي ساٿي پاڻ کي آزاد محسوس ڪندا هئا ۽ اهي ڳالهيون وڏي واڪي ڪندا هئا، جيڪي چيف اڳيان نه ڪري سگهندا هئا. خاص ڪري ان ڏينهن ۾ جڏهن اسٽالن هنن کي تترن وارو قصو ٻڌايو. مان خورشوف جي ڪتاب مان توکي ڪجهه وڌيڪ پڙهي ٻڌايان ٿو:
“باٿ روم ۾ هٿ ڌوئڻ مهل اسان ڪاوڙ مان تڪڻ لڳاسين. هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو! هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو! ان تي اسان مان ڪنهن هڪ کي به شڪ ڪونه هو.”
“۽ اهو ڪير هو؟ هو خورشوف؟”
“اسٽالن جي مرڻ جي ڪجهه سالن کانپو هو سويت شهنشاهيت جو سپريم ليڊر ٿيو.”
هڪ ساهي کانپو ڪلبين چيس: “ان سموري قصي مان هڪ ڳالهه جنهن تي مون کي ويساهه نٿو اچي، اها هي ته انهن مان ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو ته اسٽالن مذاق ڪري رهيو هو.”
“سچ پچ،” چارلس چيو ۽ ڪتاب ميز تي رکي ڇڏيو.
“ڇو ته هن جي چوڦير (ساٿين) ويٺلن کي هاڻي اها ڄاڻ ئي نه رهي هئي ته مذاق ڇا ٿيندو آهي، اها ئي تاريخ جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي.”
لکڻ جي انهي انداز جي ڪري ئي ميلان ڪنڊيرا منهنجي پسند جي ناول نگارن مان هڪ آهي، هن جي لکڻي جو وڏي ۾ وڏو ڪمال جيڪو مون کي هن جا ناول پڙهندي لڳندو آهي، اهو هي ته هو ننڍين ننڍين ڳالهين کي اهڙي ته سهڻي نموني پيش ڪندو آهي جو دل وري وري ان کي پڙهڻ تي پئي چوندي آهي. پر هن ناوليٽ جو هي ٽڪرو هتي ڏيڻ جو اهو مقصد آهي ته ان مان اسٽالن جي آمريت کي پرکڻ جي ڪوشش ڪجي. مان اهو نٿو چوان ته ڪنڊيرا جيڪو قصو هن ناول ۾ ڄاڻايو آهي اهو تاريخي حوالي سان به سو سيڪڙو صحيح هوندو، پر افسانوي ادب جو اهوئي ڪمال آهي ته حقيقي نه هوندي به اهو اسان کي حقيقي لڳندو آهي ۽ افسانوي ادب اسان کي نفسياتي تجزيو ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي. جيئن جڳ مشهور نفسياتي ماهر فرائيڊ شيڪسپيئر جي ڪردارن جي مدد سان مختلف نفسياتي تجزيا ڏنا. بلڪل ايئن ئي ميلان ڪنڊيرا به اسٽالن جي هن ڪهاڻي وسيلي هڪ آمر جو خاڪو چٽي ٿو ته ان جي ڪهڙي نه دهشت هوندي آهي، هڪ امر ڪيترو بي رحم هوندو آهي جو هن جا ويجها ساٿي اهو ڄاڻيندي به ته هنن جو آمر ڪوڙ هڻي رهيو آهي، پر اها همت نه ڪري سگهندا آهن ته اهو چئجي ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي يا حقيقت ان جي ابتڙ هوندي! اهڙي ريت آمر جي ڪنهن لطيفي تي ڪنهن ۾ کلڻ جي همت به نه رهندي آهي، متان ڪنهن جو کلڻ به آمر کي نه وڻي ۽ اهو کلندڙ پنهنجي حياتي ئي وڃائي ويهي رهي.
اسان به هن ملڪ جي ويجهي ماضي ۾ ٻه آمريتون ڏسي چڪا آهيون، هڪ ضيا واري ٻي مشرف واري. ان کان اڳ به هتي آمريت رهي، پر هنن ٻنهي آمريتي دورن جون يادون اڃا به تازيون آهن. مشرف جي آمريت دوران مان ڏهين ڪلاس جو شاگرد هئس ۽ جڏهن گهران نڪرندو هئس ته گهر وارن جي انهن هدايتن ته ڪنهن وڏي ٽولي جي وچ ۾ نه بيهندس، ڪٿي ڪو نعريبازي ڪندو هوندو يا ڪو جلوس هوندو ته ان کان پري ڀڄي ويندس، ڪوشش ڪري گهٽ ڳالهائيندس ۽ وڏي واڪي نه کلندس، تي پوري ريت عمل ڪرڻ جو وچن ڪري گهران نڪرندو هئس. آمريت جي انهن ٻنهي دورن ۾ پريس تي پابنديون هنيون ويون، سياسي اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو، ماڻهن کي چونڪن تي لتر هنيا ويا. هر پاسي پابنديون ئي پابنديون هيون ۽ انهن پابندين جي ڪري اسين خوف جي ڪارين ڀوائتين راتين ۾ رهياسين. انهن آمريتن جي انهن ڪارين ڀوائتين راتين هڪڙي نسل جا يارهن سال ۽ ٻئي نسل جا ڏهه سال ڳڙڪائي ڇڏيا.
آمريت سڀ کان پهرين علم، ادب کان ويندي ماڻهن جي سوچ سمجهه جي راهه ۾ رنڊڪون وجهندي آهي. جيئن ميلان ڪنڊيرا اسٽالن جي هن ڪهاڻيءَ ۾ ان جي خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي. هن جي ڪنهن به ساٿي ۾ چپ چورڻ جي همت نه هئي، ان کان وڌيڪ انهن جا ذهن ايترا مفلوج ٿي چڪا هئا جو اهي اهو فيصلو به نٿي ڪري سگهيا ته اسٽالن جي 24 تترن واري ڪهاڻي مذاق کانسوا ڪجهه به نه هئي. اهي سڀ ڀئو ۾ ورتل هئا ۽ اسٽالن جي ها ۾ ها ملائڻ وارا چمچا ٿي پيا.
اهڙن روين جي ڪري ئي سماج سڪڙجي ويندو آهي، ماڻهو نون خيالن کان ڊڄڻ لڳندا آهن ۽ مدي خارج ڳالهين ۾ لڳي پنهنجي جمالياتي سگهه ئي وڃائي ويهندا آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته آمريت جي ڪري ترقي، فرد جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي جا سڀ در بند ٿي ويندا آهن. ڪنڊيرا جي ناوليٽ ۾ ڏنل اسٽالن جي اها ڪهاڻي به بلڪل انهي جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪنڊيرا جي ناول جو اهو حصو پڙهندي مون کي اهو احساس ٿيو ته آمرن جو رويو سموري دنيا ۾ ساڳيو ئي هوندو آهي، اهي اظهار جي آزادي جا ويري هوندا آهن. پو ڀلي ان آمر جو نالو ضيا هجي يا اسٽالن، اهي پنهنجي سوچ ۽ ورتا ۾ ساڳيا ئي هوندا آهن. اهي انسان ۽ آزادي جا دشمن هوندا آهن. اسٽالن کان ويندي ضيا جهڙن آمرن جي دور ۾ ماڻهن کان کلڻ ته ڇا پر پنهنجي مرضي سان ساهه کڻڻ به وسري ويندو آهي.