ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي تجربا

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ملڪ ۾ سياسي تجربا سياستدانن گهٽ پر اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ ڪيا آهن، جنهن جو تازو مثال عمران خان آهي، جنهن کي سياست ۾ ان ڪري آندو ويو ڇاڪاڻ ته هن ملڪ کي ڪرڪيٽ جو ورلڊ چيمپئين ٺاهيو هو. سندس مقبوليت ڪرڪيٽ جي حد تائين ته صحيح هئي پر جڏهن سياست ۾ هن کي لاهي هڪ تباهي آڻيندڙ تجربو ڪيو ويو ته ان سان نه رڳو ملڪ ۾ سياسي تباهي آئي پر هڪ اهڙو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو ازالو ڪيترن ئي سالن تائين ممڪن ڪونهي.

آمر ايوب کي جڏهن سياست ۾ دلچسپي ٿي ته هن نه رڳو پنهنجي آڏو آيل سڀئي رنڊڪون ختم ڪيون پر سندس مقابلي ۾ بيٺل قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح کي به ملڪ جي غدار قرار ڏنو ويو. اهڙي ريت اسٽيبلشمينٽ ان ڏينهن کان وٺي اقتدار تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. نتيجي ۾ سياست ڪمزور ٿي، سياستدان اسٽيبلشمينٽ جي تابع ٿي ويا ۽ اهي ڪڏهن به پنهنجي پر ۾ فيصلا ڪرڻ لاءِ آزاد نه هئا. جڏهن سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ تجربا ڪرڻ شروع ڪيا ته ان جو نقصان ملڪ هر شعبي ڀوڳيو. معيشت کان وٺي اظهار جي آزادي ۽ اخلاقيات تائين.
گذريل ڪجهه سالن کان جيڪو سياسي ماحول ملڪ ۾ نظر اچي رهيو آهي، ان کي هٿي ڏيڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار عمران خان نيازيءَ جو آهي، جنهن وٽ پنهنجي سياسي اخلاقيات آهي. هو پنهنجي لاءِ ڪنهن به غلط عمل کي صحيح قرار ڏئي سگهي ٿو ۽ مخالف سياستدان لاءِ ڪنهن به صحيح عمل کي ناجائز قرار ڏئي سگهي ٿو. ائين سندس پوئلڳ به ان شيءِ ئي صحيح ئي سمجهن ٿا، جنهن کي عمران خان نيازي صحيح سمجهي ٿو.
ايندڙ سال نيون چونڊون ٿيِڻيون آهن، عمران خان نيازيءَ جو زور ان ڳالهه تي آهي ته اهي چونڊون جيترو جلدي ٿي سگهن، اوترو ئي هن کي فائدو ٿيندو. پر سڀاڻي سياسي انجنيئرنگ وسيلي پي ٽي آءِ مان ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا ته پوءِ هن وٽ ڪي پي ڪي ۾ صوبائي حڪومت هوندي پر مرڪز ۾ کيس ڪجهه به نه ملي سگهندو. جنرل باجوا واري دور ۾ جڏهن عمران خان نيازي ساڻس مثالي لاڳاپن جي ڳالهه ڪندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته ان کان اڳ ۾ ڪنهن به حڪمران جماعت جا فوج سان ڪي سٺا لاڳاپا نه رهيا آهن. پر جڏهن کيس اقتدار مان تڙيو ويو ته هو نه رڳو اڄڪلهه ماضي جا قصا بيان ڪري رهيو آهي پر هن جو هدف جنرل قمر جاويد باجوا آهي.
عمران خان نيازي واري پراجيڪٽ تي ڪم ته ڪئين سالن کان ٿي رهيو هو، نيٺ سندس ڪڻو 2018ع ۾ نڪتو. ان حوالي سان دفاع واري وزير خواجه آصف ڪالهه به ڳالهايو آهي. سندس چوڻ هو ته باقاعده هڪ منصوبي تحت هڪ ماڻهو کي اقتدار ۾ آندو ويو ۽ اهو ماڻهو نئين نسل کي تباهه ڪري آواز اٿاري رهيو آهي ته هن کي چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي. هن جو چوڻ هو ته عمران خان نيازي اوچتو نازل ناهي ٿيو، هن کي هڪ ايجنڊا تحت لانچ ڪيو ويو هو، منصوبو ٺاهيندڙن اهو طئي ڪري ورتو هو ته هن کي رياست تي مڙهڻو آهي، ان جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. عمران خان نيازي هڪ تجربو هو جنهن کي 2012-13ع ۾ لانچ ڪيو ويو ۽ اهو غلط ۽ تباهيءَ جو تجربو هو.
جيڪڏهن اڃا به ملڪ کي سياسي تجربن آڌار هلائڻو آهي ته ايندڙ وقت ۾ سياست جي الف ب کان اڻ واقف ماڻهوءَ کي وري ڪنهن نئين انداز سان لانچ ڪرڻو آهي ته ملڪي تباهيءَ کان ڪنهن به ريت بچي نٿو سگهجي. هن وقت سياسي طور ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي، هڪ پاسي عمراني بيانيو آهي، جيڪو ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکي تي آڌاريل آهي ۽ ٻيو ان جي مخالف بيانيو آهي، اهو بيانيو عمران خان مخالف آهي، جيڪو سندس بيانيي کي وائکو ڪندڙ آهي. جيئن ته عمران خان نيازيءَ کي حڪومت ۾ اچڻ ۽ حڪومت ماڻڻ کان پوءِ هر قسم جي سهولت مليل هئي، تنهنڪري هو عوام ۾ پنهنجو بيانيو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هاڻ هو بيانيو کڻي جو ڪوڙ تي ٻڌل آهي پر ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪوڙ کي هن ايترا ڀيرا ورجايو آهي، هر تقرير ۾ ايترا ڀيرا بيان ڪيو آهي، جو ماڻهو ان کي سچ سمجهن ٿا ۽ ان کان سواءِ اهي هر ڳالهه کي ڪوڙ سمجهن ٿا.
جيڪڏهن سياسي طور ملڪ کي مفلوج ڪرڻو آهي ته پوءِ ان تي عمران خان نيازيءَ جهڙا ماڻهو ئي حڪومت ڪندا آهن. اهي عوام کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندا رهندا آهن، جن جو ڪو وجود ئي ڪونه هوندو آهي ۽ اهڙي ريت جيڪڏهن مسئلا سياست کي حل ڪرڻا هوندا آهن، اهي يا ته آمراڻي سوچ رکندڙ ماڻهو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن يا وري فاشسٽ ماڻهو. جنهن جا نتيجا اسان جي سامهون آهن. ڪجهه عرصي کان اسٽيبلشمينٽ جي نيوٽرل هجڻ جون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون، جيڪڏهن اها نيوٽرل آهي ته سٺي ڳالهه آهي، ان سان گهٽ ۾ گهٽ سياستدانن لاءِ اسپيس پيدا ٿيندو. اهي پنهنجو پاڻ ۾ ويهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، نتيجي ۾ سياست جون خرابيون سياست وسيلي ئي حل ٿي سگهنديون.
پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن واقعي به اسٽيبلشمينٽ پنهنجي نيوٽرل هجڻ واري بيان تي عملي طور قائم رهي.
عمراني تجربي کان پوءِ جنهن ڌٻڻ ۾ ملڪ اڄ ڦُاٿل آهي، ان کي ڪڍڻ لاءِ هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو غير سياسي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان کان سواءِ جمهوري ادارن کي اها آزادي ڏيڻي پوندي، جيڪو انهن جو حق آهي. ٻي صورت ۾ عمران خان نيازي جهڙو ماڻهو وري به عوام تي مڙهيل ئي رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button