ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مستقبل جو سيٽ اپ،واڳ ڌڻين ۽ حڪومت ۾ سرچاءُ

Editorial- Article- Allahbux Rathore

جنهن ڏينهن چوڌري مونس الاهي، اهو چيو ته کين عمران خان سان گڏجي هلڻ جون هدايتون ڪيون ويون، ان ڏينهن کان واڳ ڌڻين ۽ اتحادي حڪومت ۾ جيڪو رسامو ڏسڻ ۾ آيو، هاڻ اهو سرچاءُ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ايترو ئي نه ٿيو آهي، چوڌري ڀائرن ۽ شريف ڀائرن ۾ ويجهڙائپ ٿي وئي آهي،ان ڪري عمران خان جو پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ وارو خواب به ساڀيان نه ٿيندو. شريف ڀائرن، عمران خان پاران چوڌري پرويز الاهيءَ کي عاق ڪرڻ جي صورت ۾ ساٿ ڏيڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ان سان گڏ چوڌري ڀائرن ۾ جيڪا ناراضگي هئي، ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ آصف زرداريءَ جي ٽياڪڙي به پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. چوڌري ڀائرن هاڻ گڏجي سياسي معاملن کي سلجهائڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان ميان نواز شريف سان، چوڌري شجاعت حسين جي پٽ جي ملاقات اهم آهي، جنهن لاءِ آصف زرداري ئي رستو صاف ڪيو. ميان نواز شريف، جيترو هارڊ لائينر آهي، ان کان سمورا سياسي پنڊت واقف آهن، پر حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن، جن ۾ نواز شريف به پنهنجي رويي کي نرم ڪيو آهي. ان سان گڏ فيصل واوڊا جي نااهلي جو خاتمو، نواز شريف لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري هاڻ (ن) ليگ جا اڳواڻ کلي عام چئي رهيا آهن، ته ميان صاحب جلد ڏيهه ورڻ وارو آهي، ان حوالي سان هينئر تائين نواز شريف جي سزا ۽ نااهلي ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي. ان جو مطلب هي به ٿي سگهي ٿو ته پردي جي پٺيان معاملا طئي ٿي ويا آهن. هينئر نه رڳو واڳ ڌڻي ۽ شريف ڀائر هڪ پيج تي ناهن، پر (ن) ليگ ۽ اعليٰ عدليا به ساڳي ٽريڪ تي آهي. توڙي جو اعليٰ عدليا ۾ اهي جج موجود آهن، جن نواز شريف جي اقاما ڪيس ۾ ايڊمنسٽريٽر جو ڪردار نڀايو ۽ ان جي سزا کي يقيني بڻائي طاقتور حلقن جي “محنت” کي سجايو ڪيو هو.
مونس الاهي جيڪي ڪجهه چيو،ان جي جواب ۾ فروغ نسيم به تصديق ڪندي چيو ته اسان کي عمران خان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو ويو. اڳتي ڇا ٿيو؟ ان بابت ايم ڪيو ايم جي قيادت خاموش آهي. پر (ن) ليگ جي اياز صادق هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ چيو ته جيڪڏهن واڳ ڌڻي نيوٽرل هئا ته انهن عمران خان پلان جي حمايت ڪيئن ڪئي؟ ان سان گڏ جيڪي ننڍيون چونڊون ٿيون،انهن ۾ جوڙ توڙ ڪئي وئي، جنهن تي (ن) ليگ حيرانگيءَ جو اظهار ڪيو. هاڻ راڻا ثناءُ الله به چيو ته کين يقين آهي ته جنهن نيوٽرل هجڻ جي کين خاطري ڪرائي وئي آهي، ان تي عمل جاري رهندو. ان جواب ۾ ڪجهه پس منظر ۾ Developments ٿيون آهن. اهم ملاقاتن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر واڳ ڌڻين جي قيادت خاطري ڪرائي ته طئي ٿيل اصول تي عمل جاري رهندو. اهڙي صورتحال ۾ هي سوال پڇيو پيو وڃي ته اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ، جيڪي ڪجهه ڪيو، ڇا اهو اداري جو فيصلو هو يا هڪ شخص جو؟ ان حوالي سان چيو پيو وڃي ته هڪ شخص، پنهنجي ليکي عمران خان کي ڪافي رعايتون ڏنيون. اهڙي صورتحال ۾ سوشل ميڊيا تي هي سوال به پڇيا پيا وڃن ته ماضي ۾ جن قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ان جي ازالي لاءِ ڪي قدم کنيا ويندا؟ ان حوالي سان هي جواب به اچن پيا ته اهو ممڪن ته ناهي، پر ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ خاطريون ڪرائي اعتماد جي صورتحال پيدا ڪئي وڃي. ان دوران ان جا امڪان آهن ته موجوده گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، کي منشيات رکڻ جي الزام ۽ ڇهن مهينن تائين انتهائي خراب صورتحال ۾ جيل ۾ رکڻ پٺيان جيڪي ڪردار هئا، انهن جي خلاف ڪارروائي ٿي وڃي. اها انتهائي غيرمعمولي ڪارروائي هوندي. هي قدم به ان ڪري کنيو پيو وڃي ته جيئن اتحادي حڪومت ۽ شريف ڀائرن جي اعتماد کي بحال ڪري سگهجي.
هينئر عمران خان جي پٺي ٺپڻ واري قوت ورلي نظر اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ته انهن سمورين طاقتور ڌرين کي نيوٽرلائيزڊ ڪيو ويو آهي. هي صورتحال ايندڙ عام چونڊن تائين ته برقرار رکي ويندي. اها ڳالهه زمين تي نظر اچي پئي ته شريف ڀائر ۽ چوڌري ڀائر جيئن ئي کير کنڊ ٿيا آهن، ان سان عمران خان ته پاسيرو ٿي ويو آهي، پر مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان به ڪافي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن. عمران خان جي چوڻ تي جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ٽوڙي وڃي ٿي ته ان صورت ۾ (ن) ليگ جلد نين چونڊن طرف هلي ويندي. ان سان ان کي ڪيترائي فائدا آهن،هڪ طرف (ن) ليگ جو گورنر آهي،جيڪو پنهنجا شاٽس کيڏندو. ان سان گڏ (ن) ليگ جو هينئر به پنجاب جي انتظاميا ۾ گهڻو چوڻ آکڻ آهي. چوڌري ڀائر جيڪي، (ن) ليگ جي مخالفت ڪندا هئا، اهي به خاموش رهندا. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي طاقت محدود ٿي ويندي. اهي به خبرون آهن ته نين چونڊن جي صورتحال جي حوالي سياسي صفبندي ۽ جوڙ توڙ به آخري مرحلي ۾ آهي. پنجاب ٻن سياسي قوتن جي رحم ڪرم تي هوندو، هڪ (ن) ليگ ۽ ٻي پيپلز پارٽي،چوڌري ڀائرن کي جيڪي ڪجهه ملندو، اها آصف زرداري جي Good will هوندي.
هن ملڪ ۾ اصل حڪمران پنجاب ئي رهيو آهي. جيڪي تبديليون سامهون اچن پيون، انهن جي روشنيءَ ۾ ان نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن موجوده سيٽ اپ برقرار رهي ٿو ته عمران خان کي سياسي طور ٿورو گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو. پر پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ جي صورت ۾ چوڌري ڀائر، عمران خان جو اهڙو حال ڪندا، جهڙو ٻرڙو ڪري ٻارن سان! عمران خان کي پاڻ کي بچائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پشاور جو رخ ڪرڻو پوندو. ان سان هن جو سياسي قد ڪاٺ به ننڍو ٿي ويندو.
جيڪڏهن ميان نواز شريف ميدان ۾ اچي وڃي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ عمران خان لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿي وينديون. سلمان شهباز جيڪو ڪافي عرصي کان پاڻمرادو جلاوطن هو، اهو واپس اچي چڪو آهي. هيءَ به ادارن لاءِ لٽمس ٽيسٽ آهي. نواز شريف، جيئن ئي لاهور ۾ لينڊ ڪندو. اوستائين ممڪن آهي ته پنجاب جو سياسي سيٽ اپ تبديل ٿي چڪو هوندو، يا وري عمران خان نيوٽرلائيزڊ هوندو. هاڻ عمران خان، اسيمبلين ٽوڙڻ لاءِ ڊسمبر جي آخر جي تاريخ ڏني آهي، پر نظر ان جي ابتڙ نظر اچي رهيو آهي. عمران خان جو اهم ادارن ۾ جيڪو اثر رسوخ هو، اهو مائنس ٿي ويو آهي. ان ڪري عمران خان کي به مائنس ڪرڻ جون تياريون جاري آهن. عمران خان جي نااهلي Due ٿي وئي آهي. پس منظر ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي. هينئر عمران خان کي لهندڙ سج سان ڀيٽيو پيو وڃي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر شريف ڀائرن جو سج اڀرڻ وارو آهي، جنهن ڪنيون ڪڍيو آهي. نواز شريف کي رليف ملڻ جي صورت ۾ اهي، جن کي نواز شريف جي سزا کي بيلنس ڪرڻ لاءِ سياست کان ٻاهر ڪيو ويو، اهي به بحال ٿي ويندا. اهي سموريون ڌريون اتحادي حڪومت جي طاقت ۾ اضافو ڪنديون.
هينئر ايندڙ چونڊن کان اڳ، خاص ڪري وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي جيڪي سوال اٿيا،انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اسحاق ڊار جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي ته هو جوڙ توڙ ڪري صورتحال کي بهتر بڻائي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شايد،عوام کي ڪجهه رليف به ڏنو وڃي. موجوده حڪومت لاءِ ڏکيائي هي آهي ته برساتن کان پوءِ ٻوڏ واري صورتحال تمام گهڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي، ان تباهي جو سڌو واسطو معيشت سان آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جا زرعي فصل 40 کان 80 سيڪڙو تباهه ٿي ويا. هينئر خاص ڪري سنڌ ۾ ڪڻڪ به 40 سيڪڙو ايراضي تي مس پوکي وئي آهي. ان سان سنڌ جي گهرج به پوري نه ٿيندي. جيڪڏهن زرعي جنسن ۽ کاڌي پيتي جي شين جو بحران پيدا ٿئي ٿو ته ان کي حل ڪرڻ گهڻو آسان نه هوندو. پرڏيهه مان شيون خريد ڪرڻ لاءِ ڊالر گهرجن، جيڪي ايترا ناهن، جيتري ضرورت آهي. ان ڪري عالمي قوتن ڏانهن هٿ وڌايو ويو آهي. خاص ڪري سعودي عرب کي وڌيڪ ٽي ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي،هي رقم حڪومت وٺي سگهي ٿي. قرض جي ادائيگيءَ لاءِ چين ڏانهن ڏٺو پيو وڃي، ان جا امڪان آهن ته پاڙيسري ملڪ، ڊگهي پارٽنرشپ کي جاري رکڻ لاءِ پاڪستان جو ساٿ ڏئي. روس کان تيل ۽ ڪڻڪ جي خريداري گهڻو فائديمند ٿي سگهي ٿي. جيڪا عالمي مارڪيٽ کان سستي هوندي. اهي سموريون ڳالهيون بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ اتحادي حڪومت جي اعتماد ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ايندڙ بجيٽ جيڪا جون ۾ ايندي، ان کان اڳ عوام کي رليف ملي وڃي ٿو ته زميني حقيقتون تبديل ٿي وينديون.
هينئر جيڪڏهن صورتحال کي sum up ڪجي ته سياسي ميدان ۾ ادارن ۽ اتحادي حڪومت ۾ اعتماد وڌيو آهي. ان ڪري اهي قوتون جيڪي، عدم استحڪام پيدا ڪرڻ گهرن پيون، اهي پاسيريون ٿي وينديون. ان سان گڏ ميان نواز شريف جو معاملو حل ٿيڻ سان خاص ڪري (ن) ليگ جي طاقت ۾ اضافو ٿي ويندو ۽ پنجاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر (ن) ليگ اتحادين سان گڏ نظر ايندي. نااهلين جو رواج ختم ٿيندو، جيڪڏهن عدليا کان ڪجهه رليف اچي ويو ته نئين قانون سازيءَ به ٿيندي، جنهن سان تاحيات نااهليءَ جو معاملو ماضي جو حصو ٿي ويندو. عمران خان جي سياسي سگهه کي محدود ڪيو ويندو ۽ هن جي چوڌاري جيڪي ڌريون، ڪنهن هڪ شخص يا ڌرين جي صورت ۾ آشيرواد ڏئي رهيون هيون، اهي به نيوٽرلائيزڊ ٿي وينديون. ان جي نتيجي ۾ استحڪام جو رستو به صاف ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button