ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران

Editorial

ملڪ جڏهن کان سياسي بحران جي ور چڙهيو آهي، تڏهن کان اهو معاشي بحران پڻ ڀوڳي رهيو آهي، نتيجي ۾ عوام سڌي ريت متاثر ٿي رهيو آهي. گذريل چئن سالن ۾ ٻه حڪومتون عوام ڏٺيون آهن. هڪ پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي، جنهن پنهنجي دور ۾ هر قسم جي عوامي مفاد کي پٺي ڏيندي نه رڳو عوام جي پريشانين ۾ واڌ ڪئي پر پي ٽي آءِ وڏي فخر سان چوندي رهي آهي ته هن جي دور ۾ عوام سکيو هو ۽ عمران خان پنهنجا معاشي ڪارناما هر تقرير ۾ ٻڌائيندو رهندو آهي جڏهن ته حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. نه ته عمران خان جي حڪومت ۾ معاشي خوشحالي آئي هئي ۽ نه ئي عوام کي سندس حڪومت کي فائدو نصيب ٿيو هو. پر جڏهن کان پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت وجود ۾ آئي آهي ته ان به ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو. عوام لاءِ ساڳي مهانگائي آهي، ان لاءِ مصيبتون به ساڳيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جا حڪومت مٿان وار جاري آهن ۽ هو ملڪ لاءِ وڌيڪ بحران پڻ پيدا ڪري رهيو آهي. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملڪي معيشت ڪنهن به ريت سنوت ۾ ڪونه ايندي. وزير اعظم شهباز شريف ان معاملي تي لچڪ ڏيکاريندي عمران خان کي ڳالهين جي آڇ جو اشارو ڏنو آهي ته جيئن سياسي ۽ معاشي بحران کي حل ڪري سگهجي.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان منهنجي اجازت سان ملاقات ڪئي هئي، تاڙي هڪ هٿ نه پر ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، پاڪستان خاطر سمورا اختلاف وساري سگهون ٿا، ملڪ جي معاشي بحالي، بقاءَ ۽ سلامتي لاءِ 100 قدم اڳتي وڃڻ لاءِ به تيار آهيون، قومن جي زندگي ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن، جڏهن وڏي مقصد لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي پر محسن ڪش شخص سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪنداسين. اليڪشن ٿي ته عوام پنهنجو فيصلو ڏيندو، عمران خان انا پرست، ٺڳ ۽ ڪوڙو شخص آهي، پنهنجي انا لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهي ٿو، پاڪستان جي مفاد سان هن جو ڪجهه اچي نه وڃي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي ملڪ کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏينهن رات الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، هن کنڊ برآمد ڪري سبسڊي ڏئي ڇڏي، پوءِ کنڊ درآمد ڪئي، اهڙي طرح ڪڻڪ به درآمد ڪئي، غريب عوام جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تي حڪومت جو ڌيان آهي، يورپي ۽ دوست ملڪن جي سفيرن به ان سلسلي ۾ اڄ ملاقات ڪئي آهي. 1800هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي ۾ منهنجي خلاف ٻن سالن تائين جاچ ٿيندي رهي، پاناما ۾ نواز شريف جو ڪٿي به نالو نه هو، برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسيءَ جي جاچ جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي، ڊيلي ميل به مون تي مڙهيل سمورن الزامن تي معافي گهري آهي. اڳوڻي حڪومت شريف خاندان نه پر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيس پاناما جو هو ۽ سزا اقامي تي ڏني وئي، ڊيلي ميل غيرمشروط معافي گهري، جڏهن ته عمران خان جي دٻاءُ تي مون تي الزام مڙهيا ويا. سندس الزامن سان ملڪ جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي، هن دنيا کي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي امداد نه ڏيو حڪمران کائي ويندا، ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهايو ويو جنهن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. عمران خان ۽ سندن ساٿين الزام لڳائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو پر ڪو الزام ثابت به نه ڪري سگهيا، عمران خان رڳو گارگند واري سياست کي هٿي ڏني، عمران خان جنهن همراهه تي گهڙي کپائڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو، ان جي ترديد به سامهون اچي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان آءِ ايم ايف اڳيان پير ۽ کڙيون گسائي ڇڏيون، آءِ ايم ايف چيو ته اوهان ڳالهيون ڪري ڦري ويندا آهيو، مالياتي اداري خبر ناهي ڪٿي ڪٿي آڱوٺا هڻايا. سخت شرطن کانپوءِ آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض ڏيڻ تي راضي ٿيو، اسان رياست کي بچائڻ لاءِ سياست کي قربان ڪيو، اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هر روز ملڪ جي ڊيفالٽ جو شوشو ڇڏيو ويندو آهي.
عوام کي ان ڳالهه سان ڪو واسطو ناهي ته ڪهڙيون سياسي ڌريون پاڻ ۾ ٺهي هلن ٿيون ۽ ڪهڙيون هڪٻئي جون مخالف آهن، پر ان کي ان ڳالهه سان واسطو آهي ته عوام لاءِ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي، ڇا اها اهڙو ڪجهه ڪري رهي آهي، جنهن سان عوام جو ڀلو ٿي سگهي ۽ ماڻهن جون زندگيون آسان ٿي سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن سياسي پارٽيون پاڻ ۾ گڏجي ويهن ٿيون ۽ ڪو حل ڪڍن ٿيون ته اها سٺي ڳالهه آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته عمران خان پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي. کيس جيڪڏهن عوام جا مفاد پيارا آهن ته ذاتي مفادن کي پاسيرو رکڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته عوام جي خدمت اقتدار کان ٻاهر رهي به ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ملڪ ۾ هاڻوڪو سياسي ۽ معاشي بحران وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو ته ان ڳالهه جا چٽا امڪان آهن ته عوام لاءِ وڌيڪ پريشانيون انتظار ڪري رهيون آهن. جن کي سهڻ عوام جي وس ۾ ڪين هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button