ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪتاب “ڀانڊارو” تي هڪ نظر

Editorial-Article-Javed Pahnwar

دنيا جي تاريخ جا ورق ورائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انسان جي وحشي جيوت مان مهذب پڻي تائين اوسر ماءُ جي ھنج کان ٿي آھي. ٿورو غور ڪجي ته اوائلي مرحلن ۾ مرد کي عقلي طور مُهذپڻي وارو دڳ عورت ئي ڏسيو. مرد جو گھڻو تڻو وقت شڪار ۽ ٻين سرگرمين ۾ گذرندو ھو ۽ اھا عورت ھئي، جنھن جي تخليقي ذھن زراعت جو وجود وڌو. جنھن کان پوءِ انسان کائڻ ۽ پھرڻ جي معاملي ۾ مھذب بڻيو ۽ اتان هڪ نئين مرحلي جي شروعات ٿي.
عورت نسلن جي مُستقبل جو تعين ڪندي آهي. هڪ عورت جي شعوري جاڳرتا ۽ آزاديءَ ۾ پوري قوم جو ڇوٽڪارو هوندو آهي، نسلن جي شعوري ارتقا جنهن جي شروعات هڪ عورت کان ئي ٿيندي آهي. عورت کي سماجي رشتن ۽ زرخيز سرگرمين کان روڪي چار ديواريءَ ۾ قيد ڪرڻ يعني ايندڙ زندگين جي شعور تي زنجير وجهڻ آهي.
آئون گهڻو ڪري ڪهاڻيون گهٽ ئي پَڙهندو آهيان، پر مُنهنجي مطالعي هيٺ ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو ڪتاب “ڀانڊارو” آهي. سندس ڪهاڻيون حقيقت نگاريءَ تي آڌاريل آهن. ياسمين چانڊيو پنهنجي تخليق ۾ جن موضوعن کي وائکو ڪيو آهي، گهڻو تڻو انهن جو تعلق ماضي جي حالتن سان ٺهڪي بيهي ٿو پر ايئن به ناهي ته انهن جي اهميت ناهي، جيئن انھن ۾ اڻپوريون محبتون، جهالت جي دريائن ۾ لڙهندڙ سڳن رشتن جا لاش، جيڪي ڪُڌين ريتن ۽ رسمن جي باهه ۾ پڻ سڙي رک ٿي ويا. اڻ برابري واريون شاديون، مردن جون ارڏايون، بي پرواهيون، محبت ۽ مذهب ۾ هٿ ٺوڪيون ڳالھيون ۽ انھن جي صحيح هجڻ تي نهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ، اهي سمورا موضوع ڪتاب ۾ ڪهاڻين جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا آهن.
ليکڪه جي هڪ سگهاري ڳالهه اها ٿي ڀانئجي ته هن وٽ موضوعن جي کوٽ ناهي، لکڻ جو ڏانءُ ۽ ڪهاڻي لکڻ جون فني خوبيون سندس ڪلا ۾ موجود آهن. هوءَ ڪردارن جي وڪيل ناهي بڻي، جو هڪ جنس جي حمايت ڪري ۽ مهر لڳائي ڇڏي. جتي هُن عورت کي ڪنزور ڏسيو آهي ته اتي مرد جا اهڙا رخ بيان ڪيا آهن جن ۾ هو مظلوم ئي رهيو آهي.
هڪ سُٺي ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟ ان سَوال جو جَواب مون وٽ ناهي، يا آئون ڏيڻ نٿو چاهيان. حقيقت اها آهي ته رُڳو لکڻ سان ماڻهو اديب يا ڪهاڻيڪار نٿو بڻجي وڃي، لکڻ لاءِ هڪ سگهارو پلاٽ، ڪردار نگاريءَ کي منظر نگاريءَ وسيلي پيش ڪري پڙهندڙ کي حقيقت جو احساس ڏيارڻ، واقعن ۽ وارداتن کي فني مهارت سان اڳتي وڌائي هڪ سڌي تسلسل ۾ منزل تي پهچائڻ سان ئي هڪ جاندار تخليق کي جنم ڏئي سگهجي ٿو.
حقيقت جو عڪس انهيءَ ۾ آهي ته سماج جي مختلف رازن، ريتن، رسمن، رواجن، لاڙن ۽ رخن کي ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۾ جاءِ ڏئي قلمبند ڪيو ويندو آهي، ۽ انسان جي انهن بدلجندڙ روين ڪردارن، احساسن، هلت چلت ۽ سوچن کي پنهنجي لکڻ جي ڪلا بخشي اُنهن کي لکڻيءَ جي روپ ۾ سماج آڏو رکڻ ئي هڪ ڪهاڻيءَ جي تخليق هوندي آهي.
جيڪڏهن سنڌي ادب کي ڏسجي ته ماضي ۾ اسان کي جن ڪهاڻيڪارن سٺيون ڪهاڻيون ڏئي سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو، انهن ۾ امر جليل، نسيم کرل، گوبند مالهي، جمال ابڙو، رسول ميمڻ ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي نالا شامل ڪري سگهن ٿا، جن ڪهاڻيءَ جي ارتقائي مرحلي ۾ پنهنجي پورهئي ذريعي هڪ وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ليکڪه موجوده سماج ۽ ماحول جي ڪردارن جي اُپٽار ڪري سماجي بيمارين کي وائکو ڪيو آهي. هڪ لکندڙ جي اها خوبي نرالي هوندي آهي ته هو طنز ۽ مزاح ڀريل طرزِ تحرير وسيلي سماج جي هر اونچ نيچ، ظُلم جبر، پيار مُحبت ۽ انساني نفسيات کي پنهنجي ادارڪ وسيلي خاڪو جوڙي پنهنجي تخيل کي سماج اڳيان رکيو آهي. مون کي لڳي ٿو ته اهي عنصر هن ڪتاب جو جاندار پاسو آهن.
جيئن هڪ ليکڪ غيرجاندار ٿي فقط سماج کي ئي پنهنجو موضوع بنائي لکندو آهي، بنسبت ڪنهن خاص تنظيم يا ٽولي جي باري ۾ ناهي لکندو. ايئن ئي هڪ پڙهندڙ کي به بنا ڪنهن ادبي ڌڙي جو حصو ٿيندي پنهنجي اها راءِ جوڙي جيڪا هُو تخليق ۾ محسوس ڪري. هاڻي ڪجهه ڪتاب جي ڪمزور پاسن کي به بيان ڪجي.
ڇا ادبي ٻولي ۽ عام ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ ۾ ڪو فرق آهي؟ ان سان لکڻيءَ تي ڪو اثر پوي ٿو؟ جيڪڏهن هڪ ليکڪ وٽ لفظن جو بحر آهي ته هو تشبيهون، استعارا ۽ جملن جي جوڙجڪ کي هڪ نئين نويلي ڪُنوار جيان سينگاري سگهي ٿو. ايئن هرگز ناهي ته ان کان سواءِ ڪجهه لکي نٿو سگهجي پر ايئن کڻي چَئون ته ٻوليءَ ۾ مهارت هُئڻ سان لکڻيءَ کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن، جنهن سان نثر ۾ هڪ پنهنجي مٺاڻ محسوس ٿئي ٿي. وڌيڪ ان ڳالهه کي نقاد ئي وائکو ڪرڻ جي قابل آهن. ڪتاب ۾ ٻولي ڪمزور ڀانئجي ٿي. پڙهڻ وقت ڄڻ اسان عام زندگيءَ واري ٻولي پڙهي رهيا هجون، جنهن ڪري نثري پاسي جي فني کوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ ان کي ڪنهن به حوالي سان ادبي ٻولي نٿا چئي سگهون.
ڪتاب جو ٻيو ڪمزور پهلو انگريزي لفظن جو گهڻو استعمال آهي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ توهان وٽ متبادل لفظ موجود آهن ته ڌاري ٻوليءَ بدران توهان کي مقامي ٻوليءَ کي ئي پنهنجي لکڻي ۾ ڪتب آڻڻ گُهرجي.
ڪتاب جا وڌيڪ ڪمزور پاسا ڪهڙا آهن، تنهن لاءِ آئون ايترو چوندس، جيئن ڪو به انسان ساڌو ناهي، ايئن ڪا به لکڻي آفاقي ناهي. ٻنهي کي سنوارڻ جي گُهرج پوندي رهي آهي. ٻنهي کي وقت سان گَڏ ماحول ۾ پاڻ کي موضوع بنائڻ لاءِ ڪافي شيون ڇڏڻيون ۽ اپنائڻيون پونديون آهن، بلڪل ايئن جيئن انسان ارتقا مان گذرندو آيو آهي ۽ ادب ۾ پڻ ديو مالائي قصن کان ويندي اڄ جي ڪهاڻي تائين جن ۾ هن وقت سماجي عڪس ۽ حقيقت چٽيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button