هڪ ٻه ڏينهن اول دنيا ۾ پهاڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. پاڻ کي مھذب سمجهندڙ ترقي يافته سرمائيدار دنيا، جنهن فطرت جي تباهي به پاڻ ڪئي آهي ته وري هاڻ فطرت جي رکوال به ٿيو هلي، تنهن ۾ پهاڙن جون ڄاڻايل ڏينهن تي ڪهڙيون پچارون ٿيون؟ تنهن جي ته پاڻ کي سُڌ ڪونهي ها البت سنڌ ۾ سائين الهه رکيي کوسي جهڙي فطرت جي عاشقن پاڻ کي اهو ضرور ياد ڏياريو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اهڙا ڏينهن ان ڪري ٻي معنيٰ آهن جو اتي پهاڙن کي وڏي بيرحمي سان پُرزا ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙن پهاڙن ۾ ڪارونجهر جهڙو حسين فطري ورثو به پُرزا ڪيو پيو وڃي. ۽ انهن ئي ڏينهن ۽ ٿر جي تباهي واري ڪول رٿا بابت پڻ جيڪي تازيون خبرون پهتيون، تن کي ڏسي پنهنجا اهي سُور ٻيڻا ٿيندي محسوس ٿيا، جيڪي سُور سنڌ جي قومي وسيلن تي قبضن جي حوالي سان آهن. ان ڪري پاڻ ان راءِ جا آهيون ته ٿر ۾ هاڻ ڪارونجهر جي تحفظ ۽ ڪول رٿا پاران جاري تباهي خلاف گڏيل جدوجهد جو وقت اچي ويو آهي ۽ اها جدوجهد ئي ٿر جي وسيلن توڙي فطري حُسن ۽ ماحول کي بچائي ٿي سگهي.
بهرحال اچو ته اوهان کي ڪول رٿا جي ڪَلوُرن بابت آگاهي ڏيون. ان ڏس ۾ تازي تصوير اها آهي ته ٿر ڪول بلاڪ ون جو سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر اڃان تائين ان بلاڪ جي گهيري ۾ آيل متاثر ماڻهن کي ڪي به حق نه ملي سگهيا آھن. بلاڪ ون ۾ ايندڙ ڳوٺ هونئن ته گهڻا آهن پر ڀاوي جو تڙ، شهمير وڪيو، کاريو غلام شاھه، سينهار وڪيو، وروائي ۽ تلوايو جهڙا ڳوٺ جيڪي ڪمپني کي ريسيٽل ڪرڻا هئا سو ڪم به رڳو صرف دلاسن ۽ آسرن ۾ رهجي ويو ۽ بلاڪ ون ۾ ايندڙ ڳوٺن جي گائوچر توڙي ڪيترين ئي زمينن تي بنا ڪنهن معاوضي قبضو ڪيو. ان کان سواءِ اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو ڪمپني اندر نالي ماتر به ڪوئي ڪاروبار ناهي. بس رڳو اٽي ۾ لوڻ برابر هيٺئين درجي واري مزدوري تي ڪجهھ ماڻهو لڳل آهن.
اهڙي صورتحال ۾ هڪ ٻيو انتهائي حساس نوعيت وارو معاملو ٿر ۾ انتهائي تيزي سان وڌندڙ ماحولياتي بگاڙ پڻ آهي. مثال طور ڪمپنيءَ طرفان مقامي آبادي جي پنج سئو ميٽر فاصلي تي جيڪو ڪول اوپن ڊمپ ٿيل آهي ۽ ڪول ڪرش پلانٽ پڻ ساڳي ئي پنڌ تي لڳايا ويا آهن، تنهن جي هاڃيڪار دز ۽ بَدبُوءِ ڳوٺاڻن جي زندگي ڄڻ زهر ڪري ڇڏي آهي. انهن هاڃيڪار اثرن جي نتيجي ۾ هڪ پاسي مال مري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ماڻهو مختلف بيمارين ۾ پڻ وڪوڙجي رهيا آهن. واضح رهي ته لاڳاپيل ڳوٺن جي وچ ۾ جيڪو مائيننگ جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، سو زهريلو پاڻي چوپايي مال، هر قسم جي جهنگلي جيوت، پکين پسوئن سميت هر جاندار لاءِ موت ثابت ٿي رهيو آهي ۽ هيستائين ڪئين جانور ان پاڻي ۾ ڦاسي يا اهو پاڻي پي مري ويا آھن.
هوڏانهن ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي گوڙاڻو ڊيم ۽ ڌڪڙڇو ڊيم جي متاثر آبادي جا سُور پڻ وڃن ٿا وڌندا. جنهن ۾ گوڙاڻو جي ڀر پاسي حجامن ۽ ڳوٺ ڪاٽڻ جي رهواسين کي نه رائلٽي ملي آهي ۽ نه وري کين روزگار ٿو ڏنو وڃي. ڪئين ڀيرا ڳوٺ ڪاٽڻ واسي سائيڊ آفيس بلاڪ ٽو تي چڪر هڻي هڻي ٿڪا آهن پر ڪو کڙ تيل نٿو نڪري. ساڳي ريت ڌڪڙڇو ڊيم ۾ جيڪي ڳوٺ اچن ٿا تن ڳوٺن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته کانئن جيئڻ جا وسيلا نه کسيا وڃن. هو چون ٿا ته گوڙاڻو باغ واري ڌوڪي کي ڏسي اسين اڳواٽ ئي سمجهي ويا آهيون ته اسان جو حال پڻ اهو ئي ٿيندو، جتي هزارن جي تعداد ۾ املهھ وڻ سڪي تباهھ ٿي ويا ۽ آسپاس جون زمينون سيلاب ڪري ويون، جڏھن ته مٺا کوھه کارا ٿي ويا آهن.
واضح ڪندا هلون ته بلاڪ ٽو جي ڳوٺ ڄامن سمون، ٻٽڙا، عمري جي ڍاڻي، کيمي جي ڍاڻي، ٿاريو هاليپوٽا، پابوهر هاليپوٽا جا رهواسي پڻ ساڳي ريت ڪول ڪمپنين جي زيادتين خلاف دانهي رهيا آهن. انهن سمورن ڳوٺن جو بنيادي مسئلو ڪمپني طرفان زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ نظر انداز ڪرڻ شامل آھي. مثال طور مڪان پاٻوھر جا سروي نمبر ڪُل 126 آهن جنهن مان لڳ ڀڳ 122 سروي نمبر ۽ سرڪاري زمين اڪوائر ڪري اصلوڪي مقامي آبادي کي انهن ڦٻايل زمينن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اٿن.
ھوڏانھن بلاڪ ٽو جي پاور پلانٽ جي چمني جي پاپِي پاڇي ۾ رهندڙ عمري جي ڍاڻي ۽ کيمي جي ڍاڻي جا متاثر ڳوٺاڻا پاڻي، بجلي، اسڪول ۽ روزگار کان محروم آهن. سڄي ڳوٺ ۾ فقط هڪڙو آر او پلانٽ آهي جيڪو صبح 9 وڳي کان شام 3 وڳي تائين هلندو آهي ۽ اتان جي آبادي لاءِ گهربل پاڻي پورو نٿو ڪري. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هو ڪئين ڀيرا دانهي چڪا آهن پر ڪير به سندن داد رسي نٿو ڪري. ڳوٺ کارو جاني، ڳوٺ ڄامن سمون بولو پاڙو جا رهواسي پڻ پاڻي ۽ روزگار کان محروم آهن، ۽ کين زمينن جا پئسا به ناهن مليا.
هاڻ اهي آهن ٿرڪول جي گهيري ۾ آيل مارو لوڪ جي حال جون اصل زميني حقيقتون جيڪي اتان جا متاثر ماڻهو پاڻ پنهنجي زباني ٻڌائين ٿا. هتي سوال آهي ته ڪارونجهر جهڙي عظيم تهذيبي ورثي ۽ ٿر جي زميني خزانن جي لُٽ ڪري، جيڪي قوتون سنڌ کان پنهنجي اصليت ئي کسي رهيون آهن، تن کي ڪيئن روڪجي؟ ته پوءِ پاڻ سدائين جيان هن ڀيري به اها ئي ڳالھه ڪنداسين ته سنڌ جي سمورين وطن دوست، ترقي پسند سياسي سماجي تنظيمن کي ٿر تي بنا دير ڌيان ڏيئي اتان جي انهن ماڻهن جو ڀرجهلو ٿيڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو ٿر جو ماحول، وسيلا ۽ فطري حسن بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سموري سنڌ جي ساڃاهه هن انتهائي حساس معاملي ۾ هڪ آواز ٿي مزاحمت جي ميدان ۾ لهي ٿي ته اسين ٿر کي وڌيڪ تباهي کان بچائي سگهون ٿا. تنهن ڪري اچو ٿر کي بچائڻ لاءِ گڏ ٿيون.