اهو 25 ڊسمبر 1991ع جو ڏينهن هو، جڏهن ڪريملن تان سوويت يونين جو هاري ۽ مزدور انقلاب جي علامت ڏاٽي ۽ هٿوڙي وارو سرخ پرچم لاهي، زارشاهيءَ روس جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو ته، سڄي سرمائيدار دنيا جشن ملهائيندي ۽ ان کي “ڪميونزم جو زوال” قرار ڏيندي چيو ته، “هاڻي هڪ اهڙي عالمي نظام جي شروعات ٿيندي، جيڪو سياسي جمهوريت ۽ معاشي آزادي تي ٻڌل هوندو.” اڄ ٽن ڏهاڪن جو عرصو گذرڻ باوجود انسانيت سياسي جمهوريت ۽ معاشي آزاديءَ جي جدوجهد ڪري رهي آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته، سرمائيداراڻو نيو ورلڊ آرڊر نه سياسي جمهوريت ڏئي سگهيو آهي نه ئي معاشي آزادي. حالت اها آهي جو اڄ گڏيل قومن جهڙي سامراج جي پڇ لٽڪائو اداري کي به چوڻو ٿو پئي ته، “رڳو ايشيا کنڊ اندر 50 ڪروڙ انسان بک جو شڪار آهن.” سچ اهو آهي ته، سوويت يونين جي زوال کان پوءِ جن جي گذر سفر جو بنياد پورهيو آهي، انهن جي زندگيءَ وڌ کان وڌ ڀوڳيو آهي. اڄ باقي دنيا اندر به بک، افلاس ۽ اڻبرابريءَ جو اهو ئي عالم آهي، جيڪو ايشيا اندر. سرمائيدار دنيا جا دانشور سامراجي سرمائيداراڻي نظام کي فطري ۽ ابدي نظام طور پيش ڪرڻ لاءِ ڀلي هزارين عذر پيش ڪن، پر ان کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته، ان “فطري” ۽ “ابدي” سماجي-معاشي نظام سوويت يونين جي زوال جي 31 سالن اندر انسانيت لاءِ جيڪي مسئلا پيدا ڪيا آهن، انهن انساني سماج ته ڇا پر هن سڄي ڌرتيءَ جي گولي جي بقاءَ لاءِ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
اولهه جي سرمائيدار ملڪن “ڪميونزم جي خطري” کان پنهنجي عوام کي جيڪي مراعتون ڏنيون هيون، سوشلسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ کان پوءِ اهي کسڻ جو سلسلو تيز ٿيو، جيڪو اڄ به پنهنجي پوري آب و تاب سان جاري آهي. بلڪ اڄ اڃا به وڌيڪ جارحاڻن قدمن وسيلي عوام جي حقن تي حملي آور ٿي رهيا آهن. کڻي انهن قدمن جي شروعات 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ نيولبرل سرمائيداريءَ جي والار سان ٿي، پر ان عوام جي وسيلن تي قبضي جي باقائده شڪل سوويت يونين جي زوال کان پوءِ ئي اختيار ڪئي. اڄوڪي سرمائيداري محنت ڪش عوام لاءِ جيئڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. تازو ئي پيرس ۾ اٿيل عوامي احتجاج جي لهر پاڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته، نيولبرل سرمائيداريءَ خلاف هاڻي ان جي مرڪزي ملڪن ۾ به وڏي پئماني تي عوامي تحريڪن جي جنم وٺڻ جو مسالو موجود آهي. سڄي اولهه اندر، يورپ کان امريڪا تائين، عوامي بئچيني پنهنجو اظهار ڪري رهي آهي. ان مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته، سوويت يونين جي زوال کان پوءِ سياسي جمهوريت ۽ معاشي آزاديءَ سميت جيڪي به دعوائون ڪيون ويون هيون، اهي عملي شڪل نه وٺي سگهيون آهن، اٽلندو هڪ پاسي سياسي جمهوريت کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي ته، ٻئي طرف معاشي آزاديون به کسيون پيون وڃن. اها سڄي دنيا ۾ صورتحال آهي ۽ سڄي دنيا جيان اولهه جي به صورتحال آهي، جو اولهه جي سامراجي جمهوريت وٽ اڻ اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ته جنگيون، علائقائي ٽڪراءُ ۽ معاشي بيٺڪيت ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي پر ان وٽ پنهنجي عوام کي ڏيڻ لاءِ به ڪجهه نه آهي، سواءِ بچتي قدمن جي!
اڄ امريڪا، جيڪا اسريل بورجوا معيشت آهي، اندر بي گهر ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي، جيڪو نه سون ۾ آهي، نه هزارن ۾ پر لکن ۾ آهي. مطلب ته، سرد جنگ ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي بعد هڪ قطبي دنيا جي شڪل وٺندڙ هيءَ نئون عالمي سامراجي نظام يا نيو ورلڊ آرڊر پاڻ انسانيت لاءِ وڏي ۾ وڏو مئسلو بڻجي چڪو آهي. وٽس دنيا جي محنت ڪش عوام کي سواءِ جنگين، فوجي ٽڪرائن، بک، افلاس، بيمارين ۽ غربت جي ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.
هاڻي اچجي دنيا جي پهرين سوشلسٽ انقلاب جي سرزمين روس ڏانهن، جتي 7 ڏهاڪن تائين سوشلزم هليو. پر اڄ اتان جي صورتحال به باقي دنيا کان ڪا مختلف نه آهي. اڄ پيوٽن جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري، روس اندر به سوشلزم جي پاپولرٽيءَ ۾ واڌ اچي رهي آهي. ايتري حد تائين جو اڄ روس جو 66 سيڪڙو عوام سوويت يونين ڏانهن موٽڻ چاهي ٿو. اها صورتحال ڪجهه وقت اڳ سامهون آئي جڏهن هڪ اداري لوادا پنهنجي سروي ڪئي ته، 66 سيڪڙو عوام سوويت يونين ڏانهن موٽڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پر اهو به سچ آهي ته، سوويت يونين ان ڪري نه ٽٽو هو ته، اها عوام جي خواهش هئي، پر سوويت حڪمرانن جا سرمائيداريءَ جي بحاليءَ لاءِ کڄندڙ اهي قدم هئا، جن سوويت يونين ۾ رد-انقلاب جي راهه هموار ڪئي. جنهن جي شروعات ڪامريڊ اسٽالن جي لاڏاڻي کان پوءِ ٿي هئي. اسٽالن جي موجودگيءَ تائين سوويت يونين نه رڳو پنهنجي عوام پر سڄي دنيا جي مزدور تحريڪن لاءِ وڏو ڏڍ هئي، اهو عالمي انقلاب جي سرواڻ ڪامريڊ اسٽالن جي حڪمت عملين جو ئي نتيجو هو جو، سڄي دنيا اندر قومي، عوامي ۽ جمهوري انقلابن جي هڪ لهر اٿي ۽ ان سامراج جي بيٺڪيتي نظام کي اونڌو ڪري ڇڏيو. پر جيئن ته رد-انقلاب انقلاب سان گڏ گڏ هلندا آهن، انهن جي فتحياب ٿيڻ جا سگهارا امڪان هوندا آهن، تنهنڪري، پورهيت انقلاب جي عظيم رهنما اسٽالن جي لاڏاڻي کان پوءِ خرشچيفي ٽولي جي سوويت اقتدار تي قبضي کان پوءِ رد-انقلابي قدمن جي شروعات ٿي، جيڪا گورباچيف جي گلاسنوسٽ ۽ پرستروئيڪا تي منتج ٿي. ان جي باوجود به جڏهن مارچ 1991ع ۾ سوويت يونين کي قائم رکڻ نه رکڻ بابت ريفرنڊم ٿيو ته، 75 سيڪڙو کان وڌيڪ سوويت عوام سوويت يونين جي بقاءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، پر جيئن ته ڪامريڊ اسٽالن جي لاڏاڻي کان پوءِ سوويت يونين جي ترميم پسند قيادت رد-انقلاب جا بنياد رکي ڇڏيا هئا، تنهنڪري 25 ڊسمبر 1991ع تي سوويت يونين ختم ٿي ۽ رد-انقلاب عارضي طور ڪامياب ٿي ويو.
هاڻي سوال وري به اهو آهي ته، سوويت يونين جي انهدام کان پوءِ جنهن دنيا جو واعدو ڪيو ويو هو، ڇا سامراجي درندن اهو واعدو پورو ڪيو؟ جواب بلڪل نفي ۾ آهي. اڄ دنيا عالمي سامراجي بگهڙن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي. هو جيئن چاهين ٿا، دنيا جي پرامن ملڪن کي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿا. جمهوريت ۽ انساني حقن جي نالي تي دنيا جي آزاد رياستن تي چڙهايون ڪري اتان جي لکين مظلوم عوام کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪن ٿا. تنهنڪري، اڄ سوويت يونين جي زوال جي 31 سالن کان پوءِ دنيا جتي بيٺي آهي، اتي ان وٽ وري به ٻه رستا بچن ٿا: سوشلزم يا بربريت!