پاڪستان ۾ مذهبي توڙي انتهاپسند جماعتون ملڪي سياست تي سدائين اثرانداز ٿينديون رهيون آهن. ان جو سبب رڳو اهو ناهي ته انهن جماعتن ملڪي سياست ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي پر ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته جنهن بنياد تي هي ملڪ ٺهيو هو، ان ۾ انهن پارٽين جي گهڻي گنجائش موجود آهي. جڏهن ملڪ هلائيندڙ اهو چون ته اهي پارٽيون “نظرياتي سرحدن” جون حفاظت ڪندڙ آهن ته پو اهڙين پارٽين لا سدائين نرمي اختيار ڪئي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي مراعتون به ملنديون ته انهن جا مطالبا به قبول ڪيا ويندا آهن. اهي مطالبا ڀلي رياست سان ٽڪرا ۾ ڇو نه هجن پر انهن کي مختلف وقتن تي حڪومتون قبول ڪنديون رهيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ انهن جو من ايترو ته وڌي ويندو آهي ته اهي جڏهن به چاهين ملڪ جو چرخو جام ڪري سگهن ٿيون.
آچر واري ڏينهن تي وفاقي حڪومت پاران تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي پابندي مڙهيل تنظيم واري خاني مان ڪڍيو ويو آهي ۽ ان کي ٻيون به ڪيتريون ئي رعايتون ڏنيون ويون آهن. انهن جا گرفتار ٿيل ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن، پارٽي سربراهه سعد رضوي کي به آزاد ڪيو ويندو. ان کانسوا اهي به امڪان آهن ته اها پارٽي چونڊن ۾ به حصو وٺي سگهندي. مذهبي هٿيار کي ملڪي سياست ۾ انهن پارٽين ته استعمال ڪيو آهي، جيڪي پاڻ کي مذهبي سياسي پارٽيون سمجهن ٿيون ۽ اهي مذهب کي سياست کان ڌار نٿيون سمجهن پر انهن سياسي پارٽين به استعمال ڪيو آهي، جيڪي پاڻ کي رڳو سياسي پارٽيون چونديون آهن.
پي ٽي آ جي حڪومت لاهور ۽ پنڊي ۾ لڳل تحريڪ لبيڪ واري ڌرڻي ۾ جهڙي ريت جوش ڏيکاريو هو ۽ سندس وزير هڪڙيون ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته وزير اعظم ڪي ٻيون ڳالهيون ڪري رهيو هو. ان وقت تاثر اهو پئي ڏنو ويو ته حڪومت ڪڏهن به تحريڪ لبيڪ کي ڪا رعايت نه ڏيندي ۽ نه ئي اها ان تان پابندي هٽائيندي پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ حڪومت تحريڪ ليبڪ آڏو گوڏا کوڙي ورتا، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته تحريڪ ليبڪ حڪومت کان زور آهي ۽ ان جيڪي ڪجهه ماڻڻ چاهيو ٿي اهو ماڻي ورتو آهي. ٻنهي ڌرين (حڪومت ۽ تحريڪ ليبڪ) ۾ ٿيل معاهدي کي ڳجهو رکيو ويو آهي، جنهن لا چيو پيو وڃي ته اهو قومي مفاد جي ڪري ڪيو ويو آهي. هونئن ته جنگبندي وارو اصطلاح بارڊر تي موجود وڙهندڙ فوجن لا استعمال ڪيو ويندو آهي پر هتي تحريڪ لبيڪ لا به اهو ساڳيو اصطلاح استعمال ڪيو پيو وڃي.
ڏُٺو وڃي ته هي حڪومت جي شڪست آهي. پهرين چيو ويو ته تحريڪ لبيڪ هٿياربند ٽولو آهي ۽ ان کي ڀارت کان فنڊنگ ٿي رهي آهي، جنهن کي ڀارت ميدان ۾لاٿو آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال هئي ته پو تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ ڀارت جهڙي ملڪ مان فنڊنگ وٺندڙ ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت کي غدار سمجهيو ويندو آهي. نواز شريف رڳو مودي سان ملاقات ڪرڻ جو سوچيندو هو ته هن لا چيو ويندو هو ته جيڪو مودي جو يار آهي، سو غدار آهي پر هتي ته بقول فواد چوڌري سڄي جي سڄي پارٽي ئي ڀارت کان فنڊنگ وٺي رهي هئي ته اها هڪ محب وطن پارٽي ڪيئن بڻجي وئي.
هاڻ جڏهن تحريڪ لبيڪ تان سڀئي مصيبتون ٽري ويون آهن ته اهي پارٽيون جن تي رياستي بندشون آهن، اهي به مطالبو ڪري سگهن ٿيون ته انهن تي پابندي ڇو لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ اهڙو اظهار ايم ڪيو ايم ڪيو به آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي حڪومت کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي هٽي سگهي ٿي ته پو ايم ڪيو ايم ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ان جون آفيسون اڃا تائين بند لڳيون پيون آهن. ايم ڪيو ايم تي به اهي ساڳيا الزام هئا، جيڪي تحريڪ لبيڪ تي لڳايا ويا آهن. ملڪ ۾ ويڙهاڪ تنظيمن تي پابنديون لڳل آهن، جن ۾ بلوچ ۽ سنڌي ويڙهاڪ تنظيمون به شامل آهن. پر انهن کي اهڙيون رعايتون ملڻ ته پري جي ڳالهه ان تي سوچي به نٿو سگهجي. ڪهڙي پارٽي وطن دوست ۽ ڪهڙي پارٽي وطن دشمن آهي، اهو طئي ڪرڻ جا پئمانا به الڳ الڳ آهن. حڪومتي ڌر يا اصل واڳ ڌڻي جنهن کي اهو سرٽيفڪيٽ ڏين، اهو انهن جو فيصلو هوندو.
ڇا هن فيصلي کان پو اهو طئي نه ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ سيڪيولر ۽ ترقي پسند سياسي پارٽين لا اڃا به رستا سوڙها ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هن وقت به اقتدار ۾ پي ٽي آ جهڙي پارٽي موجود آهي، جيڪا پنهنجي مزاج ۾ هڪ انتهاپسند پارٽي آهي. سندس سربراهه مديني جي رياست جي ڳالهه ته ڪري ٿو پر هن جي بيان ڪيل رياست بلڪل ان جي ابتڙ آهي. جنهن ۾ نه انصاف آهي، نه عوام لا روزگار آهي ۽ نه ئي عوام لا سستي ماني آهي. پي ٽي آ فطري طور تحريڪ لبيڪ جي بهترين اتحادي پارٽي ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي جا مزاج ڪافي معاملن ۾ هڪجهڙا آهن.
پاڪستان اڄ به ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهي. هر اجلاس ۾ پاڪستان کي اهو آسرو هوندو آهي ته ان کي گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو پر هر ڀيري اهو گري لسٽ ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ انتهاپسند تنظيمن کي ائين ڇوٽ ڏني ويندي آهي ۽ اهي ملڪي سياست ۾ ارهه زورائي وسيلي پنهنجا مطالبا مڃرائينديون رهنديون ته ڇا پاڪستان گري لسٽ مان نڪري سگهندو. ان لا ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ پابنديون لڳڻ جا امڪان گهٽجي ويندا؟ ان سان ملڪي سطح تي سياسي مفاد ماڻي سگهجن ٿا پر عالمي سطح تي وڌيڪ ڏکيائيون پاڪستان لا منتظر هونديون.
سڄي ڌرڻي دوران حڪومتي رٽ ڪيئن ناڪام نظر آئي ۽ ان کانسوا حڪومتي وزير ڪيترو پريشان رهيا، اهو سڀڪجهه عوام ڌرڻي وارن ڏينهن ۾ ڏٺو. ڇا نظرياتي سرحدن جي حفاظت رڳو ڪو انتهاپسند گروپ ئي ڪري سگهي ٿو. حڪومت يا ان جا ادارا ايترا ڪمزور ٿي ويا آهن جو اهي ان معاملي کي سنڀالي نٿا سگهن. جيڪڏهن اها رعايت هڪ اهڙي جماعت کي ملي سگهي ٿي، جيڪا حڪومت لا مٿي جو سور رهي آهي ته پو انهن سياسي پارٽين يا ويڙهاڪ تنظيمن جي باري ۾ حڪومت جو ڇا خيال آهي، جيڪي اها دعوى ڪن ٿيون ته اهي پنهنجن حقن لا ويڙهه پيون ڪن.