ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽي لپ لاءِ پريشان عوام

Editorial

جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي اهل ناهي ته پوءِ عوام تي حڪومت ڪرڻ جي اهل ناهي. اها ڀلي ڪيتريون به دعوائون ڪري پر جيستائين عوام لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن کي ڪنٽرول نٿي ڪري ۽ نه ئي انهن کي اهي شيون سستي اگهه تي فراهم ڪري ٿي، تيستائين اها حڪومت ڪنهن به ريت عوامي مفادن واري حڪومت نٿي چئي سگهجي. سڄي دنيا ۾ هڪ اهو طبقو آهي، جيڪو شيون يا جنسون پيدا ڪندو آهي ۽ ٻيو طبقو واهپيدار آهي. جيڪڏهن جنس پيدا ڪندڙ طبقي تي معاشي بار وڌو ويندو ته اهو پنهنجي جنس مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندو ۽ ان جو بار وري واهپيدار جي کيسي تي پوندو آهي. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي پر ڇا ان زراعت جو فائدو عوام کي پهچي رهيو آهي. جتي سستو اٽو ملڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي، اتي جيڪڏهن لکين مڻ ڪڻڪ به ٿيندي هجي ته ان سان عوام کي ڪهڙُو فائدو. ملڪ ۾ اٽو ايترو مهانگو ڪيو ويو آهي جو عوام اٽي لپ لاءِ سڪي رهيو آهي، جنهن جي ڪري عوام رڳو اهو سوچي رهيو آهي ته هو پنهنجن ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني ڪيئن کارائي. ان کان وڏي مهانگائيءَ جي مار ٻي ڪهڙِي ٿي سگهي جو اٽي جو اڌ مڻ 2500 رپيا ٿي ويو آهي.
سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اٽي جي اگهه ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مهانگائيءَ جي عذاب کي منهن ڏيندڙ غريب ماڻهو وڌيڪ تڪليفن ۾ اچي ويا آهن. جڏهن ته سرڪار مسلسل ڪن لاٽار ڪندي لاتعلق بڻيل آهي. مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لا ڪنهن به قسم جو ڪو نوٽيس نه ورتو نه ئي ڪو تدارڪ ڪيو آهي. ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ اٽي جي قيمت ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي. هن وقت 20 ڪلو اٽو 2 هزار 500 رپين سان تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب تازي هفتي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 100 رپين تائين وڌيڪ مهانگي ٿي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۾ في ڪلو اٽو 125 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جي قيمت اسلام آباد ۽ حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ تقريبن 100 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هفتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ نوٽ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ترتيب وار 2 هزار 500، 2 هزار 420 ۽ 2 هزار 320 رپين جي ٿي وئي آهي. اهڙي ريت بنون، پشاور، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۽ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ ترتيب وار 40 رپيا، 70 رپيا، 50 رپيا ۽ 40 رپيا واڌ ٿي. هوڏانهن اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1295 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. هوڏانهن جي شهرين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته اٽو مهانگو وڪرو ڪندڙ چڪي مالڪن ۽ واپارين خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪري عوام کي رليف مهيا ڪيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هي حڪومت جي نااهلي آهي جو اها ڪنهن به ريت اٽي جا اگهه ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهي. اٽو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ عوام جي پهچ کان پري پيو ٿيندو وڃي. حڪومت ٻيون ته شيون سستيون نٿي ڪري سگهي، گهٽ ۾ گهٽ اٽو ته سستو ڪري. کاڌي پيتي جون ڪجهه ٻيون شيون سستيون ڪري ته جيئن عوام کي ماني ته کائڻ لاءِ ملي سگهي. پر هن وقت تائين حڪومت اهو سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي ته اٽو هر ماڻهو جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو مهانگو ٿي ٿو وڃي ته اٽي مان ٺهندڙ ٻيون ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿي وينديون. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اٽي جي اگهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ في ڪلو اٽو ايترو سستو ڪيو وڃي جو غريب غربو وٺي سگهي. اهو بکن کان بچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button