محترمه بينظير ڀٽو 8 سال جبري جلاوطنيءَ کان پوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپس پهتي ته ڪراچيءَ ۾ عوام جو سمنڊ اُٿلي پيو هو. ان ڏينهن ماڻهن ۾ هڪ نعرو سڀ کان وڌيڪ بلند ٿي رهيو هو. اهو نعرو هو “ماروي ملير جي بينظير، بينظير، بينظير” هي نعرو ماڻهن جو پنهنجو تخليق ڪيل هو. پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت جي ڪري ماڻهن ئي شهيد بي بيءَ کي ملير جي مارويءَ جو خطاب ڏنو هو.
ماروي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ شاعريءَ جو اهو ڪردار آهي، جيڪو وطن ۽ وطن جي ماڻهن سان محبت جو استعارو آهي. هي ڪردار ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ادب ۾ نه آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار مارويءَ جي ٻوليءَ ۾ ڪندا آهن. ٿر جي غريب خاندان جي ماروي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ واپس وڃڻ لاءِ بادشاهه عمر سومري جي محلات ۾ عيش ۽ آرام جي زندگيءَ کي ٺڪرائي ڇڏيو هو. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي عمر ۽ مارويءَ جي داستان کي سر عمر مارويءَ ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌ جا ماڻهو حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو هي بيت مستي ۽ سرشاريءَ ۾ پڙهندا رهندا آهن، جنهن ۾ ماروي بادشاهه عمر سومرو کي مخاطب ٿيندي آهي ته “مان جيڪڏهن پنهنجي ديس ملير کان پري تنهنجي ديس ۾ مري وڃان ته اي عمر ڪوٽ جا بادشاهه منهنجو لاش ملير موڪلي ڇڏجانءِ، جيڪڏهن منهنجو لاش ملير پهچي ويو ته مان سمجهي ويندم ته مون کي نئون جنم ملي ويو.
وطن سان محبت جو استعارو مارويءَ کان پوءِ هاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو آهي. هوءَ فقط سنڌي ٻوليءَ جي ئي نه بلڪه پاڪستان ۾ ڳالهائيندڙ هر ٻوليءَ جي شاعريءَ جو اهو ڪردار بڻجي وئي آهي، جنهن ذريعي وطن سان محبت جو اظهار ڪيو ويندو. شهيد بي بي پاڻ بادشاهن جي خاندان سان واسطو رکندي هئي. هوءَ سون جو چمچو وات ۾ کڻي پيدا ٿي هئي. هن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ جان قربان ڪري ڇڏي. شهيد بي بي وطن جي حب سبب واپس اچي رهي هئي ته هن کي نه رڳو اندازو پر يقين هو ته کيس قتل ڪيو ويندو. جڏهن 18 ۽ 19 آڪٽوبر 2007ع واري رات سندس استقبال ڪندڙ ميڙ ۾ هن جي ٽرڪ جي سامهون بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 2 سو کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿيا ته اهو يقين پختو ٿي ويو ته پاڪستان ۽ عوام دشمن قوتون کيس هر حال ۾ قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. ايتري وڏي سانحي کان پوءِ 19 آڪٽوبر تي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس دوران جڏهن ان کان پڇيو ويو ته “ڇا توهان هاڻي به پاڪستان ۾ رهي چونڊ مهم هلائيندئو؟” ته شهيد بي بي بنا ڪنهن وقفي جي گرجدار آواز ۾ چيو ته “اهي ماڻهو به اهوئي چاهين ٿا ته مان چونڊ مهم نه هلايان ۽ واپس هلي وڃان. اهي ماڻهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿئي پر هاڻي جيڪڏهن جمهوريت بحال نه ٿي ته پاڪستان لاءِ خطرا وڌي ويندا. مان پنهنجن ماڻهن سان گڏ رهندم.” ايتري قدر بهادري ۽ دليريءَ جو تاريخ ۾ ڪوئي مثال نٿو ملي. 18 آڪٽوبر واري سانحي کان پوءِ هر جلسي عام کي خطاب ڪندي شهيد بي بي هي جملو ضرور چيو هو ته “اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ ماڻهن سان گڏ آهي.” 27 ڊسمبر 2007ع تي هن ماڻهن جي وچ ۾ پنهنجي زندگيءَ جا آخري پساهه کنيا ۽ شهيد ٿي وئي.
شعوري طور موت کي قبول ڪرڻ ڪوئي آسان ڪم نه آهي. هي اهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا، جيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي محسوس ڪري سگهندا آهن. پنهنجي ڪتاب “مفاهمت” ۾ هڪ جاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي ته “مان پنهنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جو عذاب برداشت ڪيو هو ۽ خبر هئي ته روح جا اهڙا زخم ڪڏهن به ناهن ڀرجي سگهندا. پنهنجي والد جي موت تي جيڪا تڪليف مون برداشت ڪئي، ان کان پنهنجي ٻارن کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهيس پئي. مان پنهنجي ماڻهن کي نٿي ڇڏي سگهان.”
شهيد بي بيءَ کي پنهنجي ٻارن سان محبت هئي. هوءَ پنهنجي موت کان پنهنجي ٻارن کي ان تڪليف ۾ نه پئي وجهڻ چاهي. جنهن تڪليف جو هوءَ پنهنجي والد شهيد ڀٽو جي موت سبب تڪليف جو شڪار ٿي. پر شهيد بي بي پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت جو اهو ثبوت ڏنو ته تاريخ ۾ هر وطن پرست ۽ عوام دوست ان تي فخر ڪندو رهندو.
تلگو ٻوليءَ جي عظيم شاعر ششدر شرما وطن ۽ ماڻهن سان محبت جي فلسفي کي هڪ وڏي نظم ۾ بيان ڪيو آهي. ان نظم جو ترجمو “منهنجي ڌرتي، منهنجا ماڻهو” جي عنوان سان ڪيو ويو آهي. اهو ئي نظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سوچ ۽ فلسفي جو بهترين اظهار آهي. شهيد بي بي پاڻ به انگريزيءَ ۾ هڪ وڏو نظم لکيو هو، جنهن جي هڪ مصرع هي آهي. “مان به هڪ ماروي آهيان پنهنجن ماڻهن جي.”
شهيد بي بيءَ جو ملڪ ملير سڄي سنڌ ماٿري آهي. ان جو ملڪ ملير سنڌ به آهي، پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان به آهي. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير به آهي. اهو سبب آهي جو 18 آڪٽوبر 2007ع تي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ڪابه ٻوليءَ ڳالهائيندڙ هڪ ئي نعرو هڻي رهيا هئا. “ماروي ملير جي- بينظير بينظير.”
اهو ماروي ئي ٻڌائي سگهي ٿي ته مٽيءَ جي محبت ۾ سڀ ڪجهه ڪيئن قربان ڪيو ويندو آهي. مٽيءَ سان هي اهڙي محبت آهي، جيڪا ماروي ۽ ملير جو تعلق آهي، اهڙي ريت بينظير ۽ پاڪستان جو رشتو آهي. سمورو پاڪستان ملير آهي ۽ بينظير ان جي ماروي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي هر ٻولي ۾ ڌرتي ۽ ماڻهن سان محبت جو استعارو آهي. هوءَ نه فقط ادب ۽ شاعريءَ جو عظيم ڪردار آهي بلڪه پاڪستان جي تاريخ جو فخر آهي.