بينظير ڀٽو جي شخصيت ائين ھئي، جيئن بھار جي مند!
لطيف لکيو آھي:
”ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھھ، اچي بوءِ بھار جي“
اھي الڳ ئي انسان ھوندا آھن، جن مان بسنت جي رت جي خوشبوءِ ايندي آھي. بينظير اھڙن خوبصورت انسانن مان ھڪ ھئي. پر ان ۾ ھن جو پنھنجو ڪو ذاتي ڪوشش ڀريو ڪردار نھ ھو.
سنڌ ۽ ايران جي سنگم مان جنم وٺندڙ بينظير ۾ سنڌ جو سڳنڌ بھ ھو ۽ اھو ڪجھھ بھ ھو، جيڪو ايران ۽ ايران جي عاليشان شھر اصفحان جي بھار ۾ ھوندو آھي. ھن جي مٽي موھن جي دڙي جي ھئي. جنھن جي باري ۾ ھن جو والد ھن کي ھر وقت پيو احساس ڏياريندو ھو. ھن کي جيل مان اماڻيل خطن ۾ بھ ھو لکي موڪليندو ھو تھ ”تون ھڪ عظيم ثقافت جي وارث آھين“ پر عظيم ثقافت صرف سنڌ تائين محدود نھ ھئي. عظيم ثقافت جي امين ايران جي اھا سرزمين بھ آھي، جيڪا ھن مھل ڀلي مذھبي جبر جي ھيٺ ھجي پر ڪڏھن ان ملڪ جا مئھ خانا ۽ مئھ پرست، انھن جا سھڻا ساقي ۽ انھن جا سج چنڊ جھڙ اجرا پيالا ۽ انھن جا حسين جسمن کي لرزائيندڙ رقص، انھن جون جنگيون، انھن جا جنون ۽ انھن جون تصويرون ۽ انھن جا تراشيل مجسما ۽ سڀ کان وڌيڪ ھن جي دلربا شاعري!! حافظ، عمر خيام ۽ قرت العين طاھره! ڇا ڇا نھ رھيو آھي، ايران وٽ!! ڪڏھن ڪڏھن تھ محسوس ٿيندو آھي تھ ڄڻ ايران جو قومي پس منظر ڪا حقيقي تاريخ نھ ھجي پر ھڪ تخليق ڪيل قصو ھجي. ڪا فينٽسي (Fantasy) ھجي.
ھڪ طرف ايران تمام گھڻو حسين ھو ۽ ٻي طرف ذوالفقار علي ڀٽو تمام گھڻو باذوق ھو. ان حسن ۽ حسن پرستيءَ گڏجي ”ڀٽو خاندان“ جو بنياد وڌو. ان حوالي سان بينظير ڀٽو جي شخصيت ۾ اھا ڪشش پيدا ٿي، جيڪا ڀونئور ۽ ڪنول جي گل ۾ ھوندي آھي. پر ان ”حسن اتفاق“ جو سھرو بينظير ڀٽو جي سر مٿان ناھي. اھو ڪارنامو ھن جي والد سرانجام ڏنو. جيڪڏھن ذوالفقار علي ڀٽو ايران جي نصرت اصفحانيءَ سان شادي نھ ڪري ھا تھ اھو خاندان سنڌ جي ھزارن ۽ لکن ڀٽن جيان ڀٽڪندو رھي ھا ۽ ان ۾ قطعي طور تي اھا ڪشش پيدا نھ ٿئي ھا، جيڪا اڌ صديءَ کان وٺي پاڪستان جي ”پھچان“ بڻجي رھي آھي.
ڀٽي خاندان جي خوبين ۽ خوبصورتين جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ئي ملڻ گھرجي ۽ ان سلسلي ۾ اھا ڳالھھ بھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ڀٽي خاندان اھو خوبصورت ٻار پيدا نھ ڪيو، جنھن جو نالو بينظير ھو. پر زيڊ اي ڀٽو جا سمورا ٻار مجموعي طور تي سڀ کان وڌيڪ پيارا نيارا ھئا. ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ بينظير ڀٽو خوبصورت شخصيت جي مالڪ ھئي پر ڇا ھن جو ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو ڪنھن کان گھٽ ھو؟ جيڪڏھن ايمانداريءَ سان ڏٺو وڃي تھ پنھنجي ڪشش ۽ پنھنجي حسين وجاھت ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي وڏي ڀيڻ کان ٻھ نھ پر ٻارنھن رتيون سرس ھو. افسوس تھ ھن جي جوانيءَ جي جھلڪ کان ھي ديس گھڻي ڀاڱي محروم رھيو.
سو! ان حوالي سان سونھن جي سلسلي ۾ ڀٽو خاندان جا ٻار پنھنجي والدين جا شڪرگذار ھجڻ گھرجن. ڇو تھ سنڌ ۽ ايران جي پيوندڪاريءَ وارو ڪارنامو صرف زيڊ اي ڀٽو سرانجام ڏنو ھو.
۽ اھا ڳالھھ صرف ظاھري سونھن تائين محدود ناھي. پر اھا سونھن جيڪا اسڪن ڊيپ (Skin Deep) ھوندي آھي. اھا سونھن جيڪا ڪنھن شخص جي شخصيت جي اڻ ڳڻين پھلوئن مان پڌري ٿيندي آھي، اھا سونھن بھ ان ماحول جي پيداوار ھئي، جيڪو ماحول ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي خاندان کي ڏنو. اھو گھر ھاڻي بھ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو عجائب گھر آھي، جنھن گھر ۾ صرف خوبصورت ۽ ڪشادي لان نھ ھئي پر ان ۾ ديس وديس جا من موھن ٻوٽا بھ ھئا. اھي گل به ھئا، جن جا ٻج فرانس ۽ اٽليءَ مان ھو پاڻ وٺي ايندو ھو. ان گھر جو آرڪيٽيڪچر جيڪو ھن دور جي فرينچ آرڪيٽيڪٽ ڊزائين ڪيو ھو ۽ اھي در دريون ۽ اھي فرش ۽ ديوران تي ڪاٺ جا ڪم ۽ اھي سفيد ماربل ۽ انھن جي خاص ڊزائن، اھو سڀ سٺو ھو ۽ اھو ڪجھھ ٻين گهرن ۾ بھ ھو پر ٻين گھرن ۾ اھا لائبريري نھ ھئي ۽ نھ آھي، جيڪا صرف ذوق مطالعھ جو نمونو پيش ڪرڻ لاءِ قائم نھ ڪئي وئي پر اھا لائبريري واقعي بھ ھن ملڪ جي انھن ڪجھھ چونڊ ڪتب خانن مان ھڪ آھي، جنھن ۾ ويھي مطالعھ ڪري سمجھي سگھجي ٿو تھ ھي ديس ڇا آھي؟ ھي ديس ڇا ٿو چاھي؟؟
ڪنھن گھر کي مخصوص ماحول فراھم ڪرڻ جي سلسلي ۾ صرف ڪتاب ڪافي نھ ھوندا آھن. ڪتابن جو وجود پيسو (Passive) ھوندو آھي. ھڪ خاندان جي شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ھوندو آھي، گھر جي ڀاتين جو پاڻ ۾ تعلق ۽ ان گھر ۾ ايندڙ مھمانن کي ملندڙ تھذيب ڀريو تڪلف!! اھي خوبيون نھايت خوبصورت طرح سان ڀٽو خاندان جي شخصيت ۾ ايئن ٽاڪجي ويون، جيئن ڪنواري ڪپڙي مٿان شيشي جا ڪاوا ٽاڪايا ويندا آھن.
بينظير ڀٽو جي حوالي سان اسان کي اھا ڳالھھ بھ ذھن نشين ڪرڻي پوندي تھ ھوءَ پنھنجي پيءُ جي وڏ ور ڌيءَ ھئي. ھوءَ پنھنجي خاندان جو پھريون ٻار ھئي. ان ڪري ان طرف سموري خاندان جو پيار ۽ پاٻوھھ ڀريو لاڙو نھايت لازمي ھو. ان پيار ۽ ان اھميت جا بھ بينظير جي شخصيت تي اثر پيا. ھن تي غيرملڪي مھمانن، انگريز ۽ جرمن سفارتڪارن ۽ پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ پنھنجو ڪو جوڙ ۽ ثاني نھ رکندڙ مھمانن جو محبت ڀريو رويو بھ شامل ھو. ان ۾ اھا اھميت بھ ھئي، جيڪا ھڪ پاپولر وزير اعظم جي سنھڙي سياڻي ڌيءَ ۾ ھجڻ گھرجي. خاص طور تي ان حوالي سان جڏھن ھن جو والد ھن کي پاڻ سان اھم غيرملڪي دورن ۾ وٺي ويندو ھو. ان کان سواءِ جنھن دور ۾ بينظير ڀٽو سميت ذوالفقار علي ڀٽو جا ٻار وڌي ويجھي رھيا ھئا. اھو ستر جي ڏھاڪي جو سھڻو ۽ سرڪش دور ڪنھن بھ طور تي فراموش ڪري سگھڻ جھڙو ناھي. اھي گيت، اھي سنگيت، اھي گوريلا، اھي باغي رويا ۽ انقلاب جا آواز!! اھو سڀ ڪجھھ ڪنھن جادو نگريءَ کان گھٽ نھ ھو.
ان طلسماتي شام مان پرگھٽ ٿيا ھئا، ڀٽي فيمليءَ جا ٻار ۽ انھن ٻارن جي مھندار انھن جي وڏي ڀيڻ بينظير ڀٽو ھئي. ان حوالي سان بينظير ڀٽو ۾ اھي سموريون خوبيون ھيون، جيڪي ھڪ انسان جي شخصيت کي خوبصورت بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏينديون آھن.
بينظير ڀٽو پنھنجي خانداني پسمنظر سبب تمام گھڻي سھڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري ھئي ۽ جيڪڏھن ھن ۾ بھادري بھ ھئي تھ اھا بھادري ھن جو خانداني گڻ ھئي. ڇو تھ اھا سونھن ۽ سرڪشي صرف بينظير تائين محدود نھ ھئي. ان سلسلي ۾ اھو نھ ھو، جنھن کي ڀٽائيءَ ان بيت جي سٽ ۾ سمائي پيش ڪيو آھي تھ:
”مٽي ان مڪان، اصل ھئي ايتري“
صنم ڀٽو، ننڍي ۽ نھايت حساس ڇوڪري ھئي. ان جو مثال ڪجھھ مختلف ٿي سگھي ٿو. پر بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاھنواز ڀٽو پنھنجي جوھر ۾ ڀٽي خاندان جا مثالي ٻار ھئا. خوبصورت ۽ خطرن سان کيڏڻ وارا ۽ اھا ونڊ مير مرتضيٰ ۽ شاھنواز ۾ وڌيڪ آئي پر ائين بلڪل بھ ناھي تھ ڪو بينظير ان مان بنھھ محروم رھي.
بينظير ڀٽو جي شخصيت ۾ ھڪ طرح جي من موھه ڪشش ھئي. ھن جي شخصيت ۾ تمام گھڻي عوام دوستي ۽ انسان دوستي ھئي. ۽ ھن جي سياست ۾ بھ پنھنجي طرز جي بغاوت ھئي پر اھا ابتدا ۾ ھئي.
سياست جي حوالي سان اسان بينظير ڀٽو کي ٻن دورن ۾ ديکي سگھون ٿا. ھڪ دور بينظير جي شاديءَ کان اڳ وارو ۽ ٻيو دور بينظير جي شاديءَ جو پوءِ وارو!!
بينظير جي ذاتي شخصيت ۾ تھ ھڪ قسم جو سحر ھو پر ھن جي سياسي شخصيت سبب ھن جي حياتيءَ ۾ ئي ھن کان ھن جا جذباتي ساٿي الڳ ٿيڻ لڳا ھئا. ڇو تھ ھن مٿان ھن جي گھر واري آصف زرداريءَ جو گھڻي کان گھڻو اثر ٿيندو ويو. ان حد تائين جو بينظير سان ملاقات لاءِ آيل ڪيترائي معتبر اڳواڻ آصف زرداريءَ سان ملي ھڪ طرح جو توھين آميز احساس محسوس ڪندا ھئا ۽ انھن ۾ ھڪ قسم جو پڇتاءُ بھ پيدا ٿي پوندو ھو.
بينظير ڀٽو جي سياسي شخصيت مٿان جيڪڏھن ڪنھن شخص منفي اثر وڌو تھ اھو شخص آصف زرداري ھو. اھو آصف زرداري جيڪو اھي شرط قبول ڪري بينظير جو جيون ساٿي بڻيو ھو تھ ھو ڪنھن بھ طرح سان سياست ۾ مداخلت نھ ڪندو پر ھن جي مداخلت پيپلز پارٽيءَ جو اھو حشر ڪري ڇڏيو جو ان مان اھو ڏنگ ئي نڪري ويو، جيڪو ھن پارٽيءَ جي سڃاڻ سمجھيو ويندو ھو.
بينظير ڀٽو کي ميان نواز شريف جھڙي سياست اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ وارو ڪردار ڪنھن جو ھو؟ اھو سوال سياست جي پرائمري پيپر جو سڀ کان سولو ۽ آسان جواب آھي. گوريلي مان صحافي ۽ صحافيءَ مان پي سي بي جو ڪامورو ٿي ويندڙ پنجاب جو اڳوڻو وزير اعليٰ نجم سيٺيءَ جي گھر واري جگنو محسن، بينظير ڀٽو جي تمام پياري ۽ بي تڪلف دوست ھئي. جگنو محسن پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ چيو آھي تھ اھو سڀ ڪجھھ منھنجي لاءِ تمام گھڻي تڪليف وارو عمل ھو، جڏھن بينظير ڀٽو پنھنجي ماضيءَ جي سياست کي خير آباد چئي ميان نواز شريف جھڙي سياست جو رستو اپنائڻ جو اعلان ڪري رھي ھئي. اھو اعلان جگنوءَ محسن ان وقت ٻڌو جڏھن ھوءَ پنھنجي گھر جي ڊرائينگ روم ۾ پنھنجي فخر جوڳي دوست لاءِ ڪافي ٺاھي رھي ھئي.
بينظير ڀٽو جي شخصيت سدائين وڻندڙ رھي. ھن جي ذاتي شخصيت جو آخر تائين صحافين مٿان اثر پيو رھيو پر جڏھن بھ سياست جي ڳالھھ ايندي ھئي، تڏھن بينظير جي پرستارن جي ڳلن مٿان ڳوڙھا ڳڙي پوندا ھئا. ڇو تھ ھن جي ذاتي شخصيت جيتري وڻندڙ ھئي، ھن جي سياسي شخصيت ايتري ئي اڻ وڻندڙ ھئي. بينظير ڀٽو پنھنجي ذاتي شخصيت ۽ پنھنجي سياسي شخصيت ۾ تمام گھڻو تضاد رکندڙ شخصيت ھئي.
افسوس! تھ اھو تضاد جدلياتي بھ نھ ھو.