ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شيخ اياز جي شاعري: صدين جي صدا

Editorial-Article - Noor Jinjhi

رومي سائين شاعريءَ کي سنيھي پھچائڻ جو جُز سمجھي ٿو ڇو تھ ان وسيلي انساني ذھن جي ڪُل جو اظھارڻ جيترو ڀاڱو بيان ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنھن نھ سنيھي کي ٻُڌندڙن ۽ پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. ھونئن بھ شاعري انساني تخليق جي اظھار جي اھم ذريعن مان ھڪڙو اھم وسيلو آھي، جنھن سان ھن پنھنجي ھر انھي ذھني سوچ ولوڙ کي ڪا نھ ڪا صورت ڏيئي ٻين تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ھو ڪنھن حد تائين انھي ڪوشش ۾ سوڀارو بھ ٿيو آھي. شاعري جتي انساني خيال جو واھڻ آھي، اُتي ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي حسين دستاويز بندي پُڻ آھي. شاعريءَ جا انساني فڪر جي منتقليءَ تي انيڪ احسان آھن. شاعري وسيلي نھ رڳو انساني فڪر منتقل ٿئي ٿو پر ان سان انسان جي جاڳرتا کي اُتساهه ملي ٿو ۽ انساني شعور انھي مان مھميز ماڻي اجاڳر ٿئي ٿو. اھي ڳالھيون آھن جيڪي شاعريءَ کي زمانن جو ضمير ۽ صدين جي صدا بڻائين ٿيون. سنڌ جي پئرس سڏجندڙ دلربا شھر شڪارپور ۾ 2 مارچ 1923ع تي شيخ غلام حسين جي گھر ۾ اک کوليندڙ شيخ اياز بھ دنيا جي انھن اھم شاعرن مان آھي، جن انساني جاڳرتا جي جوت کي جياريو آھي ۽ وري اڳتي وڌايو آھي. سندس شاعري ڀلي اکين جي آرزو مان نڪتي ھجي پر اھا پنھنجي سرلتا ماڻيندي، سمائجي صدين جي صدا ٿي چُڪي آھي؛
اکيون آرزوئون، اکيون التجائون
اکيون يار تنھنجون صدين جون صدائون
صدين جي صدائن جو اھو ساھس کيس پنھنجي اڳئين فڪري ورثي مان پڻ مليو. شيخ اياز جنھن سماج ۾ اک کولي اُتي ڪتاب ھئا، مطالعو ھو، شاعري ھئي، عشق ھو، سونھن ھئي، انقلاب جي ورونھن ھئي. مطلب تھ انيڪ تصور ھئا جن اھڙي خيال جي باغ کي پاڻي ڏيئي وڏو ڪرڻ چاھيو ٿي جيڪو اڳتي ھلي، ماضيءَ جي شاندار شاعراڻي ۽ لسانياتي ورثي جو وارث ٿئي جيڪا واٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي دور ۽ ان کان اڳ واري ورثي جي مھندارن شاهه ڪريم، قاضي قادن، شاهه لطف اللھ قادري، ميين شاهه عنات، خواجھ محمد زمان لنواريءَ واري ۽ ٻي لوڪ ورثي کي اڀياسي، مثنوي توڙي ٻئي رائج علمي ورثي کي ڀيٽي، سنڌ جي فڪري نديءَ تي پنھنجي واٽ پُل جيان ٺاھي ھئي، جيئن نھ رڳو اھا واٽ ھمعصر ماڻھن کي فڪري طور اُڪاري پار ڪرڻ جو ڪم ڏئي پر ايندڙ پيڙھيون بھ نيل نديءَ تي ٺھيل پُل جيان ان سنڌي شاعريءَ جي پُل وسيلي فڪر جي نديءَ تان اُڪري پار ٿين.
شيخ اياز وٽ ڏياوان ڏات ھئي. سندس شروعاتي مطالعو بھ وسيع ھو. ھن فارسي ۽ انگريزي شاعريءَ جو ڳوڙھو اڀياس ڪيو ھو جنھن سندس خيال کي اُجاريو پر جڏھن ھن ڀٽائي کي پڙھيو، ڀٽائي جي شاعريءَ جو اردو منظوم ترجمو ڪيو تھ مٿس جيڪو راز کُليو، ان راز سندس شاعريءَ کي امر بڻائي ايندڙ زمانن لاءِ امرت جي شڪل ڏيئي ڇڏي. اھڙو اظھار ھن پاڻ بھ ڪيو آھي. شيخ اياز جي شاعري سنڌي فڪري ورثي جو اھم مثال ۽ ڀٽائي جي تخليقي اُپاج جو تسلسل آھي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري انھي فڪري ميدان ۾ پنڌ ڪري ٿي جيڪو ميدان ڀٽائي موکيو ھو جنھن ميدان ۾ سنڌ جي سُڪار جي جتي دعا آھي، اُتي عالم جي آباديءَ جي گھڻگھرائي پڻ آھي.
عالم پسنديءَ جي انھي فڪر شيخ اياز کي بھ متاثر ڪيو ھو ۽ ھن بھ پنھنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ کي نھ رڳو پنھنجي وڃاڻل ورثي يعني ننڍي کنڊ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي ھُئي پر ان سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي گولي جي سڀني حصن کي جوڙڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي ھئي. سندس خيال ۾ اھا ڳالھھ يقيني ھُئي تھ عالم جو امن گڏيل بقا ۾ آھي. جھيڙا جنگيون انساني ذھن جي خرمغزي ۽ خناس آھن، جيڪو کيس ڪوري ڪڍڻ گھرجي ۽ دنيا کي امن جو ھندورو بنائڻ انسان جي ئي ھٿ ۾ آھي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو اساس عشق تي آھي جيئن لطيف جي شاعريءَ جو آھي. ھو پنھنجي شاعريءَ کي دلبر دوستيءَ کان شروع ڪندي ديس دوستيءَ تائين وٺي اچي ٿو، جتان اڳتي ھو انسان دوستيءَ جي ڳالھھ ڳائي ٿو. امن جي نيئنڊ ڏي ٿو. دنيا کي جنگين جي پاڳلپڻي کان پاسو ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿو. شيخ اياز جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ سندس ڏات سان گڏ جتي سنڌي ڪلاسيڪي ورثو آھي، تتي سنڌي لوڪ ادب جي شاھوڪاريءَ جا جرڪندڙ موتي پڻ نظر اچن ٿا. ھن لوڪ شاعري کان متاثر ٿي نوان لوڪ گيت پڻ سرجيا جيئن ھمرچو، ڪرھليو وغيره. انھن ٽنھي ڌارائن کان سواءِ سندس شاعري ۾ اھو وسيع مطالعو نظر اچي ٿو جنھن ۾ ڪتابن، دستاويزي فلمن ۽ ڪچھرين سان گڏوگڏ اھو ڳوڙھو مشاھدو نظر اچي ٿو، جيڪو ھن مختلف علائقا يا ملڪ گھمي ماڻيو يا وري “فوجداري مقدمن” جي وڪيل جي حيثيت ۾ ماڻھن جي نفسيات جي اڀياس مان حاصل ڪيو. سير سفر دوران ھو جتي بھ وڃي ٿو، اُتي جي ڪلاونت ماڻھن سان ملڻ سان گڏوگڏ عام زندگيءَ جو مشاھدو بھ ڪري ٿو. جيئن ٿر جي سفر دوران کيس ٿر جي غريب ماڻھن جي حالت جو ادراڪ ٿيو ھو تھ ڪيئن بلا جي ڪکيل مريض، تپيل مريض، ويم وارين عورتن کي ڏورانھن ھنڌن کڻي وڃڻ لاءِ ڪھڙين مشڪلاتن مان پار پوڻو پوي ٿو. ڦوڪڻيون يا پيئڻيون ڪيئن ٿري ماڻھن جي زندگي کسي وٺن ٿيون. ٿر کيس ايراني قالين جھڙو لڳي ٿو. تڏھن تھ ھو ٻيو جنم بھ انھي دلبر ديس ۾ وٺڻ چاھي ٿو.
ھن شروع کان وٺي ھڪڙو جنگين انقلابن ۽ سياسي اُٿل پٿل جو زمانو اڀياسيو ھو ۽ انھن سڀني مطالعن جو مٿس اثر ھو، خاص طور روس ۾ ۽ اوڀر يورپ ۾ آيل ڪميونسٽ انقلابن جو. ھو انھن انقلابن کي پسند ڪندو ھو پر انھن نظرين جي انڌي تقليد ڪرڻ جو انڪاري ھو. سندس پاران ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون ۾ روس ۾ ٿيل پيريسٽرائيڪا ۽ گلاسنوسٽ بابت بحث سندس سياسي تدبر ۽ شعور جي نشاندھي ڪري ٿو، جيڪو کيس سياست سان جوانيءَ کان لاڳاپي ھئڻ ڪري مليو ھو. ھن دنيا جي سياسي نظرين جو ڳوڙھو اڀياس ڪيو ھو. ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي قبضي، ڪانگريس جي ٺھڻ، مسلم ليگ جي نروار ٿيڻ، ايم اين راءِ جي ريڊيڪل پارٽيءَ جي حشو ڪيولراماڻيءَ جي سياسي فڪر، سباس چندر بوس جي ھٿيار بند جدوجھد جھڙن سڀني لاڙن جو اونھو اڀياس ھو ۽ سڀ کان وڌيڪ تھ ھو شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جو سرگرم حصو بھ رھيو. انھن سڀني ڳالھين منجھس سياسي تجزيي جي اُتم سگھھ پيدا ڪئي ۽ ھن جيڪي سياسي ڇيد ڪيا آھن، سي گھڻا سنڌي ڏاھا نھ ڪري سگھيا. سندس شاعري توڙي ادبي قد ڪاٺ بابت مختلف راءِ ان وقت جُڙڻ شروع ٿي. جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو. اھا ڀُٽي جي ڏات شناسي ھئي يا سياسي چال پر ان سان شيخ اياز جو ھڪڙو نئون تعارف ھڪڙي منتظم طور ٿيو جنھن بابت بحث جاري آھي. شاعر سُٺو منتظم ھجي اھو ضروري ناھي پر زنده قومون پنھنجي شاعرن جو قدر ڪنديون آھن ۽ سدائين مان مٿانھون رکنديون آھن.
شيخ اياز جي ھر پھلوءَ تي اڀياس ٿيڻ گھرجي پر سندس سُڃاڻپ ھڪ شاعر ۽ ليکڪ جي آھي جنھن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڌيان جي گھرج آھي. سندس شاعري توڙي نثر کي سطحي ڳالھين کي سامھون رکندي ايئن رد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي جيئن سندس انقلابي شاعريءَ کي پڙھي مذھبي بنياد پرست مٿس الزام ھڻندا ھئا، جنھن جي نتيجي ۾ سندس شاھڪار ڪتاب پڻ پابندين ھيٺ آيا. اھا ساڳي روش سندس دعائن بابت وري انھن ساڳين ماڻھن جي آئي جيڪي شيخ اياز جي اوائلي شاعريءَ جي بچاءُ ۾ سندس وڪيل ٿي بيٺل ھئا. شيخ اياز انھن ٻنھي انتھائن کان اڳتي قدم وڌائي بيٺل اھڙو ڏات ڌڻي آھي جنھن سموري تنقيد کي نظرانداز ڪندي پنھنجي ذھني توڙي فڪري آزاديءَ جو ڀرپور استعمال ڪندي املھھ شاعري تخليق ڪئي، جنھن ۾ دنيا جا اھم ترين موضوع بحث ھيٺ آيل آھن. ھو پنھنجي ٽي او آر ۾ ڏاڍو چٽو نظر اچي ٿو. تصوف جو سندس شاعري ۽ لکتن تي اثر آھي پر ھو تصوف جي سڀني سلسلن جي ڇنڊڇاڻ ڪري انھن جي منجھيل پاسن بابت ڳوڙھا سوال ڪري ٿو. ھن تصوف جي وحدت الوجود کي پنھنجي شاعريءَ ۾ تاريخي داستانن بابت سنڌ جي وحدت الوجود سان ڳنڍيو، سندس ذھن ۾ ھڪڙا نيارا سوال ھئا جن جا جواب ڳولڻ لاءِ ھن دنيا جي شعر، ادب ۽ سياست جي ڦلھور ڪئي ۽ جيڪي جواب کيس نھ مليا، تن بابت ھن پاڻ جواب جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنھن مان وري نوان سوال اُڀرن ٿا، جيڪي ايندڙ پيڙھي کي اڳتي وٺي ھلن ٿا.
ھو اردو جو ڀڙ شاعر ھو. سندس پھريان مجموعا بھ اردوءَ ۾ آھن پر جڏھن کيس اھو مناسب لڳي تھ ھو سنڌي ماڻھوءَ لاءِ لکي ٿو تھ ھن سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. ھن پنھنجي نج ۽ نيڪ نيتي واري طبيعت سان سنڌ سان پيار ڪيو، عالم سان الفت جو پيچ پاتو ۽ انسان جي آجپي، سرھائيءَ ۽ امن جا ڳيت ڳايا. سنڌ جي سڀني جاگرافيائي ڀاڱن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ شعوري ڌارا سان ڳايو ۽ آجپي جي واٽ ڏيکاري. امن آشتي ۽ آجپي جي شاعري سرجيندڙ شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ لسانياتي جماليات جي بھ اعلى چوٽين کي ڇُھيو آھي. سندس شاعري معنى جا بي بھا موتي آڇي ٿي، جن کي ڳڻ ڳوت بين الاقومي سطح جي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button