ھر حڪومت پاڻ کان اڳ واري حڪومت مٿان اھو الزام لڳائڻ پنھنجو بنيادي فرض سمجھندي آھي تھ “اڳوڻي حڪومت ملڪي معيشت کي تباهھ ۽ برباد ڪري وئي آھي” ھن حڪومت جي سرواڻ ميان شھباز شريف جي ان بيان تي ڪنھن بھ قسم جي حيرت نھ ٿيڻ گھرجي تھ عمران خان معيشت کي تباھھ ڪري ويو آھي. جڏھن تھ عمران خان جي دعويٰ ھن حڪومت جي برعڪس آھي. عمران خان ھر تقرير ۽ ھر انٽرويو ۾ اھو بيان ڪرڻ ضروري سمجھندو آھي تھ ھن جي حڪومت دوران ملڪ ترقي ڪري رھيو ھو ۽ نھ رڳو ملڪ ترقي ڪري رھيو ھو پر پاڪستان جي تاريخ ۾ اھڙي ترقي نھ ڏٺي وئي ھئي. جڏھن تھ عمران خان پاڻ بھ اقتدار ۾ اچڻ شرط مسلم ليگ ن جي اڳوڻي حڪومت مٿان نھ رڳو تبصرا پر تبرا بھ ڪندو رھيو ھو ۽ ھن مھل جڏھن بقول عمران خان جي ھو سياسي طور تي فيلڊنگ ڪري رھيو آھي ۽ بيٽنگ حڪومت جي ھٿ ۾ آھي تھ ھن جي گذريل حڪومت مٿان ھاڻوڪي حڪومت جي تنقيد ھڪ عام ڳالھھ سمجھڻ گھرجي.
پاڪستان ۾ اھا روايت رھندي آئي تھ ھر پارٽي پنھنجي اقتدار واري وقت کي ملڪي تاريخ جو سونھري وقت قرار ڏيندي رھي آھي. ھن وقت جيڪڏھن پيپلز پارٽيءَ کان پڇا ڪيو وڃي تھ ھن جو بھ اھو ئي موقف ھوندو تھ ھن جي حڪومت ملڪ کي تباھيءَ جي ڪناري تان بچائي ڪنڌيءَ ڪيو ھو. جيڪڏھن اھو ڪجھھ پيپلز پارٽي نھ ڪري ھا تھ پاڪستان کي ناقابل تلافي نقصان تھ ھر حال ۾ ٿئي ھا. پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ جڏھن حڪومتي وارو ميان نواز شريف کي مليو تھ ميان نواز شريف سڀ کان اڳ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت مٿان مسلسل ڇوھھ ڇنڊيندو رھيو ۽ اھو چوندو رھيو تھ جيڪو ڪجھھ پيپلز پارٽيءَ پاڪستان سان ڪيو آھي، اھو ڪجھھ ڪو دشمن بھ ملڪ سان نھ پئي ڪري سگھيو. ان کان پوءِ عدالت پاران ميان نواز شريف کي نااھل قرار ڏنو ويو. ھن جي پارٽيءَ جي حڪومت ھئي پر ھو حڪمران نھ ھو. ھن جي جاءِ تي شاھه خاقان عباسيءَ جي سربراھيءَ ۾ ملڪ ھلندو رھيو ۽ جڏھن حڪومت جو مدو پورو ٿيو ۽ اليڪشن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي تھ ميان نواز شريف نھ صرف عمران خان جي مٿان ڇتي تنقيد ڪندو رھيو پر ان سان گڏ پنھنجي حڪومت جي تعريف ڪندي اھو بھ چوندي ٻڌو ويو تھ مسلم ليگ ن جي حڪومت ملڪ مان تارڪيون ختم ڪري رھي ھئي ۽ ملڪي تاريخ ۾ ڊالر اھڙي اگھھ تي ھو، جنھن جو ماضيءَ ۾ ڪو مثال بھ موجود ناھي. پر ھن کي بھ اھا شڪايت ھئي تھ آخر ھن جي بھترين حڪمرانيءَ کي ڇو ختم ڪيو ويو؟ جڏھن تھ حڪومت ھن جي پارٽيءَ جي ھئي پر اسان جا سياستدان ھر شيءَ پنھنجي ذاتي مفاد جي بنياد تي پرکيندا آھن. جيڪڏھن نواز شريف اقتدار ۾ نھ ھو تھ ان جو مطلب اھو ھو تھ ملڪ سنئين دڳ تي نھ ھو.
نواز شريف جي حڪومت کان پوءِ عمران خان جي حڪومت آئي ۽ ھن نھ صرف پنھنجن پراڻن ڪيل واعدن مان ڪنھن بھ ھڪ مٿان عمل نھ ڪيو پر ان کان سواءِ ھو بھ ملڪي سياست جي مقدس تاريخ کي ورجائيندي ميان نواز شريف جي حڪومت کي ملڪ جي لاءِ برباديءَ جو سامان سڏڻ لڳو ھو. جڏھن تھ ھن جي حڪومت مٿان ھن جي مخالفن جون اھي ئي تھمتون ھيون. پر ھو پنھنجي حڪومت کي ان وقت بھ مثالي حڪومت قرار ڏئي رھيو ھو، جڏھن ھو برسراقتدار ھو ۽ ھاڻي بھ ھو پنھنجي حڪومت جي ساراھھ ڪندي نھ ٿو ڍاپي. جڏھن تھ ھن جي حڪومت مٿان تازو ميان شھباز شريف جيڪو ڪجھھ بھ چيو آھي، اھو ڪنھن نھ ڪنھن ميڊيا جي معرفت عوام تائين پھتو ھوندو.
گذريل حڪومتن جي مٿان تنقيد ۽ پنھنجي اڳوڻي حڪومت کي ملڪ جي عاليشان ۽ مثالي حڪومت قرار ڏيڻ وارو عمل اڳ بھ جاري ھو ۽ ھاڻي بھ جاري آھي. پر سوال اھو ناھي تھ ڪنھن جي حڪومت ڪيتري مثبت ۽ ڪيتري منفي ھئي؟ اھم سوال اھو آھي تھ آخر عوام کي ڪنھن بھ حڪومت ۾ ملڪ جي معاشرتي ۽ خاص طور تي ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ ايترو فرق ڇو نھ محسوس ٿيو، جيترو فرق ٿيڻ کپندو ھو. اھا تمام افسوسناڪ ڳالھھ آھي تھ عوام ڪنھن بھ حڪومت جو ھم خيال ناھي. پوءِ اھا حڪومت ماضيءَ جي هجي يا حال جي! ان سان ڪو بھ فرق نھ ٿو پوي. سياستدانن جي متضاد بيانن مان اھو محسوس ٿيندو رھيو آھي تھ ڄڻ تھ عوام ۽ سياستدان الڳ الڳ دنيائن ۾ رھن ٿا. اھا حقيقت آھي تھ ھڪ ملڪ ۾ ھوندي بھ سياستدانن ۽ عوام جون دنيائون الڳ الڳ رھيون آھن. ڇو تھ عوام جنھن عذاب ۾ رھي ٿو، ان عذاب جو سياستدانن کي تر جيترو بھ اندازو ناھي. انھن جي لاءِ حڪومت ۾ ھوندي تھ فل عياشي ھوندي آھي پر جيڪڏھن ھو حڪومت ۾ نھ ھوندا آھن تھ پوءِ بھ ھو عياشيءَ کان مڪمل طور تي محروم نھ ھوندا آھن. انھن وٽ ايتري دولت ۽ ايترا وسيلا ھجن ٿا جو انھن کي ڪنھن بھ طرح سان اھو احساس نھ ٿو رھي تھ ملڪ ۾ مھانگائيءَ جي صورتحال ڪيتري نھ ڳنڀير بڻجي وئي آھي.
ھن وقت ملڪ جي معاشي صورتحال جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجھھ بھ موجود آھي، اھو ڪجھھ عوام کان ڪنھن بھ طور تي ڳجھو ڪونھي. عوام کي ڪروڙين اکيون آھن ۽ عوام ھر شيءَ جي سلسلي ۾ اھو ڪجھھ ڏسي رھيو آھي تھ ملڪي معاشيات سان ڇا ٿي رھيو آھي؟ ان ڳالھھ جو اھو مطلب ھرگز ناھي تھ ڪو عوام معاشي ماھر آھي. عوام اقتصاديات جو ڊاڪٽر ناھي. پر اھو بھ سچ آھي تھ عوام جيترو شديد ۽ جيترو گھڻي وقت وارو معاشي عذاب ڀوڳيو آھي، ان مان گذرڻ بعد ھن کي معلوم ٿي ويو آھي تھ معاشي مصيبت ڪھڙي پکيءَ جو نالو آھي؟
عوام معاشي ڊاڪٽر نھ پر معاشي مريض آھي ۽ مريض کي معلوم ھوندو آھي تھ سور ڇا ھوندو آھي ۽ سور جي شدت ڇا ٿيندي آھي؟ سور جي تمام تلخ ڪيفيت مان گذرڻ وارو اسان جو ملڪ ۽ ان ملڪ جا ماڻھو ھاڻي بھ مھانگائيءَ جي طوفان ۾ ڪک پن بڻجي اڏامي رھيا آھن پر ان جو مطلب اھو ھرگز نھ ھجڻ گھرجي تھ ڪو عوام ڪنھن ھڪ پارٽيءَ سان بيھي ٻي پارٽيءَ جي مٿان تنقيد جا تير وسائي. ھر حڪومت جو انداز الڳ الڳ ٿي سگھي ٿو پر ھر حڪومت جو عوام لاءِ مھانگائيءَ وارو روپ ساڳيو آھي. ان روپ ۾ جيڪا رھزني آھي. ان روپ ۾ جيڪا تڪليف آھي، ان جو احساس اسان جي حڪمرانن کي ڪڏھن بھ ٿي نه ٿو سگھي. ڇو تھ سياستدانن ۽ عوام جي وچ ۾ جيڪو طبقاتي فرق آھي، اھو فرق ئي اصل حقيقت کي عيان ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪافي آھي. اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ اصل ڳالھھ ڪو ھڪ چھرو يا ھڪ فرد جو نالو ۽ ھن جي پارٽيءَ جو نعرو نھ ھوندي آھي پر اصل ڳالھھ اھا ھوندي آھي تھ جنھن طبقي سان عوام جو تعلق ھوندو آھي ۽ جنھن طبقي سان حڪمرانن جو تعلق ھوندو آھي، انھن ٻن طبقن ۾ تمام گھڻو فرق ھوندو آھي. اھو فرق ايترو تھ گھڻو ۽ شديد ھوندو آھي جو ان کي سان ڪنھن بھ طرح سان نظرانداز ڪري نھ ٿا سگھون.
ھر انسان کي اھو حق حاصل آھي تھ ھو پنھنجي عقل ۽ پنھنجي سمجھھ جي مطابق ڪنھن کي ڪجھھ بھ سمجھي پر ڪجھھ حقيقتون اھڙيون ھونديون آھن، جن کان شديد ترين مخالف بھ انڪار ڪري نھ ٿو سگھي. انھن حقيقتن مان ھڪ حقيقت طبقو بھ آھي. ھر انسان کي اھو حق آھي تھ طبقاتي سياست ۽ طبقاتي سوچ کي ٺاھي سنواري پيش ڪرڻ واري عظيم فلسفي ۽ ڏاھي ڪارل مارڪس جي لاءِ ڪھڙي بھ سوچ رکي پر اھا حقيقت آھي تھ مارڪس معاشري جي سائنس بيان ڪندي، جيڪو سچ لکيو آھي، ان سچ کي ھن مھل تائين بھ ڪو چئلينج ڪري نھ ٿو سگھي. ڇو تھ ڪارل مارڪس پاران پيش ڪيل ڳالھيون ۽ انھن ڳالھين جي حق ۾ ھن جيڪي مادي ۽ سائنسي دليل پيش ڪيا، انھن مان ڪنھن کي بھ جديد سائنس رد نھ ڪيو آھي.
اھي نظريا جيڪا بظاھر سياسي ھوندا ھئا، انھن نظرين پاران پيش ٿيل دليل ۽ ثبوت ٻڌي ان نظرئي جا مخالف بھ اهو مڃين ٿا تھ ڪارل مارڪس سياست کي سائنس بڻائي پيش ڪيو آھي. ھن سياست ۽ تاريخ جو جيڪو تحرڪ ڏيکاريو آھي، اھو ھن وقت تائين ٻيو ڪنھن بھ نھ ٻڌايو آھي. سياست ۽ سماج جي ٻين معاملن ۾ مارڪسزم مڪمل طور تي سائنسي رويو اپنايو، ان ڪري ڪالھھ بھ ۽ اڄ بھ ان نظرئي کي “سائنسي سوشلزم” ڪوٺيو. ڇو تھ اھو ڪو جذباتي يا انسان جي اندر ۾ موجود ڪا اھڙي امنگ نھ آھي، جنھن جي ڄمار وقتي ھجي. سوشلزم ھڪ سائنسي نظريو آھي ۽ اھو اسان کي سمجھائي ٿو تھ مٿين طبقي کي ڪڏھن بھ ھيٺين طبقي جي مٿان رحم نھ ايندو آھي ۽ نھ وري مٿيون طبقو ھيٺين طبقي جي احساسن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪري سگھندو آھي.
پاڪستان جو معاشرو طبقاتي معاشرو آھي ۽ ھن معاشري ۾ عوام جي مٿان جيڪو مھانگائيءَ جو بار پيل آھي، ان بار جو وزن عوام محسوس ڪري ٿو. جڏھن تھ سياستدانن وٽ تھ صرف انگ اکر آھن. اھي انگ اکر جيڪي عام ماڻھوءَ کي ڪنھن بھ طرح سان سمجھھ ۾ نھ ايندا آھن ۽ جيڪڏھن عوام جي ڪنھن حصي کي انگن اکرن جي حقيقت جو پتو بھ پئجي وڃي، تڏھن بھ ھر ڌر جو معاشي انگن اکرن جي سلسلي ۾ الڳ الڳ موقف آھي ۽ ڪا بھ ڌر ٻي ڌر جي ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونھي. اھڙي طرح اسان ھڪ اھڙي ورھايل معاشري ۾ رھون ٿا، جنھن ۾ ھر سياسي ڌر جي الڳ الڳ ٻولي آھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ عوام جي ٻولي ساڳي آھي. ڇو تھ عوام جي ٻوليءَ ۾ درد آھي. عوام جي ٻوليءَ ۾ دانھن آھي. عوام جو پاڻ ۾ جيڪو درد جو رشتو آھي، اھو انھن جون دوريون ختم ڪري ڇڏي ٿو. عوام جو اجتماعي ۽ گڏيل موقف اھو آھي تھ ملڪ جي معاشي ميدان ۾ عوام لاءِ ھر ڏينھن نوان عذاب آھن.