2010ع واري مھاٻوڏ ۽ تباھي کانپوءِ سنڌ سونھاري ھڪ دفعو وري 2022ع ۾ ھڪ وڏي مھاٻوڏ، برساتن ۽ انتظامي تباھي جو شڪار ٿي پنھنجي وجود تي اڻ مٽ نشان پسيا آھن جيڪي جاگرافيائي ۽ زميني حدن ۾ تھ ياد رھندا پر ماڻھن جي قسمتن تي جيڪي ڏک ۽ پيڙا جون لڪيرون جڙيون انھن جا نشان ھميشھ رھندا. جيڪي وجود صفحھ ھستيءِ تان ميسارجي ويا ۽ جيڪو معاشي نقصان ٿيو ان جو ازالو ڪڏھن بھ شايد نھ ٿي سگھي. اھو تسلسل ڪو نئون ناھي. مثال طور ورھاڱي واري وڍ کانپوءِ شھر سنڌ کان کسجي ويا ٻاھراڙيون درندن ۽ ڦورو وڏيرن جي حوالي ٿيون. آمر مشرف جي دور ۾ مرندڙ ۽ پوين پساھن ۾ ويندڙ جاگيرداري ۽ وڏيرڪي نظام کي وري ھٿي ڏئي ساھه ڦوڪي جياريو ويو، گھر گھر کي ويڙھايو ويو، ڪائونسلري، ناظمي جي چڪرن ماڻھن کي طاقت جي نشي جون اھڙيون ستيون پياريون جنھن مان اڃا تائين ھي قوم نھ نڪتي آھي. ٻين صوبن ۾ تعليمي شعور ۽ انتظامي بھتري جي ڪري مقامي حڪومتي نظام مان ماڻھن فائدا ورتا پر سنڌ جھڙي پٺتي پيل ۽ شعوري حڪمراني جي بد انتظامي ۽ نا اھلي جي ڪري ابتو نقصان پئي ڀوڳيو آھي. اڃا اھو سلسلو جاري آھي. اھو سلسلو ٻٽي مقامي نظام کان ويندي ڪووڊ 19 تائين آيو، سنڌ اھي مصيبتون بھ ڀوڳيون تھ 6 جون واري تحريڪ اڀري جنھن ۾ سنڌ سموري ھڪ آواز ٿي اٿي بيٺي ھئي، ماڻھو پاڻ مرادو پنھنجي مرضي ۽ ڌرتي جي شعور پٽاندڙ نڪري پيا ھئا پر قيادت جي بحران ھيڏي وڏي شعوري مزاحمت کي شھه ڏئي ويھاري ڇڏيو ۽ ماڻھو ھڪ وڏي اجتماعي سڏ ۽ جدوجھد واري رستي تان ھڪ پاسي ٿي ويھجي ويا. گذريل سال ئي مھاٻوڏ جي نتيجي ۾ سنڌ جي غريبن جيڪا دربدري ڏٺي جيڪا بک ۽ بد حالي ڏٺي، جيڪي سور سٺا ۽ جيڪي حڪمرانن ۽ ڏاڍن جا ڪلور محسوس ڪيا اھي زخم اڃا تازه بيٺا آھن. ماڻھن جي اجھن جو اڃا ڪو بندوبست نھ ٿيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اچڻ کان پوءِ سموري ملڪ جا قرضا ريشيڊيول ٿي ويا. ھڪ ڏيوالي ٿيندڙ ملڪ کي ھڪ سال جو ڀرپور معاشي آڪسيجن مليو پر سنڌ جي ماڻھن لاءِ اھي ئي ڪارا وارا ڪک آھن. ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو چٽي طرح دنيا جي ڊونر ايجنسين ان ڪري مدد ڪرڻ کان انڪار پئي ڪيو تھ امدادي مال ۽ دولت اصل حقدارن تائين پھچي ئي ڪونھ ٿي، امدادي ڪمن ۾ تمام گھڻيون ھٿرادو رڪاوٽون وڌيون پئي ويون يا سندن ڏنل امداد وري بھ طاقتور ماڻھن جي ھٿن ۾ چڙھي غريب ۽ حقدار تائين نٿي پھتي. ھاڻ اھا بد عنوائي ۽ ڪرپشن آف ريڪارڊ ڳالهھ کان اڳتي وڌي دنيا جي ميڊيائي چئنلز تي سرعام ٿيڻ لڳيون. اھو بھ سرعام چيو ٿي ويو تھ جيڪڏھن ھڪڙيون مصيبتون ڀوڳيل قوم وري وري انھي مصيبت ۾ اچي ٿي انھن جا حڪمران پاڻ وري ڪو مستقل بندوبست ڪرڻ جو ارادو بھ نٿا رکن نڪي وٽن ڪا لانگ ٽرم پاليسي نڪي ايندڙ سالن جو ويزن آھن نھ تھ دنيا جو سڌريل قومون يا سجاڳ قومون ويندي بنگلاديش جھڙي ملڪ جا حڪمران بھ پنھنجي جاگرافيائي حالتن، بدلجندڙ ماحولياتي تبديلين سبب پنھنجو بندوبست ڪري ويھندا آھن پر ھن ملڪ جي حڪمرانن وٽ اھڙي ڪا بھ ڳالهھ نھ آھي.
ڏئي وٺي پاڻ جيڪا ڳالهھ ڪريون ٿا اُھا اِھائي آھي تھ ھڪ دفعو وري سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي، ھٿرادو انتظامي طور ٻوڏ ۽ برساتن جو شڪار بڻائي عالمي ادارن مان ملڪ جو قرضو ريشيڊيول ڪرايو ويو، نوان قرضا ورتا ويا سموري ملڪ جا خزانا ڀريا ويا پر ان مان جائز حصو نھ مليو تھ عام سنڌي ۽ مصيبتن ڀوڳيندڙ ماڻھن کي نھ مليو، انھن جي پرگھور نھ لڌي وئي، انھن کي وري بھ راشن ۽ امدادن جي حوالي ڪري اٽي ۾ لوڻ برابر ٽينٽس، راشن، مالي امداد ڏئي ريجھايو ويو پر سنڌ جي حقيقي بحالي نھ ٿي سگھي. امداد ۾ بھ جيڪا امداد سنڌ جي تباھي جي نتيجي ۾ ھن ملڪ کي ملي اھو امداد ايترو تھ ڪافي ھو جنھن سان سنڌ سٺي نموني سنڀري ٿي سگھي، وري سنڌ اڏجي پئي سگھي پر وري بھ ڪرپشن ۽ بد انتظامي جي نظر ٿي وئي ۽ تاريخ ٻڌائيندي جيترو ڪم 2005، 2006 ۾ وڏي زلزلي جي نتيجي ۾ ڪشمير يا ڪي پي ڪي ۾ ٿيو اوترو ڪم بھ سنڌ ڌرتي لاءِ نھ ڪيو ويو. اڄ بھ عام سنڌي اٽي، اجھي ۽ لٽي لاءِ پريشان آھي. اھو ڪستو الاءِ ڪڏھن ڀربو الاءِ ڪڏھن ٽٽندو ۽ سنڌ خبر ناھي ڪڏھن آباد ٿيندي. سون تي سھاڳو وري اھو بھ ٿيو تھ افغاني ۽ ٻاھرين ملڪن جا ڌاريا سنڌ جي شھرن ۾ آباد ٿيا جيڪي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن ۽ آفيسرن کي سرعام قتل ڪندا رھيا، انھن جو ڪو تدارڪ نھ ٿيو. ڌارين لاءِ شھرن جا پلاٽ بھ موجود رھيا، فليٽون بھ ڏنيون ويون، رھائشون ۽ پرمٽون بھ ڏنيون ويون پر ٻوڏ ستايل ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد شھر اوپرا ڪيا ويا، غريب ڳوٺاڻن ۽ ڌرتي واسين کي ڊاڪو، ڌاڙيل ۽ دھشتگرد سڏي انھن جي رستا روڪ پئي ڪئي پر ڪٿي حڪمران طبقي کي غيرت نھ آئي.
گذريل سالن جون ھيتريون مصيبتون ڳڻي وري نئين سال 2023ع ڏانھن ڏسجي ٿو تھ ڪي بھ سٺيون اميدون نظر نٿيون اچن. ٻئي پاسي سنڌي ثقافت ۽ ادب کي ڏسجي تھ وري ڪجھه اميدون جاڳن ٿيون. ادب جيڪو ورھاڱي کانپوءِ ننڍيون وڏيون مصيبتون ڏٺيون اھي ڪورونا جي ور چڙھيون، شديد مھانگائي ۽ عالمي معاشي اثر ھيٺ پرنٽ ميڊيا جو زوال شروع ٿيو. ڪتابن جا پنا مھانگا ٿيا، ليکڪ ڪسمپرسي جي شڪار باوجود بھ پاڻ پنھنجي سر تي قربانيون کڻي ڪتاب لکندا ۽ ڇپائيندا رھيا. نھ تھ ڪووڊ ۾ لڳو پئي تھ ھاڻ ڪتاب رڪجي ويندا ايئن 2022 جي ٻوڏ ۽ برساتن ۾ بھ ايئن لڳو پر شيخ اياز ميلي تي آيل نون ڪتابن ۽ ڪتابن جي خريداري کي ڏسي لڳو تھ “پئي کڻي پساھه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ لاءِ” جيان اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي. ڪيترائي درجن نوان ناول لکيا ويا، پڙھيا ويا. نون ڪتابن جا ترجما ٿيا. انھن ۾ ويجھي ماضي ۾ حفيظ ڪنڀر جو ڪتاب جنب ڪٿا، خالد جوڳي جي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ممتاز بخاري جي ناول ۽ اڪبر لغاري جي تنقيد جي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آيو. ڪليم ٻٽ جو ناول “ڪھاڻين جو شھر” نئين انداز ۽ نون نئريٽو طريقن سان آيو جنھن جي متن ۾ ڪھاڻيون روايتن کان ھٽي ڪري آيون جنھن جي ھر ڪھاڻي جو الڳ پلاٽ آھي جنھن ۾ جادوئي حقيقت نگاري جو وڏو جھان آھي، جنھن کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ پوسٽ ماڊرنسٽ لاڙن کي سمجھڻو آھي. ايئن اختر حفيظ جو ناول “ڪيفي ادب” بھ سنڌي ادبي اسٽيبلشمنٽ لاءِ ھڪ چيلينجنگ نئريٽو کڻي آيو ان جي ڪجھه ڪردارن يا سب پلاٽس سان اختلاف رکندي بھ اظھار جي آزادي يا آرٽ کي بطور آرٽ ڏسڻ جو نئريٽو آھي. ادب ۽ آرٽ جي آزادي جو اھو نئريٽو ڪليم ٻٽ ۽ اختر حفيظ جي ناولن ۾ اھم جز آھن جن کي سمجھڻ جي ضرورت آھي. شاھه لطيف جي زندگي تي آڌاريل سائين سرمد چانڊيو جو ناول بھ پڌرو ٿيو، جنھن ۾ شاھه سائين جي زندگي، شاعري، موسيقي ۽ سماجي پھلوئن تي ھڪ بھترين ناول جو اضافو آھي. ان پڄاڻان انور ڪليم، نور جوڻيجو، عباس ڪوريجو، يار محمد چانڊيو، عبدالرافع شيخ، آفتاب راھمون، دريا خان لغاري، منظور ڪوھيار، رزاق سھتو، ارشاد سومرو، جتوئي ڪامران، محبوب سنڌي، اسير امتياز، جھان آرا سومرو، سليم جمالي، عبدالقادر ٻرڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي ناول نگارن جا ناول آيا آھن. ڪھاڻين جا بھ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي آيا آھن. مٺل جسڪاڻي جو لطيفيات تي “جان ڪتين تان ڪت” ۽ ڪھاڻين جو ڪتاب بھ آيو آھي. مدد علي سنڌي طرفان 100 سالھ ڪھاڻين جو انگريزي ۾ ترجمو بھ آيو آھي تھ شاعري جا ڪيترائي ڪتاب بھ آھن. انھي سڀني طبع زاد يا ترجمن جي ڪتابن جي ڀيٽ ۾ جيڪڏھن ڏسجي تھ تنقيدي ادب جا ڪتاب ايڪڙ ٻيڪڙ ڇپيا آھن جن جو ڳاڻيٽو بھ نٿو ڪري سگھجي. تنقيدي ادب کي ھٿي وٺرائڻ بنا ايڊوانس ادب جو تصور اڃا الئھ ڪيترو دٻيل رھندو، ان جو ڪو پتو نھ آھي. مقدار ۽ معيار جي بئلينس جو سوال ڪيترن ئي ڏھاڪن کان سواليھ نشان آھي ۽ رھندو. سنڌي ادبي سنگت جي ھڪ ٿيڻ وارو خواب اڃا اڌورو رھيل آھي. ٻولي جي ادارن کي اڃا لسانيات تي درست سمت ۾ ڪم جي ضرورت آھي. سنڌي ٻولي اختياري ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي اچڻ سان بھتري جي اميد جاڳي آھي پر اڃا پنڌ پري آھي. سنڌي ادبي بورڊ پنھنجي ڪم جي حوالي سان اڃا آزاد ٿيڻو آھي. ٽرانليشن بيورو اڃا خواب بڻيل آھي. ٿياسافيڪل ۽ سائنٽفڪ سوسائٽيز اڃا بحال ٿيڻيون آھن. ايس ايل ايف ۽ ايڇ ايل ايف کي اڃا اچڻو آھي. سمورن ڏکن ڏاکڙن، مصيبتن، اميدن، علم و ادب جي بحالي سان گڏ سنڌ واسين طرفان سموري عالم انسان کي نئين سال جون واڌيون.