ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين سال جو پُڇاڻو..!!

Editorial-Article- Irshad Leghari

هُن جو اصل پنڌ زمان – مڪان جي ماجرائن مان مُڪتي ماڻڻ وارو پنڌ آهي. تنهن ڪري سالن جو روايتي ڦيرو هِن لاءِ ڪڏھن به ايئن ڌيان ڇڪائيندڙ ناهي رهيو جيئن دنيا ۾ عام طور اهو ڦيرو محسوس ڪري، هڪ مقرر ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. ٻيو ته نگر مان نڪتي به کيس ڪو زمانو گذري چڪو آهي، تنهن ڪري هو دنيا جي ڦيرن گهيرن کان به بي نياز آهي. ۽ اهڙي بي نيازي واري پنڌ ۽ پُور ۾ هلندي هِن لوڀي دنيا جي دستور کان جڏهن پنهنجو پانڌ آجو ڪرايو هو تڏھن طئي ڪيو هئائين ته ٻيهر مڙي ناهي ڏسڻو ته پويان چرٻٽ راجا جي راڄ ۾ گهڻي سير ڀڳڙا ۽ گهڻي سير کاڄا وڪرو ٿي رهيا آهن!؟ پر سندس ديس ۾ جيڪا ڌاڙو ڌاڙ جاري آهي، تنهن ۾ هن لاءِ جڏهن گهڻو وقت لاتعلق رهڻ ممڪن نه رهيو تڏهن هو ننگپال جهنگ کي پنهنجي وجود سان ويڙهي وري آيو آهي پنهنجي انهي ساڳي شهر ۾، جتي اڄڪلھه عجب کيل تماشو هلندڙ آهي!! ها کيل تماشو، جنهن ۾ اهي سڀئي گدڙ، جن پنهنجي پنهنجي قوم ۽ قبيلي جي آنڊن جي واهر جي نالي ۾ سدائين ڍئو پئي ڪيا، تن کي شايد اهو اندازو ئي نه هو ته تاريخ جي حساب ڪتاب جي گهٽ گهيڙ وارو اهو موڙ به اڳيان اچڻو آهي، جنهن ۾ گدڙن جي اوناڙ وڃي آسمان سان لڳندي.
سو ڪالهھ شام هي ٻه پير ڀري لڙي آيو پنهنجي شهر ۾ ته جيئن اهو ڄاڻي سگهي ته گدڙن کان هن سال جو پڇاڻو ڪيئن ٿو ٿئي؟ هيستائين ته هن رڳو سياري جي ٺنڀيل راتين ۾ جهنگ جي انهن گدڙن جون اوناڙون ٻڌيون آهن، جن گدڙن کي ڏند ڪٿائن ۾ انهن گنهگارن سان ڀيٽيو ويو آهي، جيڪي جنم در جنم جي سزا ۾ پنهنجي ڪيل ڏوهن تي روئي رڙي، انساني آبادين کي اهو نياپو ڏيئي رهيا هوندا آهن ته:
جاڳو…!!
اي گهري ننڊ ۾ ستل
غافل انسانو جاڳو!!
ان کان اڳ جو
توهان مٿان به
سيارو ۽ پارو
عذاب ٿي وسي
تنهن کان اڳ جاڳو
جاڳو ۽ پنهنجو جنم
سجايو ڪريو.
پر انسان، جنهن کي ويسر جي وڏي بيماري آهي، سو ايستائين ڪٿي ٿو اک پٽي، جيستائين پنهنجي ڪيتي جي انجام کي اکين سان نه ڏسي. تنهن ڪري ئي هن دنيا ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به گدڙن جي اوناڙ مان سبق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش اوستائين ناهي ڪئي جيستائين اهي وقت جي جادو گهر ۾ گدڙ بڻائي نه موڪليا وڃن.
تنهن ڪري هن چاهيو ته وڃي ۽ شهر ۾ ڏسي اچي ته انهن گدڙن جي اوناڙ ڪيئن هوندي، جن کي ڪئين ڀيرا سمجهايو ويو ته جنهن ويڙهي ۾ پناهه ملي، ان جي واڙ جي ڀيل نه ڪبي آهي. پر نه، گدڙ نه مڙيا ۽ ان ئي ويڙهي جي واڙ جي ڀيل ڪيائون، جتي کين پناهه ملي هئي ۽ اڄ جڏهن سندن پير حساب ڪتاب جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿا آهن تڏهن انهن کي ياد آيا آهن اهي وڻ ٽڻ، جن گهاٽن جهڳٽن جي جهول ۾ کين ڪيترن ئي جهولن ۽ پارن کان بچايو هو.
سو بهرحال هي جيئن ئي شهر پهتو ته هن ڏٺو ته ڪيترائي گدڙ هئا جيڪي هڪ ٻئي سان ميسڙا ٿيو ويٺا هئا ۽ سندن هيسيل چَهرن تي تاثر اهو هو ته هن ڀيري جيڪڏهن انهن مان هٿ ڪڍيو وڃي ته آئيندي هو ان واڙ جي ڪڏهن به ڀيل نه ڪندا، جنهن واڙ جي جهوني رکوال جي اها چوڻي ڪڏهن به نه گُٿي آهي ته “اوڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين رات ڀاڳئي جي”.
پر انهن گدڙن ڪڏهن به انهي چوڻي کي اهم نه سمجهيو ۽ سدائين ان جهوني رکوال تي اهو چئي چٿرون ڪندا رهيا ته ان جهنگلي کي ڪهڙي خبر!؟
اهو جيڪو ڪڏهن پنهنجي ُڌڻ کان ڌار ٿيو ئي ناهي، جنهن پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر ڪجهھ ڏٺُو ئي ناهي، سو ڪير ٿيندو آهي اڄ جي جديد دور جي اٿڻ ويهڻ جي اخلاقيات کي طئي ڪرڻ وارو!؟
پر اڄ انهي ڀاڳئي جي ڳالهه سچ ثابت ٿيڻ جو ڏينهن هو ۽ ان ثابتي واري ڏينهن تي هي رلندو رهيو هو ان شهر جون گهٽيون، جيڪو شهر سندس وطن جي ٻيڙائتن جوڙيو هو پر پوءِ دنيا جهان جا ڌاڙيل اتي اچي جو گڏ ٿيا ته سڀڪجهه تبديل ٿي ويو. ۽ اڄ ايئن ٿيو آهي جو ان شهر جا سڀ مقامي توڙي عالمي ڦورو ٽولا پنهنجن پنهنجن مفادن جي جنگ ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿي پيا آهن ۽ سڄو شهر اوناڙن سان ٻري رهيو آهي.
سو ايئن هو شهر رلندو رهيو ۽ گدڙن جون اوناڙون اينديون رهيون، اوستائين، جيستائين وڃي نئين سال جي پِرهه ڦٽي پِرڀات جو ويلو ٿيو. انهي رولاڪي ۾ هن کي ياد آيون اهي اوجاڳن جون ڪڪوريل راتيون، جڏهن آشرم جي رهاڻين ۾ رڳو ئي رڳو مومل جي فراق جا قصا هوندا هئا، اهي رهاڻيون هلندي هلندي آخر ۾ اچي پنهنجي ديس جي دلربائي تي کٽنديون هيون. ۽ اڄ هن جي دل چاهيو ته وري ان رهاڻ جو ڏيئو ٻارجي، جنهن رهاڻ ۾ جڏهن پرهه ڦٽي جو ويلو ايندو آهي تڏهن ڪوئي ويراڳي پاڻمرادو اهو جهونگارڻ شروع ڪندو آهي ته:
رات وهامي ڏينهن ٿيو، ٻانگ ڏني ٻانگي
ڊوڙيس دروازي تي، ديوانن وانگي
اچج ڪنهن سانگي، نه ته مُئي سُڻندي مينڌرا.
ها، اها رهاڻ! جنهن جو هڪ موضوع اهو ديس به آهي، جنهن جي ڀيل ڪندڙن کان ڪڏهن به ڪو حساب ڪتاب ناهي ٿيو. پر هاڻ لڳي ٿو ته اهي ڏينهن ويجها اچي رهيا آهن جڏهن سڀني جي پت وائکي ٿيڻ واري آهي.
“ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺل آهي؟”
اها مام هن ديس ۾ هاڻ گهڻي دير ان ڪري لڪي نه سگهندي جو وقت هيل هڪ عجيب ڦيرو کاڌو آهي، جنهن ۾ ڪوڙن جا ڪوڙ ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. اهي ڪوڙ به ڪنهن ٻي نه پر سندن انهن جوڙيوالن ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا آهن، جن سالن تائين ڪوڙ کي طاقت جي زور تي سچ جو نالو ٿي ڏنو. پر هاڻ اهو پل شايد گهڻو پري ناهي رهيو جو هن ديس ۾ ڪوڙ سچ کي تاريخ جي ترازو ۾ توريو ويندو ۽ جن وطن ۽ وڻن سان ڌوڪو ڪيو هوندو، تن کان نيزي پانڌ لٿل سج پاڻهي پڇاڻو ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button