ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيپلز پارٽي دعوائن بدران عملي اپاءَ وٺي

Editorial

ڪابه سياسي پارٽي، اقتدار ۾ مقامي سطح کان وٺي صوبائي ۽ وفاقي سطح تي هجي پر جيڪڏهن اها عوام جا بنيادي مسئلا حل نٿي ڪري ته اها پارٽي ڪنهن به ريت عوام دوست پارٽي نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي اها عوام جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. پيپلز پارٽي گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي پر ان پارٽي اقتدار ۾ رهندي به عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي آهي. ويتر ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي مطالبن کي مڃڻ تي زور ڏنو آهي، جنهن جي ڪري عوامي سطح تي جيڪي به مسئلا جنم وٺندا رهيا آهن، اهي جيئن جو تيئن موجود آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندا، جيڪي پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهن، اهي ڪابه دلچسپي نٿا وٺن. هن وقت مڪاني چونڊن لاءِ ماحول گرم لڳو پيو آهي. پيپلز پارٽي اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته ڪراچيءَ جو ايندڙ ميئر جيالو هوندو. جيڪڏهن ڪراچيءَ جو ميئر ڪو جيالو ٿي به ويو ته اصل ڳالهه اها آهي ته اهو عوام جي مسئلن کي حل ڪري سگهندو؟ هن وقت ته عوام اٽي لپ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. مهانگائيءَ جي آيل طوفان به گهيريل آهي ۽ عوام جي ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندا ڪک ڀڃي ٻيڻو به نٿا ڪن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي مڪاني چونڊون هر ضلعي مان کٽي به وڃي ته عوام جي صحت تي ڪهڙُو اثر پوندو. ڇاڪاڻ ته عوام لاءِ مسئلن جا انبار لڳا پيا آهن. تازو ئي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف زرداريءَ کي اها خاطري ڪرائي آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي ڪافي سيٽون کٽي ويندي.
پ پ جي اڳواڻن آصف زرداري کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پوزيشن ماضي کان ڪافي بهتر آهي، حيدرآباد ۾ 27 يوسيز بنا مقابلي کٽي چڪا آهيون، ڪراچيءَ جي 25 ٽائونز ۾ پيپلز پارٽي 8 کٽڻ جڏهن ته چئن تي مقابلي جي پوزيشن ۾ آهي. سومر تي بلاول هائو ڪراچي ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مڪاني چونڊن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني اليڪشن جي ٻئي مرحلي جي امڪاني نتيجن تي پ پ اڳواڻن پارٽي قيادت کي بريفنگ ڏني. آصف زرداري کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پوزيشن ماضي کان ڪافي بهتر آهي. تڪبنديون درست ۽ نتيجا پيپلز پارٽِيءَ جي حق ۾ آهي. پ پ اڳواڻن آصف زرداريءَ کي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته حيدرآباد جي 160 يونين ڪائونسلز مان پيپلز پارٽي 27 يو سيز بنا مقابلي کٽي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم کي حيدرآباد جي 60 يونين ڪائونسلز تي اميدوار ئي نه مليا، ڪراچيءَ جي 25 ٽائونز ۾ پيپلز پارٽيءَ کي 8 ۾ سوڀ جڏهن ته چئن تي مقابلي جي پوزيشن ۾ آهيون. اجلاس دوران پيپلز پارٽيءَ جي صوبائي ۽ مڪاني قيادت بلدياتي اليڪشن ملتوي نه ڪرڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست ڪري ڇڏي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته پيپلز پارٽي پهرين مرحلي ۾ سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ڊويزن جي مڪاني اليڪشن کٽي چڪي آهي. ٻئي مرحلي جون چونڊون نه ٿيڻ جي ڪري پهرين مرحلي ۾ ڪامياب اميدوار به حلف نه کڻي سگهيا آهن.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي هيٺئين سطح واريون چونڊون کٽي ٿي وڃي ۽ اها مڪاني ادارن کي سنڀالڻ جي قابل ٿي وڃي ته اها سٺي ڳالهه آهي پر اصل معاملو اهو آهي ته پيپلز پارٽي هر سطح تي اقتدار ماڻڻ کان پوءِ عوام لاءِ ڇا ٿي ڪري. عوام کي ڪيترو رليف فراهم ٿي ڪري ۽ جيڪي مسئلا عوام اڄ ڀوڳي رهيو آهي يا سالن کان ڀوڳي رهيو آهي، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ٿي اپاءَ وٺي.
اسين سمجهون ٿا ته پيپلز پارٽيءَ جي قيادت توڙي ان جي اڳواڻن کي رڳو دعوائون نه ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي اقتدار واري ويڙهه سنڌ جي عوام جو جيئڻ جنجال نه ڪرڻ گهرجي پر ان جي مسئلن کي هر سطح تي حل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. عملي طور ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. هن وقت صوبائي سطح تي عوام اٽي جي اگهن خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. پيپلز پارٽي هيستائين ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي. تنهنڪري عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي عملي طور تڪڙا اپاءَ وٺڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button