جنھن معاشري جي سياست ۾ ڪردار جي ڪا معنيٰ نھ رھي، تنھن تي لکجي بھ ڇا تھ ڳالھائجي بھ تھ آخر ڇا ڳالھائجي؟ پر سماج ۾ جيئڻ لاءِ جتن ڪندڙ ھر ماڻھو لاءِ اھڙن معاملن کان لاتعلق رھڻ بھ تھ ممڪن ناھي. ڇو تھ ڪنھن بھ معاشري جي سياسي سماجي وھنوار جون چڱايون توڙي برائيون معاشري تي مجموعي طور جيڪو اثر ڇڏين ٿيون، سي اثر اسان توھان جھڙن ماڻھن تي بھ ان معاشري ۾ پئجي رھيا آھن، جنھن معاشري ۾ ھاڻ ڪردار جو سوال پوئتي رھجي ويو آھي. بس جيڪڏھن گھرجي تھ اسٽبلشمينٽ جو آشيرواد گھرجي. ھا، جنھن جي مٿي تي اسٽبلشمينٽ جو ھٿ، تنھن جھڙو ھن ملڪ ۾ نھ تھ ڪو حاجي ۽ نھ ئي ڪو غازي. ۽ جيئن ئي اسٽبلشمينٽ جو ھٿ مٿي تان لٿو، تيئن ئي ان شخص جون ايئن اڳڙيون لھڻ شروع ٿيو وڃن، جيئن اڄڪلھه عمران خان جون اڳڙيون لھي رھيون آھن.
جيتوڻيڪ عمران جي لڇڻن جي خبر تھ سموري جڳ جھان کي ھئي پر جيئن جو ھن جي مٿي تي اسٽبلشمينٽ ھٿ رکيو تھ ھن جو سمورو ماضي ڌوپجي ويو. پوءِ ھن ملڪ ۾ نھ عمران جي مقابل ڪوئي پارسا رھيو ۽ نھ ئي ڪو ايماندار. ھن جو تعارف ھڪ اھڙي اڳواڻ طور ڪرايو ويو، جنھن جي دامن تي مالي بدعنواني جو ھڪڙو بھ داغ نھ ھو. ھو جيڪو اھڙو اڳواڻ ڪري اڀاريو ويو، جنھن کي نھ فقط پاڪستان پر سموري دنيا جي اسلامي ملڪن لاءِ ھڪ مثال بڻجڻو ھو. پر ٿيو ڇا؟ ٿيو اھو ئي جيڪو ٿيڻو ھو.
اھو ھيئن تھ نھ عمران خان ڪو پارسا ھو ۽ نھ ئي ايماندار، نھ ھو ڪوئي ڏاھو ھو ۽ نھ صابر شاڪر!! ھو بس ماڻھن جھڙو ماڻھو ھو. بلڪ ماڻھن مان بھ اھڙن ماڻھن مان ھو، جيڪي پنھنجي ذات جي لذت ۽ شھرت کي ھر ذاتي توڙي سماجي رشتي ناتي کان مٿاھون سمجھن ٿا. اھڙن ماڻھن کي جيڪڏھن دنيا ۾ ڪير درست نظر ايندو آھي تھ اھو بس ھو پنھنجي پاڻ کي ئي سمجھندا آھن. سياست ۾ تھ کڻي ھو دير سان آيو بلڪ آيو ڇا آندو ويو پر ان کان اڳ سندس ڪرڪيٽ واري جيڪا زندگي ھئي، تنھن بابت ڪو وڃي سندس پراڻن ساٿين کان پڇي تھ ھو ڪيئن نھ ٻين جون محنتون کائيندڙ ۽ پاڻ پڏائيندڙ رھيو آھي!؟ سو اھڙي ماڻھو تان جڏھن اسٽبلشمينٽ ھٿ کنيو آھي، تڏھن ھن جي زندگي جا اھي ئي پاسا ظاھر ٿي رھيا آھن، جيڪو سندس اصل چھرو آھي. تنھن ڪري جيڪي بھ عمران خان جي ڪردار تي آڱر کڻي رھيا آھن، تن کي اھو سوچڻ گھرجي تھ اھڙي آڱر عمران خان کي اڃا انھن “حلقن” ۾ وڌيڪ مشھور ڪري رھي آھي، جن حلقن ۾ ئي سندس اصل دلچسپي رھي آھي. ۽ ٻيو تھ توھين اسين ڪير ٿيندا آھيون اھڙي شخص تي اعتراض ڪرڻ وارا جنھن سان پنھنجو ڪو سياسي سماجي لڳ لاڳاپو آھي ئي ڪونھ. جيڪڏھن ڪنھن کي اعتراض ڪرڻ گھرجي بھ تھ سندس انھن حمايتن کي، جن کي ھو ھر جلسي ۾ مديني واري رياست جا درس ڏيندو رھيو. تھ پوءِ توھان سوشل توڙي رواجي ميڊيا تي عمران خان جي حمايتين جا رايا تھ پڪ سان پڙھيا بھ ھوندا تھ ٻڌا بھ ھوندا، جيڪي اھو چئي رھيا آھن تھ خان جون جيڪي آڊيوز يا وڊيوز عام ٿيون آھن، تنھن ۾ ڪھڙي خرابي آھي آخر؟ ھو چون ٿا تھ ھن ملڪ جو ڪھڙو سياستدان آھي، جنھن جا اھڙا شوق شڪار ناھن جھڙا خان جا آھن. تھ پوءِ معنيٰ پاڻ اجايو پيا حيران ۽ پريشان ٿيون. تنھن ڪري پاڻ کي ھاڻ وڌيڪ پريشاني کان پاسو ڪندي، ڏسڻ اھو گھرجي تھ اڳيان ٿيڻ ڇا پيو وڃي!؟
ھا تھ پوءِ اڳيان جا جيڪي معاملا آھن، تن جو امڪاني ڏيک اسان کي ھن ملڪ جي ان ڌر جي موقف مان سمجھڻ گھرجي، جيڪا ان تناظر ۾ مشھور رھي آھي تھ جڏھن بھ انھي ڌر ۾ ڪنھن قسم جي ڀڃ ڊاھه ٿيڻ لڳي تھ پڪ ڄاڻو ملڪ ۾ ڪجهھ نئون ٿيڻ وارو آھي ۽ اھا ڌر آھي ايم ڪيو ايم. ھا اھا ايم ڪيو ايم، جنھن کي ميان ٽِسوري ھڪ ڪرڻ لاءِ رات ڏينھن ڪوشش ۾ آھي. ھاڻ ڏيو منھن!! ڇا ٽِسوري ۽ ڇا ايم ڪيو ايم کي متحد ڪرڻ واري ھام!! ڀل جو کڻي ٽِسوري صاحب اڄ سنڌ جي گورنري واري منصب تي براجمان آھي پر ايتري خبر تھ پاڻ سڀني کي آھي تھ ايم ڪيو ايم کي ھڪ ڪرڻ واري ڀري ٽِسوري جي وس ۾ کڻڻ تھ پري رھيو ھٿ وجھڻ کان بھ ڳري آھي. تھ پوءِ اھو ڪير آھي، جيڪو ٽِسوري کي اوڏانھن موڪلي رھيو آھي؟ جيڏانھن وڃڻ وارا در دريون ڪافي وقت کان بند ڪيا ويا ھئا.
انھي سوال جو جواب پاڻ کي عمران خان جي ان تازي بيان مان ملي ٿو، جنھن ۾ ھن چيو آھي تھ ڪراچي ۾ منھنجي خلاف ايم ڪيو ايم کي ٻيھر گڏائي سامھون آڻڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن. ۽ پاڻ سڀ انھي امڪان کي رد ان ڪري نٿا ڪري سگھون، جو ڪراچي ۾ عمران خان جي پاڙ ھڻڻ لاءِ جن ايم ڪيو ايم کي اڳيان پويان ڪيو، سي اڄ وري ساڳي عمران خان جي پاڙ پٽڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ھڪ ڪري بھ سگھن ٿا.
واضح ڪندا ھلون تھ ان سموري راند جا دائرا رڳو ايم ڪيو ايم کي ھڪ ڪرڻ تائين محدود ناھن رھڻا. پاڻ کي سگھو ئي ھاڻوڪن سياسي اتحادن جي نئين جوڙجڪ ڏسڻ لاءِ ملڻي آھي. اھا جوڙجڪ جنھن ۾ ھڪڙيون ڌريون ھڪڙن اتحادن مان نڪرنديون ۽ ٻيون ڌريون داخل ٿينديون. ان جو تازو مثال سنڌ ۾ پاڻ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ شموليت مان وٺي سگھون ٿا. اھو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، جنھن ۾ شامل ڌريون 2018ع واري اليڪشن ۾ تھ وڏ وزارتون ۽ وزارتون ئي پاڻ ۾ ورھايون ويٺيون ھيون پر پوءِ رات پيٽ ۾ الائي ڪھڙو واءُ وريو جو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وارن جو سبيل واسڪوٽيون ڪٻٽن ۾ ئي رھجي ويون ۽ ھو ھٿ مھٽيندا رھجي ويا. جن کانئن واس ڪوٽيون سبرايون ھيون، تن سان ھو ڪا شڪايت بھ نٿي ڪري سگھيا، جو کين اھا ڀلي بت خبر ھئي تھ ساڻن شڪايت ڪرڻ جو مطلب آئيندي جي ڪنھن بھ مھرباني کان منھن موڙڻ آھي. سو ھو ماٺ ڪري انتظار واري قطار ۾ ويھي رھيا.
سو بھرحال ھاڻ جيئن جيئن ڏينھن گذرندا ويندا ۽ اليڪشن ويجھي ٿيندي ويندي، تيئن اسان توھان کي نوان پراڻا رانديگر ھيڏانھن ھوڏانھن ايندي ويندي نظر اچڻ لڳندا ۽ انھي مٽا سٽا مان ئي ايندڙ ڏينھن جو امڪاني خاڪو چِٽي سگھبو.
ھا باقي ايندڙ اليڪشن ۾ جيڪا سڀ کان بُڇڙي صورتحال ھوندي، سا اھا ھوندي تھ مخالف ھڪ ٻئي جي ذاتيات تي گھڻو ڳالھائيندي نظر ايندا. ڇاڪاڻ تھ مالي بدعنوانين تي جنھن کي جيترو ڳالھائڻو ھو سو ڳالھائي چُڪو. اھڙي ڳالھه تھ خود عمران خان بھ ڪري چڪو آھي تھ جن اڳ ۾ کيس مخالفن جي مالي بدعنوانين تي لڳاتار ڳالھائڻ واري تربيت ۽ ھدايت ڏني ھئي، تن ساڳين ڌرين اڳيان ھلي کيس چيو تھ ھاڻ مالي بدعنوانين کي ڇڏيو ۽ معاشي بحالي تي ڌيان ڏيو. ھاڻ عمران خان ڪھڙو معاشي ماھر ھو، جيڪو پاڪستان کي معاشي ميدان ۾ اڳڀرو ڪري ھا!! ھن وٽ فن ھو ئي اھو ٻئي کي چور چور چوڻ وارو ۽سندس اھڙو فن جڏھن ڪم جو نھ رھيو تھ ھو بھ ڪم جو نھ رھيو. تنھن ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ پاڻ کي مالي بدعنوانين جو ذڪر ٻڌڻ لاءِ مليو بھ اھو ايترو گھڻو ۽ اھم نھ ھوندو. باقي اھا ڳالهھ رڪارڊ تي رکي ڇڏيو تھ ايندڙ اليڪشن ۾ مخالف ھڪ ٻئي جون آڊيوز ۽ وڊيوز ئي عام ڪرائيندا ۽ ان ۾ عمران خان کي ڪوبھ گھڻو خسارو ان ڪري نھ پوندو جو سندس باري ۾ اھي اوزار اڳواٽ ئي استعمال ٿي چُڪا. ھاڻ رڳو ٻيا جيڪي باقي بچن ٿا سي پنھنجي سِر بخت جو خير گھرن.