ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ

Editorial-Article-Umer Qazi

”ايم ڪيو ايم جا ڌڙا ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڻ ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن“ ڇا اھو سچ آھي يا اھو سچ آھي تھ ”ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڻ ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟“ اھي ٻھ جملا ڪجھھ ڪجھھ ھڪجھڙا آھن پر جيڪڏھن باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي تھ انھن ٻن جملن ۾ تمام وڏو فرق آھي. ڪنھن بھ انتشار جو انضمام ٿيڻ بظاھر تھ ھڪ بھتر عمل سمجھيو ويندو آھي پر حقيقت اھا آھي تھ ڪنھن جو بھ گڏجڻ يا ملڻ سٺو ۽ خراب صرف ان صورت ۾ قرار ڏئي سگھجي ٿو، جڏھن انھن جي ان عمل جي پويان موجود نيت کي پرکيو ۽ سمجھيو وڃي. جڏھن اسان ايم ڪيو ايم جي سلسلي ۾ ڏسون تھ اسان کي ايم ڪيو ايم منڍ کان وٺي، يعني پنھنجي پيدائش کان وٺي ھڪ مخصوص مقصد جي تحت ھلندي ڦرندي نظر اچي رھي آھي. ڇو تھ ايم ڪيو ايم تاريخ جي مجبورين يا وقت جي ضرورتن جي حوالي سان نھ جڙي ھئي پر ايم ڪيو ايم کي ڪي خاص مقصد ماڻڻ جي لاءِ وجود ۾ آندو ويو ھو. ھاڻي تھ اھو بحث ڪنھن خاص اھميت جو مالڪ بھ نھ رھيو آھي تھ پاڪستان ۾ جمھوريت جي رستا روڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون سازشون نھ ڪيون ويون آھن. ان حوالي سان پنھنجي ابتدا ۾ ايم ڪيو ايم کي سھارو ڏئي مٿي اڀارڻ وارا بھ آمريت جا ھٿ ھئا. ڇو تھ انھن کي سنڌ جو سياسي وھڪرو ٻن رخن ۾ تبديل ڪرڻو ھو. جڏھن انھن ڏٺو تھ سنڌ تيزيءَ سان جمھوريت جي طرف وڌي رھي آھي تھ انھن کي سنڌ جي جمھوري پيش قدمي روڪڻي ھئي. ھاڻي تھ ھن ملڪ جي ٻار ٻار کي معلوم آھي تھ ايم ڪيو ايم کي وجود ۾ آڻڻ جو مقصد ايم آر ڊي سبب پيدا ٿيل سنڌ ۾ جمھوري پريشر گھٽائڻو ھو.
ايم ڪيو ايم ھميشھ ھڪ اوزار وانگر استعمال ٿيندي رھي آھي. ايم ڪيو ايم کي ان وقت بھ اوزار وانگر استعمال ڪيو ويو، جڏھن سنڌين ۽ اردو ڳالھائڻ وارن کي پاڻ ۾ رتوڇاڻ تائين وٺي وڃڻو ھو. ايم ڪيو ايم کي ان وقت بھ استعمال ڪيو ويو ھو، جڏھن ڪنھن بھ حڪومت جا پير ڇڪڻا ھوندا ھئا. ايم ڪيو ايم کي ھر جوڙ توڙ جي مرحلي ۾ استعمال ڪيو ويو آھي. ايم ڪيو ايم کي ٻيو تھ ٺھيو پر تازي سياسي تاريخ ۾ عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جي لاءِ بھ استعمال ڪيو ويو ۽ عمران خان کي اقتدار مان ھٽائڻ جي لاءِ بھ ايم ڪيو ايم جون خدمتون استعمال ڪيون ويون.
اھا حقيقت آھي تھ عمران خان جيتريون سيٽون کٽي آيو ھو، انھن سيٽن جي بنياد تي ھو ڪنھن بھ صورت ۾ اقتدار حاصل نھ ڪري سگھي ھا، جيڪڏھن ايم ڪيو ايم ھن جو ساٿ نھ ڏئي ھا. ساڳي طرح سان جڏھن عمران خان جو پتو ڪٽڻو ھو ۽ ھن کي ماضيءَ جي مثالن جھڙو ھڪ مثال بڻائڻو ھو تھ وري بھ ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم کي پھرين مرحلي تي چيو ويو تھ ھوءَ عمران خان جو ساٿ ڇڏي ڏئي ۽ ھن عمران خان جو ساٿ ڇڏيو. جڏھن تھ پنھنجي آخري وقت ۾ عمران خان ايم ڪيو ايم جون سموريون فرمائشون تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ھو. ھو وزير اعظم جي حيثيت ۾ ايم ڪيو ايم جا سمورا نوان پراڻا مطالبا مڃڻ لاءِ ھر طرح سان تيار ھو پر ڪا قوت تھ ھئي، جنھن ايتري گھڻي ڪوشش ڪئي جو ايم ڪيو ايم کي حڪومت کان الڳ ٿيڻو پيو ۽ ايم ڪيو ايم جي الڳ ٿيڻ سان عمران خان جي حڪومت کي ڦھڪو ڪيو. ان جو مطلب وري بھ اھو ئي آھي تھ عمران خان کي ايم ڪيو ايم جي معرفت اقتدار ۾ آندو ويو ۽ عمران خان کي ايم ڪيو ايم جي معرفت اقتدار مان آئوٽ ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم کي ھلائڻ وارا ھٿ ڪنھن جا آھن؟ اھو سوال تھ ڪو سادو ماڻھو ئي پڇي سگھي ٿو. ظاھر آھي تھ ايم ڪيو ايم کي ھلائڻ وارا ھٿ انھن جا آھن، جن ايم ڪيو ايم کي وجود ۾ آندو ۽ پنھنجن مخصوص مفادن جي خاطر ايم ڪيو ايم ڪجھھ وقت جي لاءِ پنھنجي مالڪن جي ھٿن مان نڪري بھ وئي ۽ الطاف حسين جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم رياست جي باغي قوت ٿي بيھي رھي پر اھو ھڪ مخصوص وقت ھو ۽ ايم ڪيو ايم کي ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ ضروري ھو تھ ان کي الطاف حسين جي ھٿن مان آزاد ڪرايو ويو ۽ ايم ڪيو ايم مان الطاف حسين مائنس ڪيو ويو ۽ ان بعد ايم ڪيو ايم ٽن ٽڪرن ۾ ورھجائي وئي. ھڪ تھ ايم ڪيو ايم جو جو وڏو حصو پي ايس پي يعني پاڪستان سرزمين پارٽي جي صورت ۾ ظاھر ٿيو ۽ ڪراچيءَ جو اڳوڻو ميئر مصطفيٰ ڪمال جيڪو ڪڏھن الطاف حسين جو لاڏلو ھو، سو الطاف حسين جي خلاف بغاوت جو پرچم کڻي آيو ۽ ھن پي ايس پي جي سلسلي ۾ الڳ محاذ ٺاھيو ۽ ان بعد ايم ڪيو ايم مان فاروق ستار کي ھٽايو ويو. ھن وقت ايم ڪيو ايم واضح طور تي ٽن حصن ۾ ورھايل آھي. جڏھن تھ ايم ڪيو ايم جو ھڪ حصو تمام اول الڳ ٿي چڪو ھو ۽ ان حصي جو نالو ايم ڪيو ايم (حقيقي) آھي.
ھن وقت ڪراچي تھ ڇا پوري پاڪستان جي سياسي حلقن ۾ اھو چوٻول عام جام آھي تھ ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي ملائي ھڪ ڪرڻ تي ڪم ٿي رھيو آھي. جيڪڏھن ھڪ اھم سياسي ڪم ٿي رھيو آھي تھ ظاھر آھي، ان جا ڪي سياسي مقصد بھ ھوندا. ايم ڪيو ايم کي وري ملائي ھڪ ڪرڻ جي پويان ملائڻ وارن جا ڪھڙا مقصد ٿي سگھن ٿا؟ انھن جا مقصد اھي ئي آھي تھ ڪنھن طرح سان ايم ڪيو ايم کي ايترو قوت ۾ آڻجي جو اھا عمران خان جي راھه کي روڪي سگھي. ڇو تھ ڪراچيءَ ۾ عمران خان جي وڌندڙ سپورٽ مان وڏو خطرو انھن قوتن کي آھي، جن کي عمران خان پسند ناھي. انھن قوتن ۾ اھي سياسي قوتون بھ آھن، جيڪي ھن مھل اقتدار ۾ آھن. ظاھر آھي تھ مسلم ليگ ن ڪڏھن بھ نھ چاھيندي تھ عمران خان جي ھٿ ۾ ڪراچيءَ جھڙو پاڪستان جو اھم ترين شھر اچي وڃي. پر مسلم ليگ ن کان وڌيڪ اھا پريشاني پيپلز پارٽيءَ کي آھي تھ متان عمران خان ڪنھن طرح سان ڪراچيءَ کي ايتري حد تائين پاڻ سان ملائي وڃي جو اھو ڪراچيءَ جي مينڊيٽ جي بنياد تي سڀاڻي سنڌ ۾ پنھنجي پارٽيءَ جي حڪومت ۾ آڻي وڃي. اھو خوف پيپلز پارٽيءَ جي دل ۾ ڀرپور طرح سان موجود آھي پر ان جو مطلب اھو ناھي تھ ان خوف کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي پاڻ ملائي رھي آھي.
پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪڏھن بھ ايتري قوت نھ رھي آھي جو اھا ايم ڪيو ايم کي ھيٺ مٿي ڪري سگھي يا اھا ايم ڪيو ايم کي پنھنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگھي. پيپلز پارٽي تھ پاڻ ھڪ سياسي ڌر آھي، جيڪڏھن اھا ايم ڪيو ايم تي اثر انداز ٿي سگھي ھا تھ اھا پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ ڇو نھ مضبوط ڪري ھا. ھن وقت بھ پيپلز پارٽيءَ ڪراچيءَ مان جيڪو ٿورو گھڻو حاصل ڪندي رھي آھي، اھو اردو آباديءَ مان حاصل نھ ڪندي رھي آھي. اردو آباديءَ ۾ ھن مھل بھ پيپلز پارٽي پنھنجي پير کوڙي نھ سگھي آھي. جڏھن تھ اھا بھ حقيقت آھي تھ اردو آباديءَ مان پيپلز پارٽيءَ کي تمام سٺا ڪردار بھ مليا آھن. ڪجھھ تھ اھڙا ماڻھو بھ پيپلز پارٽيءَ جي حصي ۾ آيا آھن، جن جو تمام سٺي سڃاڻ رھي آھي. پر اسان خاص ماڻھن جي نھ عام ماڻھن جي ڳالھھ ڪريون ٿا ۽ عام ماڻھن جي حوالي سان پيپلز پارٽي اردو آباديءَ جو ووٽ وٺي نھ سگھي آھي ۽ ھن وقت بھ ھن جي اھڙي پوزيشن ناھي جو اھا اردو آباديءَ مان ڪامياب ٿيڻ جو سوچي بھ سگھي.
ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي ھٿ ۾ موجود ڪو رموٽ ناھي، جنھن کي پيپلز پارٽي پنھنجي مرضيءَ سان استعمال ڪري سگھي. جيڪڏھن سياسي تاريخ جي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي تھ ايم ڪيو ايم سدائين پيپلز پارٽيءَ جي مٿي جو سور بڻي رھي آھي ۽ ايم ڪيو ايم سدائين پيپلز پارٽيءَ سان انگل بھ ڪيا آھن ۽ احتجاج بھ ڪيا آھن ۽ ايم ڪيو ايم جڏھن بھ چاھيو آھي تھ ھن پيپلز پارٽيءَ کي پنھنجن پيرن تي جھڪايو آھي. ھن وقت بھ ايم ڪيو ايم جي آڏو پيپلز پارٽي ڪمزور پوزيشن ۾ آھي. ڇو تھ اڄ بھ ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت مان ھٿ ڪڍي وڃي تھ شھباز شريف جي حڪومت ڪرڻ ۾ ڪو وقت ئي نھ لڳائيندي. اھو ئي سبب آھي تھ ايم ڪيو ايم کي خوش ۽ راضي رکڻ جي لاءِ پيپلز پارٽيءَ نھ صرف گورنر ھن جي پنھنجي مرضيءَ جو رکيو آھي پر ھن ڪراچيءَ جي ميئرشپ بھ ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري اھو قطعي طور تي نھ سمجھڻ گھرجي تھ ڪو ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي ھٿ ۾ آھي. جڏھن تھ ڳالھھ ان جي بنھھ ابتڙ آھي. جيڪڏھن اسان غور ڪيون تھ اسان کي پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي ھٿ ۾ نظر ايندي. ان حوالي سان اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ ايم ڪيو ايم کي ھلائڻ وارا بھ پيپلز پارٽيءَ جا تھ ڪنھن بھ صورت ۾ نھ ٿا ٿي سگھن. پيپلز پارٽيءَ کي ھلائڻ جي سلسلي ۾ شھباز شريف يا نواز شريف جو تھ ڪنھن طرح سان تصور بھ ڪري نھ ٿو سگھجي. صرف اھي ڌريون نھ پر پاڪستان جي ڪا بھ سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ وٺي نھ ٿي سگھي. ايم ڪيو ايم کي جيڪڏھن ڪا قوت ڪنٽرول ڪري سگھي ٿي تھ اھا ساڳي قوت آھي، جنھن ايم ڪيو ايم کي وجود ۾ آندو ۽ ھن وقت تائين ھن کي ھلايو. ھن وقت اھا ئي قوت ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي ھڪ سڳي ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. جيڪڏھن ڪنھن سادي ماڻھوءَ جي ذھن ۾ اھو سوال آيو تھ اھو ڪيئن؟ اسٽيبلشمينٽ تھ سياست ۾ مداخلت نھ ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آھي!! ان قسم جي خيال وارن ماڻھن جي لاءِ مرزا غالب جو ھي مشھور شعر عرض آھي:
”تم ني قسم مئھ ڪشي ڪي کائي ھي غالب
تيري قسم ڪا ڪڇ اعتبار نھين ھي“

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button