ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پگهار کان محروم استاد

Editorial

سنڌ ۾ ڪٿي اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف عوام احتجاج ڪري رهيو آهي ته ڪٿي نوجوان بيروزگاري خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن ۽ ڪٿي وري ڪنهن اداري جا ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي دربدر ٿي رهيا آهن پر چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونءِ به ڪونه ٿي سري. اهڙي ريت احتجاجن جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪومت جي ڪن لاٽار به هلي رهي آهي. اهي معاملا جيڪي عام طور تي حڪومت کي پنهنجي منهن حل ڪرڻ گهرجن انهن لاءِ به عوام کي روڊن تي نڪرڻو پوي ٿو ۽ احتجاج ڪري عوام پنهنجا پير پٿون ڪري ڇڏيندو آهي پر تنهن هوندي به حڪومت عوام جي مطالبن کي مڃڻ يا پنهنجا ڪيل وعدا پاڙڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام جي بنيادي مسئلن کي به حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڪهڙي مرض جي دوا آهي. اها اڳيان هلي ڪهڙا مسئلا حل ڪندي ۽ ڪهڙي ريت عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي.

ڪجهه وقت اڳ سنڌ ۾ نون استادن جون ڀرتيون ڪيون ويون هيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ استادن جي کوٽ لڳي پئي هئي ۽ ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تعليم کاتي استادن جون ڀرتيون ڪيون ته جيئن ٻارڙن جي تعليم جو سلسلو جاري رکي سگهجي. اهي سڀ استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن. اهي ڪي سفارشي استاد ڪونه آهن. ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿيل استادن کي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ضرور جاري ٿيڻ گهرجي پر گذريل ڪيترن ئي مهينن کان استادن کي پگهار جاري ڪونه پيو ڪيو وڃي. نتيجي ۾ انهن احتجاج جي واٽ اختيار ڪئي آهي. گذريل ڪيترن ڏينهن کان مختلف شهرن ۾ نوان ڀرتي ٿيل استاد پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن ته جيئن کين پگهار ڏنو وڃي پر هيستائين انهن جي آواز کي اڻ ٻڌو ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو اهي استاد پريشانيءَ جو شڪار آهن پر انهن لاءِ پنهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪوبه ماڻهو نوڪري ان ڪري وٺندو آهي ته جيئن پگهار وسيلي گهر جو خرچ پورو ڪري سگهي. پر جيڪڏهن حڪومت استادن کي پگهار ئي نه ڏيندي ته پوءِ ڪهڙي ريت استاد طبقو پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهندو.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب پ ٽ الف حيدرآباد پاران نون ڀرتي ٿيل استادن کي پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي روشن علي مشوري ۽ ٻين چيو ته آءِ بي اي استادن کي نوڪري ته ملي آهي پر گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهار ناهي مليو. جڏهن ته اڃا تائين استادن جون آءِ ڊيز پڻ ناهن ٺاهيون ويون، جيڪا استادن سان وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته پگهار نه ملڻ ڪري مهانگائي سبب گهر هلائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته ڊي اي او پرائمري حيدرآباد جي نااهلي سبب سندن جون آ ڊيز اڃا تائين ناهن ٺهيون، جنهن سبب کين پگهار ناهن مليا. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي آ ڊيز ٺاهي جلد پگهار جاري ڪري نون استادن سان انصاف ڪيو وڃي. ڪنهن به ماڻهوءَ کي سرڪاري نوڪري ملڻ کان پوءِ پهرين مهيني پگهار جاري ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. پر هتي ميرٽ وسيلي تعليم کاتي به ڀرتي ٿيل استادن کي پگهار نه ڏيڻ جو ڪهڙُو جواز آهي ۽ ڪهڙي ريت حڪومت انهن ماڻهن کي پگهار نه ڏئي انهن لاءِ مسئلا وڌائي رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت وٽ استادن لاءِ پگهار ڪونه هو ته پوءِ اجايو انهن کي ڀرتي ڇو ڪيو ويو. اسڪول اچڻ وڃڻ کان وٺي روزمره جا ڪيترائي خرچ استاد پنهنجي کيسي مان ڀري رهيا آهن. پر حڪومت کي ان ڳالهه جي پرواهه ئي ناهي. هي استاد سنڌ جي انهن ٻارن کي پڙهائي رهيا آهن، جن کي تعليم جي ضرورت آهي ۽ سنڌ ۾ اڃا به وڌيڪ استادن توڙي اسڪولن جي ضرورت آهي. پر ههڙو حال رهيو ته پُوءِ ڪوبه ماڻهو استاد ٿيڻ نه چاهيندو.
اسن سمجهون ٿا ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي پگهار نه ڏيڻ حڪومت جي نا انصافي آهي، تنهنڪري حڪومت استادن جي پريشانين کي محسوس ڪندي پنهنجي ذميواري نڀائي، ڇاڪاڻ ته استاد اڄ به اسڪول وڃي ٻارن کي پڙهائڻ جو عمل جاري رکندا پيا آهن. جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته اهو سلسلو هلندو رهي ته بنا دير جي استادن جو پگهار جاري ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button