پاڪستان ۽ سنڌ صوبي ۾ معاشي بحران انساني زندگيءَ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، ائين لڳي رهيو آهي ته هي حڪمران ۽ سرمائيدار ڪجهه نه خريد ڪندا هجن ۽ نه وري کائيندا هجن. اهو ان ڪري ته حڪمرانن جو سياسي بحران دراصل معاشي بحران ئي هوندو آهي. جيڪو هاڻ اصل صورت ۾ ٻرن مان نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي. هڪ رپورٽر صحافي جي حيثيت ۾ هڪ سروي ڪئي سين ته خبر پئي ته حيدرآباد ۾ دڪاندارن، گوشت جي دڪاندارن، ڊيري مالڪن توڙي فروٽ ۽ ٻين هنڌن تي لڳل استالن تي ويٺل ماڻهن ٻڌايو ته سندن قوت خريد گهٽجي وئي آهي. دڪاندارن ٻڌايو ته ماڻهن ۾ قوت خريد نه رهي آهي. هتي اسان مهانگي اگهه تي ملندڙ اٽي ۽ ان اٽي جي بحران کي پيدا ڪندڙ مافيا تي ڳالهائينداسين. مهانگي اٽي خلاف پوري سنڌ ۾ پيڙهيل ۽ معاشي طور ڪمزور طبقي جون رڙيون نڪري ويون آهن. سنڌ ۾ 10 ڪلو اٽو 14 سئو ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.
آبادگار اڳواڻ ۽ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي ٻڌايو ته سنڌ ۾ گذريل سال 11 لک 81 هزار هيڪٽر تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿي هئي، جنهن مان اندازي مطابق تقريبن ساڍا 35 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سنڌ ۾ پيدا ٿي، ان حساب سان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي مجموعي کپت 42 لک ٽن آهي، جنهن ۾ اها ڪڻڪ ڪراچي ۽ بلوچستان رستي افغانستان ۾ به اسمگل ڪئي وڃي ٿي. هن ٻڌايو ته هن وقت 7 لک هيڪٽر تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿي سگهندي، جنهن سان 22 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿيندي. باقي 18 لک جي کوٽ کي حڪومت کي منهن ڏيڻو پوندو. هن هڪ اهم ڳالهه ٻڌائي ته گذريل سال سنڌ حڪومت آبادگارن کان 22 سئو روپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي هئي. ان خريد ڪيل ڪڻڪ جي حساب سان ڪڻڪ جو في ڪلو 50 روپيا ٿئي ٿو. جڏهن ته هن وقت هڪ لڪل مافيا ۽ ماڻهو عوام کي اٽو 140 کان 145 روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن. حڪمرانن کان پڇڻ گهرجي ته 22 سئو مڻ ڪڻڪ مطابق جيڪو اٽو 50 روپيا ڪلو ڪرڻو هو. اها دعوا ڪير پوري ڪندو.
اسان هن وقت ڏٺو آهي ته ساڍا 35 لک ٽن ڪڻڪ جي پٺيان به هڪ مافيا آهي. فوڊ کاتي کان وٺي هتان جي مقامي آٽو چڪي مالڪن جي ملي ڀڳت سان هڪ چين ٺهيل آهي. جنهن ۾ حڪومت جا نمائندا به شامل هوندا. 50 روپين واري اٽي جو اگهه ڪير مقرر ڪرائيندو، اهو سوال به ڊويزنل ڪمشنر، ضلعي انتظاميه ۽ ڊپٽي ڪمشنر حل نه ڪيو آهي. هن سال ٻوڏ دوران ڪڻڪ 4 هزار روپيا في مڻ آبادگارن کان خريد ڪرڻ لا چيو ويو آهي. جنهن جو فوڊ کاتي نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو آهي. هن سال جي ڪڻڪ 1 مارچ کان شروع ٿي ويندي. نئين ڪڻڪ جي پوکائي کان پهرين هٿرادو پيدا ڪيل اٽي جو بحران ختم ڪيو وڃي ۽ ڪڻڪ کي گودامن مان ٻاهر ڪڍيو وڃي.
حيدرآباد جي ڊي سي فواد غفار سومرو ۽ خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حڪمن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. اٽي جو سرڪاري اگهه 65 روپيا ڪلو مقرر ڪرڻ باوجود عوام کي اٽو 140 کان 145 روپين ملي رهيو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي به اٽي جو اگهه سرڪاري نه ڪرڻ ۽ ذخيره اندوزي لا به جاچ وٺڻ گهرجي.
اٽي جي بحران تي تفصيلي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي دوست نياز وگهيو ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد سميت سڄي سنڌ اندر سنڌ حڪومت جي حڪمن کي ڊپٽي ڪمشنر، توڙي خوراڪ کاتي جي عملدارن ٿڏي ڇڏيو آهي. اٽي جي اگهه ۾ واڌ جي ذميوار ضلعي انتظاميه، ڊي ايف سي آهن. ڊي ايف سي آفيسن ۾ نٿا لڀن. چڪي توڙي فلور مل مالڪن کي ڪڻڪ ٽن مهينن دوران ڏيڍ لک کان وڌيڪ 100 ڪلو جون ٻوريون 58 سو روپين ۾ في ٻوري جاري ڪري ڪئي وئي. جيئن شهرين کي سستي اگهه 65 روپين ۾ في ڪلو اٽو فراهم ٿي سگهي. ان دعوا ۽ حڪم تي به ڪنهن عمل نه ڪيو آهي.
خوراڪ کاتي جي عملدارن لکين روپيا ڪميشن جي عيوض شهرين کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. ان سان گڏ اسان ڏٺًو آهي ته ساڳئي وقت خوراڪ کاتو حيدرآباد جي بيان موجب ته ڊسمبر ۾ اٽي چڪين ۽ فلور ملن کي 51 هزار 5 سو 64 ٻوريون جاري ڪيون ويون. جڏهن ته گذريل سال جي آخري ٻن مهينن ۾ اٽي چڪي مالڪن ۽ فلور ملن کي ڏيڍ لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون جاري ٿي چڪيون آهن. حڪومت جي اها دعوا درست آهي ته پو چڪي ۽ فلور مل مالڪن ڇو عوام کي 50 يا 65 بدران 145 ڪلو في وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن خلاف ڪير ڪارروائي عمل ۾ آڻيندو. جيتوڻيڪ اسان صحافين جا ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته خوراڪ کاتو اٽي چڪي ۽ فلور مل مالڪن کان ڪڻڪ جي في ٻوري تي هڪ هزار کان 12 سئو رپيا رشوت وصول ڪري ٿو. جن کي ڪوٽا کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون وٺڻ تي 2 هزار روپيا رشوت ڏني وڃي ٿي. ان ڪري خوراڪ کاتي جي ڪامورن پنهنجا چپ ڄڻ ته سبي ڇڏيا آهن. هن سڄي بحران جو وڏو سبب فوڊ کاتو سنڌ، حيدرآباد سميت سمورن ضلعن جو عملو آهي. ان سان گڏ اٽي جي مهانگي ٿيڻ ۽ بحران پيدا ڪرڻ جو وڏو سبب اٽي چڪي جا مالڪ آهن. جيڪي سستو اٽو خريد ڪرڻ باوجود عوام کي سستي اگهه تي اٽو فراهم نٿا ڪن.
ٻيو ته خوراڪ کاتي به عملدارن کان پڇي سگهجي ٿو ته اوهان اٽي چڪي مالڪن کي 100 ڪلو واري ٻوري جيڪا 58 سئو ۾ ڏني. ان جو اگهه 65 روپيا في ڪلو اٽو مقرر ڇو نه ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اهڙي هٿرادو کوٽ کان پو سنڌ ۾ هاڻ جيڪڏهن 7 لک هيڪٽر تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿئي ٿي ته اٽي جو بحران اڃا وڌندو. حڪومت ۽ حڪمرانن هڪ مافيا کي نه روڪيو يا خوراڪ کاتي جي ڪامورن تي ڪڙي نظر نه رکي ته اهو اٽو عوام جي پهچ کان پري ٿي ويندو. پو ماضي جي ڪنهن خوراڪ جي اسم وانگر اٽي جو رڳو نالو ٻڌي سگهنداسين پر اٽو نه ملي سگهندو.
اٽو نه ملڻ، ماني نه کائڻ تي انساني جسم ڪهڙي واڌ ويجهه ڪري سگهندو. اهو سماج هن نٻل انسان کي ڪهڙي منزل تي پهچائيندو، ان لا ايندڙ وقت جي ڪا صدي نه پر ڪجهه لمحا يا واقعا ئي ڪافي آهن.
هي اهو فرانس ناهي جنهن جي راڻي چيو هو ته “اٽو ناهي ته ڪيڪ کائو”. ان ڪري پاڪستان ۾ گذريل سال ڪڻڪ جي پيداوار گهڻي ٿي آهي. ان باوجود عوام مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي. شهر ۾ سستي اٽي جا اسٽال به عوام کي وڏي مقدار ۾ اٽو ڏيڻ کان قاصر آهن. جن هنڌن تي سرڪاري اگهه وارا اسٽال لڳل ٿا، اتي سوين پورهيت جمع ٿي وڃن ٿا. جتي 80 سيڪڙو ماڻهن کي اهو سرڪار جو اٽو به نٿو ملي، جنهن لا هنن کي ڏهاڙي به وڃاڻئي پوندي آهي. ان ڪري حڪومت ۽ ادارن کي گهرجي ته گذريل سال جيڪا 11 لک 81 هزار هيڪٽر تي پوکائي ٿي هئي، ان مان پيدا ٿيل ساڍا 35 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ڪٿي گم آهي. خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سيز کي ويهاري سخت پڇاڻو ڪيو وڃي، اهو پڇاڻو ڪيو وڃي ته هٽڙي با پاس کان وٺي هر ضلعي جي بارڊر تان ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر ۽ ٽرڪ ڪير ٻئي ضلعي ۾ ڪيڏانهن کڻي وڃي ٿو. جنهن لا في ٽرڪ کان لکين روپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا. ان ڪري فوڊ کاتي جي ڪرتوتن ۽ رشوت جي سزا سنڌ جو عوام ڇو ڀوڳي. زنده رهڻ لا زندگيءَ جي هر شئي مهانگي آهي. هڪ سستو اٽو ئي هو، اهو به عوام جي پهچ کان پري ڪري ورتو آهي.