اسڪولي تعليم دوران ئي نوجوانن کي اها خبر هئڻ گھرجي ته سندن مستقبل ڇا آهي؟ ڇاڪاڻ ته انسان کي پنهنجي خامين جي خبر ڀل دير سان پوي يا سڄي عمر نه پئجي سگهي، پر خوبين جي خبر ته سڀ کان پهريان پئجي ويندي آهي. پر بطور قوم جي اسان جي بدقسمتي آهي جو شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڪاليجي تعليم تائين اهو پتو نه هوندو آهي ته سندن تعليمي ڪيريئر ڪهڙو هوندو يا اهي ڪهڙي مضمون جي تعليم پرائڻ چاهين ٿا ۽ ڇو؟ ٿيندو ائين آهي ته اوهان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ نوجوانن کان به اهو سوال پڇندا ته اڳيان جواب ملندو يار اليڪٽريڪل ۾ پيو پڙهان، بابي جو خيال آهي ته منهنجي لاءِ اهو سٺو ثابت ٿيندو. ڊاڪٽري پئي ڪريان، ابو چوندو هو امان! ڇوڪري ذات انجنيئرنگ جي ڪهڙي نوڪري ڪري سگهندي. ان ڪري ڊاڪٽريءَ جي تعليم تنهنجي لاءِ ٺيڪ آهي. ان شعبي ۾ ڏوڪڙ به جام آهن ۽ ماڻهوءَ جو سماجي رتبو پڻ بهتر بڻجي ٿو. اڪانامڪس جي تعليم پرائيندڙ نوجوانن وٽ به جواز اهو ئي ساڳيو پراڻو هوندو ته فلاڻي يا فلاڻي جو خيال آهي ته منهنجي لاءِ اهو شعبو صحيح آهي. ان ۾ نوڪريون به جام آهن. جيڪڏهن سرڪاري نوڪري ملي ته واه واه جيڪڏهن نه تڏهن به نجي شعبي ۾ اڪانامڪس پڙهيلن لاءِ جام نوڪريون آهن. مڙئي ڪٿي نه ڪٿي لڳي ويندم. اها لڳي وڃڻ واري ڳالهه عام طور تي اهڙي مُوڊ ۽ مهانڊي سان ڪئي ويندي آهي ڄڻ اميدوار کي هاڻي کان ئي پنهنجي صلاحيتن تي شڪ هجي. ڄڻ هُو هاڻي کان ئي اهو سمجهندو هجي ته لهي هُو پاءُ اٽي جو به ڪونه ٿو. ڄڻ هن سماج مٿس هر وک تي تنقيدون ڪري اهڙي جاءِ تي آڻي بيهاريو هجي جتي کيس لڳي ٿو ته هُو آهي ڪنهن به قابل نه. ان ڪري کيس بس ڪنهن نه ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ پوڻو آهي. کيس هڪڙي نه ته ٻي اداري جي مٿي ۾ لڳڻو آهي.
مٿي ڄاڻايل سوال توهان اهڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين کان به پڇي سگهو ٿا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سطح تي اڃان تائين زيرِ تعليم آهن ۽ انهن کان به جيڪي تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن. ٻنهي صورتن ۾ جواب رڳو زمان تبديل ڪري ڏنو ويندو. آئون فلاڻو مضمون پڙهي رهيو آهيان يا وري چيو ويندو مون فلاڻو مضمون ان ڪري پڙهيو هو جو…..يقينن ان جو سڀ کان وڏو سبب ڪيريئر ڪائونسلنگ جي اڻاٺ آهي. شاگردن توڙي شاگردياڻين جي تمام وڏي گهڻائي کي اهو ٻڌائڻ وارو ڪوئي نه هوندو آهي ته کين ڇا پڙهڻ گھرجي ۽ ڇا نه. پر جيڪڏهن ڪنهن کي صلاح ڏيڻ لاءِ ڪو ماڻهو هجي به ته عام طور تي اهو نيم حڪيم ئي هوندو آهي. مثال طور اهڙو پيءُ جيڪو انجنيئر پٽ ۾ پنهنجو پاڻ پسندو آهي يا وري اهڙي ماءُ جيڪا پاڻ ڊاڪٽرياڻي نه ٿي سگهي ۽ هاڻي خواهش اٿس ته سندس ڌيءَ اها کوٽ پوري ڪري. اهڙو ڪٽنب جيڪو سماجي ڌِڪار سبب پنهنجي پٽ، ڌيءَ يا ڀاءُ ڀيڻ کي جج، يا سول سروس ۾ بااختيار آفيسر طور ڏسڻ جو خواهشمند آهي. اسان جي سماج ۾ خاص ڪري نياڻين سان ته ان معاملي ۾ تمام وڏو ظلم آهي. هڪڙي پاسي سندن تعليمي معيار ڇوڪرن جي نسبت پٺتي پيل هوندو ته ٻئي پاسي وري ڪائونسلنگ به اڻ لڀ آهي.
مضمونن يا شعبن جي چُونڊ جي معاملي ۾ شاگردن وٽ ڪارڻ سندن والدين جي پسند هوندو آهي يا وري کين نوڪري ملڻ جو آسرو هوندو آهي. يا اهي ان ڪري چونڊيندا آهن جو کين ٻيو ڪو رستو نظر نه ايندو آهي يا وري جنهن مضمون ۾ اعلى تعليم پرائڻ سندن خوشي ۽ مقصد بڻجي ويندو آهي، ان مضمون جي اسڪول ۽ ڪاليج واري زماني ۾ صحيح نموني تعليم نه پرائڻ سبب هاڻي کين لڳندو آهي ته مثال طور فزڪس مون کان زور آهي. ان ڪري ڀلا ايم اي سنڌيءَ ۾ ئي ڪري ٿو وٺان، ان صورت ۾ به يونيورسٽيءَ ۾ ته هوندس نه.
جيتوڻيڪ اسان جي زماني ۾ شاگردن توڙي شاگردياڻين وٽ پراڻي زماني جي ڀيٽ ۾ چونڊ ڪرڻ لاءِ انيڪ مضمون ۽ شعبا موجود آهن پر وري به ڳالهه اها ته کين پوري ريت ڄاڻ ڪانهي ته ان شعبي يا مضمون جي اهميت ڪهڙي آهي؟ منجهن صلاحيتون آهن ته ان مضمون جي تعليم سندن کوپڙيءَ ۾ به ويهي؟ يا اهڙا ئي ڪجهه ٻيا سوال سندن اڳيان اڻ جوابيل رهن ٿا. مثال طور طب جي تعليم حاصل ڪرڻ جي شوقين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اها خبر ڪانه هوندي آهي يا اهي اها خبر رکڻ ئي نه چاهيندا آهن ته طب جي تعليم حاصل ڪرڻ جو اڪيلو مقصد ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻي بڻجڻ ڪونهي. پيرا ميڊيڪل عملي کان وٺي نرسنگ ۽ فارميسي تائين طبي تعليم جا مختلف ۽ انيڪ شعبا آهن. پنهنجي صلاحيتن آڌار اوهان پنهنجو پاڻ کي ان جاءِ تي ڦٻائي سگهو ٿا، جتي توهان جي واقعي به گنجائش ۽ ضرورت آهي. تعليم جي شعبي سان سلهاڙجڻ جي خواهش به ڦري گهري ماستريءَ تي ئي اچي ڇيهه ڪندي آهي جڏهن ته ائين ٿيڻ نه گھرجي. تعليم کاتي اندر انتظام ڪاريءَ کان وٺي تعليمي نصاب ترتيب ڏيڻ تائين جي مختلف شعبن ۽ انهن جي ذيلي شعبن اندر گنجائش موجود هوندي آهي پر جيئن ته اسان جو ذهن ٺهيل هوندو آهي ته ڪجهه به نه، بس ماستر ٿيندس، اهو به فلاڻي يا فلاڻي ڪيڊر ۾، ته پوءِ خواهش اڌوري رهڻ تي اسان جو دنيا جهان کان ارواح کڄي ويندو آهي.
جيڪڏهن ٻار کي ان جي پسند جو مضمون نه پڙهايو ويندو، جيئن عام طور تي اسان وٽ ٿيندو رهي ٿو يعني ٻار کي پڙهائبو اهڙي مضمون ۾ جنهن جي منڊيءَ ۾ وڌيڪ ضرورت هوندي. اهڙي صورت ۾ ٻار جي ڪارڪردگي بهتر نه رهندي آهي. عام طور تي اهو نه رڳو مارڪون گھٽ کڻندو آهي بلڪه ڪيترن معاملن ۾ ته اهڙا ٻار فعل به ٿيندا رهندا آهن. جڏهن ته پنهنجي دلچسپيءَ واري مضمون ۾ پڙهڻ جو موقعو ڏيڻ تي ٻارن جي ڪارڪردگي لاجواب رهندي آهي.
ان سلسلي ۾ اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي ٻارن جي ڪائونسلنگ ڪرڻ تمام ضروري آهي. جنهن جي نه هجڻ سبب نسلن جا نسل رستو وڃائي ويهن ٿا.
پاڪستان جي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون گڏيل طور تي تعليم تي جيڪا بجيٽ خرچ ڪن ٿيون اها 1000 ارب روپيا تائين آهي، يعني ڏهه کرب روپيا ساليانو. پاڪستان جهڙي ملڪ اندر دفاع ۽ قرض لاهڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندڙ رقم کان پوءِ اها سڀ کان وڏي رقم آهي پر ان منجهان لاڀ حاصل نه پيو ٿئي. پڙهندڙ کي ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته نجي تعليمي ادارن ۾ خرچ ٿيندڙ بجيٽ ان کان سواءِ آهي جنهن جو اسان ذڪر ڪري چڪا آهيون. ان ڪري جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته تعليم تي پيسا نه پيا خرچيا وڃن، ان ڪري اسين پوئتي آهيون، انهن کي اهو سمجهڻ گھرجي ته ڳالهه تعليمي بجيٽ ۽ خرچ جي بلڪل ڪانهي. ملڪ اندر في شاگرد تي صوبائي حڪومتن جو ساليانو خرچ ڪجهه هن ريت آهي: پنجاب 31 هزار روپيا، پختون خواه 38 هزار روپيا، سنڌ 40 هزار روپيا ۽ بلوچستان 61 هزار روپيا. ٻِي ڳالهه اها آهي ته ملڪ کي وجود ورتي لڳ ڀڳ مني صدي گذري چڪي آهي ان هوندي به چاليهه سيڪڙو آبادي نالي ماتر تعليم پرائڻ کان به محروم آهي. سرڪاري انگ اکر به اهو پيا ظاهر ڪن ته جنهن کي لکي پڙهي سگهڻ جي صلاحيت وارو ماڻهو چئبو آهي، سي اسان جي ڪل آباديءَ جو رڳو سٺ سيڪڙو ئي آهن. ٿورو اڃان اڳتي هلون ته 2020ع واري سرڪاري سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرائمري سطح تي داخلا جو رڪارڊ شاندار نه رهيو آهي. اسڪول وڃڻ جي ڄمار جي ٻارن منجهان رڳو 64 سيڪڙو ئي اسڪول رڪارڊ ۾ داخل آهن. جڏهن ته 2015ع ۾ اهو سيڪڙو 67 هو. يعني اڳتي وڌڻ بدران پٺتي پيا وڃون. پنجاب 70 ۽ بلوچستان 56 سيڪڙو وارو پنهنجو تناسب برقرار رکيو آهي البت سنڌ صوبو 61 کان 55 تائين ۽ خيبر پختون خواه 71 کان 66 سيڪڙو تائين پوئتي آيا آهن.
آغا خان يونيورسٽيءَ پاران پوري ملڪ ۾ هڪڙي معلوماتي سروي ڪرائي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پتو پيو ته اٺين ڪلاس جي رڳو 5 سيڪڙو شاگردن کي رياضيءَ جو عام سوال حل ڪرڻ اچي ٿو. اهڙيءَ ريت جنرل سائنس جو ڪو سوال حل ڪرڻ وارن شاگرن جو تناسب 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪونهي. حقيقت اها آهي ته ڪافي استاد به انهن سوالن جو درست جواب ڏيڻ کان قاصر هوندا آهن.
سنڌ ۾ ته اوهان عملي طرح ڏسي رهيا آهيو، حڪومت جو اهو ڪم ئي نه رهيو آهي ته صوبي ۾ تعليم عام ٿئي يا ان جو معيار بهتر بڻجي. ان جي ابتڙ صوبائي حڪومت جو مقصد گھڻي کان گھڻن ماڻهن کي ماستر بڻائڻ آهي. نيڪيءَ جو اهو ڪم ڪندي جيڪڏهن ڪٿان ڪنهن شاگرد ڪو اکر پڙهي سمجهي ورتو ته غنيمت آهي پر اهو اهڙي نموني پاڇل واري پيداوار يا نتيجو آهي، جهڙي نموني سارين جي پوک ڪرڻ جو مقصد پلال حاصل ڪرڻ نه هوندو آهي پر چانور حاصل ڪندي ڪندي، پلال به ملي پوندو آهي.
پاڻ هميشه جيان آخر ۾ وري به ترجيحن جي ڳالهه ڪنداسين. هندوستان انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي نالي ٽيڪنيڪي تعليم جو پهريون ادارو 1951ع ۾ جوڙيو هو. 1960 واري ڏهاڪي ۾ اتي اهڙا چار ٻيا ادارا قائم ڪيا ويا هئا. پر اسان ان سموري عرصي ۾ ست وزيرِ اعظم تبديل ڪرڻ جي چڪر ۾ ڦاٿل هئاسين، جنهن ڪري ٽيڪنيڪي تعليم ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان رهجي وياسين.