ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوامي مفادن کي پٺي ڏيندڙ سرمائيدار حڪمران

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل بت کي جوڙي ٻيهر کڙو ڪرڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ پي ڊي ايم جي وفاقي سرڪار ۾ سندن پارٽنر جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن کي منٿ ميڙ ڪيائين ته ٻيلي ھنن سان ڪيل واعدا پورا ڪريو ته ان ڳالھه تي وڏو اعتراض تحريڪ انصاف جي ترجمان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌريءَ کي آهي ۽ کيس ڏاڍي چڙ لڳي آھي. اڱاري تي ھڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ جي ليڊر چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٽن چئن ڌڙن کي گڏائي متحد ڪرڻ جو اصل مقصد ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي خلاف متحده محاذ ٺاهڻ آهي. ھن ڪم جو ٺيڪيدار گورنر ڪامران ٽيسوري جھڙي تڪراري شخص کي بڻايو اٿن، جيڪو زمينن ۽ پلاٽن تي قبضن ۽ ٻين ڏوھاري ڪمن جي ڪري بدنام ٿيل آهي. ايم ڪيو ايم جي اڌ مئي جسم ۾ ساهه ڦوڪڻ انهن شھيد فوجي جوانن سان غداري برابر ٿيندو، جن ڪراچيءَ مان دھشتگرديءَ جي پاڙ پٽڻ خاطر پنهنجيون جانيون قربان ڪيون.
بھرحال پيپلز پارٽي پاران ڪيل واعدا نه پاڙڻ خلاف ھڪ پاسي ايم ڪيو ايم جي متحد ٿي ويل اڳواڻن وزير اعظم شھباز شريف کي دانھن اڳ ۾ ئي ڏئي ڇڏي آهي ۽ اڱاري تي گورنر ڪامران ٽيسوري اوچتو لاھور پھچي پاڻ به شھباز شريف سان مليو آهي ۽ کيس ٻڌايو اٿس ته جيسين پ پ قيادت اوھان جي ڏنل ضمانت مطابق متحده قومي موومينٽ جي سمورن مطالبن کي نه مڃيندي تيسين سندس اھا جاکوڙ به بي مقصد رھندي ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ ۾ ٻيھر طاقتور تنظيم ٺاهيون. ٽي وي چئنلز تان اربع ڏينهن ٻنپهرن مھل جيڪي ڪجھه مون ٻڌو، ان جو تت ھيءَ آهي ته وزير اعظم شھباز شريف پنهنجي اتحادي پارٽي پ پ جي سربراهه آصف علي زرداريءَ سان فون تي ڳالهايو ۽ کيس چيائين ته ايم ڪيو ايم وارا نه رڳو 9 جنوري تي ڪراچيءَ ۾ گڏيل احتجاج ڪندا بلڪه اھا ڌمڪي به ڏياري موڪلي اٿن ته ھڪ ھفتي اندر سندن “جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته ھو حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندا.” ايم ڪيو ايم طرفان وزير اعظم کي اھو به ياد ڏياريو ويو ته پيپلز پارٽيءَ سان اسان جو ٺاهه ڪرائڻ مھل اوھان پاڻ ضامن ٿيا هئا ته پوءِ ھاڻي پنھنجي ذميواري ڇو نه ٿا نڀايو؟
ھاڻي ڇا ٿيندو؟ منهنجي ذاتي خيال ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي تڪرار کي ختم ڪرائڻ ۽ سندن احتجاج کي روڪرائڻ لاءِ شھباز شريف کي پاڻ بنفس نفيس ڪراچي پھچي، ٻنهي ڌرين کي گڏ ويھاري ايم ڪيو ايم جي ڪاوڙ جو علاج ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ٻيئي ڌريون لچڪدار نموني ھڪ ٻئي کي نه مڃينديون ۽ ايم ڪيو ايم پي ڊي ايم سرڪار کان ڌار ٿيڻ واري ڌمڪي مطابق عمل ڪيو ته شھباز شريف جي حڪومت ڊھي پٽ پئجي سگهي ٿي.
اھڙي مشڪل صورتحال ۾ ڇا اسٽيبلشمينٽ ميان شهباز شريف کي بچائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم مٿان پنهنجو اثر ۽ ڪنٽرول استعمال نه ڪري سگھندي؟ منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ھرگز نه. ڇاڪاڻ ته نئين فوجي سپاهه سالار جنرل عاصم منير شاهه کي جن ڏکين حالتن ۾ ھيءَ عھدو مليو آهي، انهن ۾ ھو فوج جي ساک کي بچائڻ خاطر سياست ۾ ڄنگهھ اڙائڻ کان بچڻ خاطر وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي. اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جنهن بيدرديءَ سان سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪري ھن اداري جي ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي، ان جي تقاضا آهي ته فوج سياست کان پاسيري ٿي پنهنجي پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميوارين تي ڌيان ڌري.
جيتوڻيڪ اھا حقيقت آھي ته جنرل باجوہ جي وڇايل ڄار ٽوڙڻ ۾ نئين فوجي قيادت کي ٽي چار مهينا لڳي ويندا پر اھو ڄاڻائي ڇڏيان ته جنرل عاصم منير کي تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي لڳاتار حملن سبب انيڪ فوجي جوانن ۽ آفيسرن جي شھادت کان پوءِ پنهنجي لشڪر جي نئين سر صف بندي ڪرڻ واري ڪم کي اوليت ڏيڻي پوندي. ان کان به وڌيڪ اھم ڪم کيس اھو ڪرڻو آهي ته جنرل باجوہ ھن اداري جي طاقت کي پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري جيڪي بدنما داغ لڳائي ويو آهي، انھن داغن کي ڌوئي صاف ڪري. تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جيڪي روز روز بيان ڏيندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اڃا تائين “باجوه ڊاڪٽرائن” مطابق ڪم ڪري رهي آهي. اھا سندس سياسي نا بالغپڻي کي ظاھر ڪندڙ آھي. جيڪو آرمي چيف خود عمران خان جي ڏنل ايڪسٽينشن ذريعي پورا ڇھه سال ھن اداري جي اڇي ڪاري جو مالڪ رهي، پنهنجن مفادن مطابق اھم عھدن تي مقرريون ۽ بدليون ڪري مغل شھنشاهه رنگيلي جيان عيش ڪندو رهيو، ان جي جوڙيل سرشتي کي ڇھن ھفتن ۾ ته بدلائي نه ٿو سگهجي.
حقيقت ھيءَ آهي ته جيڪڏهن جنرل باجوہ عمران خان جي سرڪار کي ڪجھه مھينا وڌيڪ مھلت ڏئي ھا ته ھيءَ اڄوڪي معاشي ڏيوالپڻي واري حالت، مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جو گھنگھو عمران خان جي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ھا ۽ سندس بيڪار حڪمرانيءَ کان بيزار ٿيل ماڻهن جو پارو چوٽ چڙهي وڃي ھا، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت ايتري قدر ذليل ۽ خوار ٿي سگهي ھا جو ماڻھن کي پنھنجو منھن ڏيکارڻ جي قابل نه رهي ھا. خدا جي خلق بدترين ڪارڪردگيءَ مان تنگ اچي کيس ڊوڙائي ڪڍي ھا. پر چوندا آهن ته بندي جي من ۾ ھڪڙي سوچ پر ٿيندو اھو ئي آھي جيڪو قدرت کي منظور ھجي. بي اعتمادي واري رٿ جي نتيجي ۾ وزير اعظم ھائوس منجهان نيڪالي ملڻ کان پوءِ حڪومت جون واڳون جن آزمايل سياسي اڳواڻن حوالي ڪيون ويون، مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جو سڄو نزلو انھن مٿان اچي ڪريو آهي. عمران خان جيڪو مقبوليت وڃائي ويٺو ھو سو اڄ پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي ۽ وزير اعظم شھباز شريف جي شھر لاھور جي نوجوان نسل ۾ گھڻو پاپولر ٿي ويو آهي ۽ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي سالن واري پوک کي سندس مخالف سياسي ليڊر عمران خان لڻي رهيو آهي. پاڪستاني جي پنجھٺ سيڪڙو آباديءَ واري پنجاب مان مسلم ليگ نواز سان گڏوگڏ چوڌري شجاعت ۽ سندس ڀاءُ پرويز الاهيءَ جا به ٽپڙ ٽيشن تي پھچڻ وارا آھن. سو ڪيئن؟ ٻڌايان ٿو.
پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي نئين گهرواري ظاهر ٿي آهي، جنهن وٽان تمام گهڻو خزانو هٿ آيو آهي، تنهنڪري پرويز الاهي ان ڪيس ۾ سوگهو هوندو ۽ هن کان پنجاب جي وڏ وزارت به کسجي ويندي. ان کان سواءِ ڪجهه وقت اڳ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف جي هڪ ويڊيو ظاهر ٿي آهي، جيڪا مريم نواز ڏسي ٽهڪ ڏنا آهن. مريم نواز هن وقت لنڊن ۾ آهي، امڪان اهي آهن ته هوءَ گرفتار ٿي سگهي ٿي ۽ کيس ضمانت تي ڇڏيو ويندو. ٻئي پاسي تازي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته کنڊ امپورٽ ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن کنڊ امپورٽ ٿيڻ جي منظوري ملي ٿي وڃي ته هڪ ڀيرو وري غريب ماڻهوءَ لاءِ کنڊ جو نه رڳو بحران پيدا ٿيندو پر اها مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي ويندي. ماضي ۾ جڏهن اهڙا فيصلا ڪيا ويا هئا ته جهانگير ترين، پرويز الاهي ۽ آصف زرداري کنڊ جي ڪيترين ئي شوگر ملن جا مالڪ بڻجي ويا هئا. اهي عوام جي پئسي تي پنهنجا ڪارخانا وڌئيندا رهيا.
عوام وٽ کائڻ لاءِ اٽو ڪونهي. اهو اٽي لپ لاءِ پريشان لڳو پيو آهي. مٿان هن حڪومت لاءِ معيشت کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. ملڪ جا ايئرپورٽ گروي رکي اهو شوشو ڇڏيو ويو آهي ته انهن کي آئوٽ سروس ڪيو ويو آهي. هي حڪمران سرمائيداري واري ذهينيت رکن ٿا، ان سان عوام ڪڏهن به سکيو ڪونه ٿي سگهندو. مون کي ڪارل مارڪس جا لفظ ياد اچي رهيا آهن ته سرمائيدار پنهنجي مفادن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن عوام بک ۽ بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ لڳي ته سرمائيدار انهن لاءِ رسا وڪڻي به انهن مان پئسو ڪمائيندو.
عمران خان جي حڪومت کي هٽائڻ هن لاءِ ڄڻ ته Blessing in disguise ثابت ٿيو. تنهنڪري جيڪا خواري عمران خان جي نصيب ۾ لکيل هئي سا هاڻوڪي حڪومت جي ڳچيءَ جو ڳٽ بڻجي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button