عوام جي ڀلائيءَ لاءِ جيڪي ۽ جتي به ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، تن جي دل جي گھراين سان واکاڻ ڪرڻ گھرجي ته جيئن سنڌ جون عام حالتون گهڻو سڌري سگهن، جن ۾ اڳتي ھلي سڄي سنڌ جي عوام جي ڀلائيءَ به شامل ٿي سگهي ٿي. جيئن ته انساني سماج ۾ عوامي ڀلائيءَ واريون ڪوششون واکاڻ جوڳيون ھونديون آھن، سو نه رڳو انھن جي واکاڻ ڪرڻ گھرجي پر عوام جي ڀلائيءَ لاءِ انھن تي پنھنجي طرفان نيڪ نيتيءَ سان عمل به ضروري آھي.
انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته ماضيءَ ۾ سنڌ جي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ غيرسياسي پر سماجي ڀلائيءَ وارين کوڙ ڪوششون ڪيون وينديون ھيون، مون کي پراڻو قصو ياد آھي پر وقت گذرڻ سان عام حالتون سڌرڻ بدران خراب ٿي ويون آھن ۽ اھو دکدائڪ سلسلو اڃا بند ناھي ٿيو. البت ڏينھون ڏينھن دک ڀريو داستان وڌي رھيو آھي. ھونئن به عوام جي ڀلائيءَ لاءِ نيڪ نيتيءَ واريون سماجي ڪوششون، ترقيءَ جو سبب بڻبيون ۽ اڳتي ھلي سڄي سنڌ جي عوام جي گھڻائيءَ لاءِ، ڀلائي وارا سماجي ڪارناما نيٺ نئون سھڻو رنگ پيدا ڪندا. سماجي ڀلائيءَ وارين حالتن کي سمجھڻ لاءِ، سماجي ڀلائيءَ وارو تازو ھڪ اڌ مثال بيان ڪريون ٿا ته جيئن حالتن کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ ٻيا دوست به اڳتي ھلي سماجي ڀلائيءِ لاءِ دل سان ڪوششون ڪن.
خبر موجب سنڌ جي ھڪ مکيه شھر ٽنڊو آدم ۾ مختلف جوڙن جي شادي ڪرائي وئي. ٽنڊو آدم ۾ سماجي تنظيم طرفان 250 جوڙن جي گڏيل شادي ڪرائي آهي. شادي ڪندڙن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ 100 مسلمان، 100 هندو ۽ 50 عيسائي جوڙا شامل آهن. سماجي تنظيم طرفان شادي ڪندڙ جوڙن کي ڏاج ڏنو ويو، ڄاڃين ۽ مهمانن لاءِ مانيءَ جو به بندوبست ڪيو ويو. بابا راجڪمار جو چوڻ هو ته 2015ع کان هر سال بنا ڪنهن مذھبي متڀيد جي مسڪين جوڙن جي شاديون ڪرائي رهيا آهيون.
سنڌ جي ماڻھن کي عوامي شاديون ڪرائڻ وارين ڀلائيءَ جي ڪوششن جي آجيان ڪرڻ گھرجي. ساڳي وقت شاديءَ بابت ھڪ ٻي دکدائڪ خبر به ڇپي آھي، جيڪا شاديءَ نه ٿيڻ بابت آھي، جنھن جو حوالو ڏيڻ بہ مناسب آھي. خبر موجب شادي نه ڪرائڻ تي، جروار ۾ نوجوان پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي. نوجوان شادي نه ڪرائڻ تان پنهنجي مٿان پيٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کي اسپتال پھچايو ويو آهي. نوجوان وڪي ڪمار جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو، کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال پهچايو ويو، نجي اسپتال سکر ڏانهن موڪلڻ جو چيو. نوجوان شادي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ کي باهه ڏني. ان دکدائڪ واقعي سبب سندس گهر ۾ ماتم برپا ٿيل آھي.
بھرحال، مون انھيءَ موضوع تي مختلف وقتن تي مختلف ڪالم به لکيا آھن ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ غيرسياسي سماجي ڀلائيءَ واريون لاڳيتو ڪوششون ڪيون وڃن جنھن ۾ عام ماڻھن جي ڀلائي شامل ھوندي. اسان وٽ جيڏيون به مکيه ڪوششون عوامي ڀلائيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيون وڃن ٿيون ته انھن جو نتيجو بلڪل ٿورڙو يعني نه ھئڻ جي برابر نڪري ٿو.
اسان جي ليکڪ طور، ڪيترن ورھين کان اھا لاڳيتي جدوجھد جاري آھي ته سنڌ جا ماڻھو، سنڌ جي مختلف حصن ۾ رھندڙ عام ماڻھن جي ڀلائيءَ لاءِ سماجي ڀلائيءَ جون لاڳيتيون ڪوششون عملي طرح جاري رکن، ڇاڪاڻ ته انھيءَ جو نتيجو اھو نڪرندو ته چڱائيءَ واري ڊگهي جدوجھد ڪارڻ سنڌ جي سماجي ڀلائي وڌندي رھندي ۽ سنڌ جو عوام اڳتي ھلي نيٺ سکيو ستابو ٿي ويندو. مون ته انھيءَ سلسلي ۾ سرگرم ماڻھن کي به بار بار دلي اپيل ڪئي آھي. سنڌ ۾ رھندڙ سڀني ماڻھن جي نيڪ نيتيءَ سان خدمت ڪريو. ھڪ خاص ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته اسان وٽ ته اھڙو سياسي گروپ به آھي، جيڪو پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواهه ڪيترن ورھين کان سڏائي ٿو پر اھا تلخ سچائي آھي ته انھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون ڪونه ڪيون آھن، رڳو پنھنجي واکاڻ ڪرڻ لاءِ، وڏن بيانن تي ڏينھن رات زور هوندو اٿن. جڏھن ته عوام جي ڀلائي انھيءَ ۾ سمايل ھوندي آھي ته سندن ڀلائيءَ لاءِ باقاعدي ڪوششون ڪجن. جڏھن ته سکڻن بيانن سان عوام جو بھتر گذر سفر ڪونه ٿيندو.
اھا ڳالهھ نوٽ ڪرڻ گھرجي ته سنڌ ۾ مسلمان، ھندو ۽ عيسائين جون شاديون ڪجهھ سالن کان لاڳيتو ھندو مذھب وارو شخص ڪرائي رھيو آھي. اسان سنڌي ڀاءُ جي عوامي ڀلائيءَ وارين ڪوششن جي واکاڻ انھيءَ ڪري ڪئي آھي ته ھن سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ مکيه اپاءُ ورتو آھي. اسان جي دلي نيت آھي ته سنڌ ۾ مسلمان ٿلھي ليکي 90 سيڪڙو کن آھن، سو کين عوام جي سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن پر اھي غيرسياسي طور عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سماجي ڪوششون وڏي پيماني تي ڪيترن ورھين کان ڪونه ڪن ٿا. اھا بدقسمتي آھي ته اسان وٽ ھڪ اھڙو سنڌ جو “ٺيڪيدار طبقو” به آھي، جيڪو سدائين چاھيندو آھي ته ڀلائيءَ وارا سمورو ڪارناما سنڌ سرڪار ڪري پر اسان عملي طرح پاڻ ڪونه ڪنداسون.
سنڌ سرڪار ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڀلي ڪري پر اصل ڳالهھ اھا آھي ته سماجي عوامي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ به ڪوششن کي اوليت ڏين. مون دنيا جي کوڙ ملڪن خاص ڪري برطانيا، آمريڪا، سنڌين جي ڪاروباري شھر سنگاپور وغيره ۾ نوٽ ڪيو آھي ته اتي عوامي ڀلائيءَ لاءِ خانگي ادارا کوڙ آھن جيڪي ڪنھن به سياسي فرق کان سواءِ عوام جون خدمتون لاڳيتيون ڪندا رھندا آھن. مون آمريڪا جي ذاتي دوري دوران نوٽ ڪيو ھو ته آمريڪا ۾ علاج لاءِ مھانگائي گھڻي ھئي پر جيڪي علاج لاءِ خانگي ادارن ۾ ويندا ھئا، سي گھڻا پيسا ڀريندا ھئا پر ڪيترا اھڙا به سياسي ادارا ھئا جيڪي بيمار ماڻھن جا پيسا ڀري مفت مدد ڪندا ھئا. ڪئناڊا ۾ علاج به مفت ۾ ٿيندو هو. اھي غيرسياسي ادارا آھن پر اسان وٽ اھڙا عام ادارا ڪونھن. اسان وٽ ايڪڙ ٻيڪڙ ادارا عوام جي ڀلائيءَ لاِءِ ڪوششون ڪن ٿا. جڏھن ته “سنڌ جا ٺيڪيدار” رڳو بيان بازي ڪندا رھندا آھن. مطلب ته عوام جي غيرسياسي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪونه ڪندا آھن. بھرحال، سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ عملي ڪو ششون انھيءَ ڪري ضروري آھن جو روئڻ سان زيادتيون ختم ڪونه ٿينديون آھن. جڏھن ته ماحول جي حوالي سان سنڌ سميت پاڪستان سدائين نازڪ دور ۾ رھيو آھي. سنڌ کي بھتر بڻائڻ لاءِ سماجي ڪوششون ضرور ڪرڻ گھرجن. ٻي حالت ۾ عوام اھا شڪايت ڪندو ته “نڪو دم ٿو وڃي، نڪو غم ٿو وڃي.”
جيڪڏھن سڄي سنڌ ۾ خانگي ادارا ٺاھي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ غيرسياسي پر لاڳيتو سماجي ڪوششون ڪيون وڃن ته سنڌ ضرور ترقي ڪندي. انھيءَ ۾ شڪ جي گنجائش بلڪل ناھي. ڪاش! اھا ڳالھ سنڌ جي عوام کي سمجھه ۾ اچي.
بھرحال، منھنجي سنڌ جي عوام کي نيڪ نيتيءَ سان دلي عرض آھي ته سڄي سنڌ جي مختلف ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ گڏجي غيرسياسي ادارا ٺاھجن، جيڪي عوام جي خدمت ڪن. جن ۾ شاديون، علاج ۽ ٻيون سماجي ڀلايون شامل ھجن. انھيءَ تي عمل ڪرڻ سان سنڌ سماجي ڀلائيءَ طور عاليشان ترقي ڪندي.