فيض احمد فيض پاڪستان جي ترقي پسند ادبي تحريڪ جو اهم نالو رهيو آهي. هن راولپنڊي سازش ڪيس ۾ سزا به ڀوڳي. هو پاڪستان جي انهن ڪجھه اديبن مان آهي جن جو عالمي انقلابي تحريڪن سان ويجھو لاڳاپو رهيو آهي. هو گھڻو عرصو بيروت ۾ سوويت يونين جي اشتراڪ سان نڪرندڙ رسالي لوٽس جو ايڊيٽر به رهيو. فيض پهريون ڀيرو 1958 ۾ افرو ايشيائي ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لا تاشقند ويو هو. اتي ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ اهڙي رسالي طور لوٽس جو خيال پيش ڪيو ويو جيڪو نوآبادياتي غلامي مان آزاد ٿيل ملڪن جي ليکڪن جي ترجماني ڪري ۽ انهن جي خيالن کي پيش ڪري. ان سلسلي ۾ گھڻن مسئلن کي مئگزين جي جاري ٿيڻ کان اڳ حل ڪرڻو هو. پراڻن سوالن سان گڏوگڏ گھڻا عملي سوال به هئا جن کي حل ڪرڻو هو. مثال طور ان جي لا مالي ذريعا ڪٿان ايندا، اهو هڪ نمائنده رسالو ڪيئن ٿيندو، ڪهڙي ملڪ ۾ اهو عالمي سطح جو مئگزين قائم ڪيو ويندو ۽ آخري اهو ته ان کي ايڊٽ ڪير ڪندو ۽ ان ۾ ڪير پنهنجيون لکڻيون ڏيندا. فيض انهن سڀني سوالن تي غور ڪري آڪٽوبر 1963 ۾ سوويت يونين جي ليکڪن جي تنظيم کي پنهنجيون تجويزون پيش ڪيون. انهن سوالن جا جواب ڏيندي هن عرب دنيا جي سياسي ۽ دانشورانا زندگي جون اهم جھلڪيون پڻ پيش ڪيون. ان تنظيم فيض جي خط سان گڏ انهن تجويزن کي سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي کي پيش ڪيو ۽ ان سان فيض جي زندگي جو مختصر خاڪو پڻ پيش ڪيو. اهو مئگزين مارچ 1968 ۾ بيروت مان جاري ٿيو ۽ 1991 تائين هليو.
سندس اڳوڻي سوويت يونين سان هڪ ويجھو ناتو رهيو. سوويت انقلاب فيض ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين گھڻن نوجوانن لا هندوستان جي قومي ۽ طبقاتي آزادي جي حوالي سان اتساهه جو باعث هو. سندس سوويت ليکڪن سان پهريون واسطو ۽ ملاقات 1949 ۾ لاهور ۾ ترقي پسند ليکڪن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. ان کانپو 1956 ۾ دهلي ۾ ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس ۾ ڪجھه سوويت اديبن سان ملاقات ٿي. کيس 1962 ۾ لينن پرائز ڏنو ويو. هو پهريون ڀيرو سوويت يونين 1958 ۾ تاشقند ۾ ٿيل افرو ايشيائي ليکڪن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ويو جنهن ۾ شرڪت لا وڏي مشڪل سان پاڪستان مان ٻن اديبن حفيظ جالنڌري ۽ فيض کي وڃڻ جي اجازت ملي ۽ پو لاڳيتو سندس ٻه ٽي ڀيرا اتي وڃڻ ٿيو.
ان ڪانفرنس کانپو هو 1967 جي تباهه ڪن زلزلي کان ڪجهه وقت پو تاشقند ويو هو جڏهين شهر ۾ گھڻي تباهي ٿي هئي. ان وقت شهر ۾ تعمير نو جو ڪم جاري هو ۽ پو جڏهين ستر جي ڏهاڪي ۾ ازبڪ ليکڪن جي دعوت تي اتي پهتو ته کيس تاشقند بلڪل هڪ نئون شهر نظر آيو. مهمانن کي ميون ۽ ٻين شين جا فارم گھمايا ويا. سندس چوڻ آهي ته هتي اهو رواج آهي ته اوهان جنهن به گھر ۾ ويندا ته اوهان کي قهوو تيار ملندو. هتي کين ٻڌايو ويو ته معاشي لحاظ کان جمهوريه ڪافي ترقي ڪئي هئي. ڪپهه جي اپت ۾ اهو دنيا ۾ پهرئين نمبر تي هو ۽ آفريڪا کي پوئتي ڇڏي آيو هو. ازبڪستان جي سرزمين ڄڻ گئس جي سمنڊ تي تري پئي. لکين ڪلوواٽ بجلي، هزارين ڪلو ميٽر روڊ ۽ ڪيترا نوان ڪارخانا قائم ٿيا هئا پر افسوس ان ڳالهه جو هو ته ادب ۽ ثقافت ان رفتار سان ترقي نه ڪئي هئي. شرف رشيدوف جڏهين مهمانن کي چيو ته انهن ويٺل ليکڪن کان پڇو ته ڪيترا نوان ڪتاب لکيا ويا آهن ته سڀني جو منهن هارجي ويو.
ان وفد کي سمرقند ۽ بخارا جو سير به ڪرايو ويو. اتي گور امير جي نالي سان تيمور لنگ جي قبر ۽ ٻيا به قديم آثار آهن. پر انهن آثارن جي مناسب سنڀال ناهي ڪئي ويئي ۽ انهن ۾ بخارا جي آثارن جي حالت وڌيڪ خراب هئي. ليکڪ ان تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته قديم آثارن جي سنڀال جي صورتحال ملڪ جي يورپ واري پاسي به ساڳي آهي. انهن جي سنڀال وغيره تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي پر ساڳي وقت هو لکي ٿو ته جيڪا قوم پنهنجي حال مان مطمئن هوندي آهي ان کي پنهنجي ماضي جو گھڻو اونو نه هوندو آهي ۽ جنهن جو حال چڱو نه هوندو آهي ان جي ماضي سان وڌيڪ محبت هوندي آهي. هن هڪ نئين قائم ٿيل شهر دوشنبه جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو اڳ نه هو. اهو انهن ڪجھه شهرن مان آهي جيڪي انقلاب کان پو قائم ٿيا آهن. انقلاب کان اڳ اهو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جتي پڙي لڳندي هئي ۽ هن وقت اهو تاجڪستان جو گادي جو هنڌ آهي.
فيض جڏهين ماسڪو ويو ته اهو شهر ان کي لنڊن ۽ پيرس جهڙن شهرن کان بلڪل مختلف لڳو. هڪ ته اتي اهو گوڙ شور نه هو جيڪو انهن شهرن ۾ هوندو آهي. کيس بلڪل ائين لڳو ته جڏهين هو جيل جي گوڙ شور واري ماحول مان آزاد ٿي گھر آيو هو ته کيس ٻه ٽي ڏينهن گھر جي پرسڪون ۽ خاموش ماحول ۾ ننڊ ئي نه ٿي آئي ٻي ڳالهه ته پهريون ڀيرو اتي وڃڻ مهل کيس اشتهارن وغيره لا نيون سائن ۽ بل بورڊ وغيره نظر نه آيا جڏهين ته ٻئي ڀيري اتي وڃڻ مهل اهي ڪجھه ڪجھه نظر آيا. سندس چوڻ آهي ته گادي جي هنڌ هئڻ ڪري ماسڪو ۾ ملڪ جي ٻين شهرن مان مختلف ڪمن ڪارين لا ايندڙ ماڻهن ۽ ٻين ملڪن جي سياحن وغيره جي گھڻي اچ وڃ آهي. پر اتي ايتريون هوٽلون وغيره نظر نه آيون جيڪي انهن سڀني ماڻهن کي رهائش وغيره فراهم ڪري سگھن. هن جڏهين ان متعلق پڇا ڪئي ته کيس ٻڌايو ويو ته هتي گھڻا ماڻهو پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن وٽ اچي رهندا آهن ۽ کين هوٽل جي رهائش جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.
فيض جو چوڻ آهي ته ماسڪو جهڙو ڪر دنيا جي اديبن ۽ دانشورن جو هڪ بين الاقوامي مسافرخانو آهي. هتي سوويت يونين جي مختلف جمهوريتن جي اديبن ۽ شاعرن کانسوا دنيا جي مختلف ملڪن جا ليکڪ رهن ٿا. انهن مان گھڻن سان فيض جي ملاقات ٿي. هو خاص طور ترڪي جي شاعر ناظم حڪمت سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو جيڪا 1958 ۾ افروايشيائي ليکڪن جي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي ۽ پو 1963 ۾ سندس اوچتي وفات تائين سندن پاڻ ۾ رابطو رهيو. هو سندس متعلق لکي ٿو ته هو ڊگھو عرصو جيل ۾ رهڻ دوران سندس هڪ سٽ ڀلي غم ڪيڏا به هجن پر پنهنجي شيشي جهڙي دل هميشه درخشان رکو کي ورجائيندو رهندو هو. ماسڪو ۾ انهن ۾ شاعري متعلق پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي.
فيض تاشقند ۾ ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ مشاعرو به رکرايو هو جيڪو اتان جي ماڻهن لا هڪ نئين ڳالهه هئي. اتي ڪلام شاعر بزبان شاعر جو دستور ناهي. هتي ڪنهن خاص تقريب ۾ ڪنهن مشهور شاعر جو ڪلام ٻڌو وڃي ٿو يا تقريب جي مناسبت سان نظم ۽ نثر ٻيئي پيش ٿيندا آهن. هتي اسان جيان شاعر پڙ ۾ ملهه نه وڙهندا آهن.
هتي ناظم حڪمت سان سندس شعر جي اسلوب هيئت ۽ لغت تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اهو سلسلو سندن وچ ۾ گھڻين ملاقاتن ۾ جاري رهيو. ناظم حڪمت جو چوڻ هو ته قطعي آزاد شاعري يا آزاد نظم جو وجود ممڪن ئي ناهي. جيئن لفظ نظم مان ظاهر آهي. لفظن کي ڪنهن ترتيب ۾ جوڙڻ پڻ هڪ پابندي آهي ۽ مٿان وري شعر جون بنيادي گھرجون ان پابندي کي اڃا وڌائين ٿيون جيئن شعر نثر کان الڳ ِ۽ مٿانهون ٿي سگھي. ڇو ته شعر موسيقي مان جنم ورتو آهي ان ڪري پهريون شرط ئي اهو آهي ته اهو مخصوص ردم ۾ هجي ۽ ان ۾ لئه ۽ آهنگ جي پابندي هجي جيڪا خود شعر جي موضوع مطابق هجي. ان سان گڏوگڏ وري هي به فرض ڪيو ويو آهي ته انهن مخصوص بحرن کانسوا شعر جي تخليق ممڪن ناهي جيڪا ڳالهه صحيح ناهي. ان ڪري جو هتي ٻولي جي روزاني ڳالهه ٻولهه ۾ ان جو پنهنجو هڪ لڪل ۽ وکريل آهنگ هوندو آهي. جنهن تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ائين ڪيترا ئي مترنم نوان آوازي آهنگ اخذ ڪري سگھجن ٿا. پنهنجي ٻولي جي فطري آهنگ ۽ ترنم جا نوان امڪان دريافت ڪجن پر اسين سڀيئي ائين نه ٿا ڪيون ۽ شعر چوڻ مهل پيروي عربي عروض جي ڪيون ٿا. ڇا لا؟ ڀلا. پراڻا بحر ۽ وزن به ته عربن پنهنجي زبان، ان جي ڳالهه ٻولهه، ان جي رجز، پنهنجي گيتن ۽ نغمن مان برآمد ڪيا هئا. اوهان ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو ته ان جي لئي جو ماخذ اٺ جي چال جو ردم آهي. ان موضوع تي ٻنهي جي وچ ۾ گھڻي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. فيض اتي اليا اهرن برگ، سارتر،چنگيز اعتماتوف، رسول حمزه توف ۽ ٻين مختلف اديبن سان پڻ ملاقات ڪئي. .
فيض سائيبريا جو به دورو ڪيو. هن اتان جي جيڪا تصوير پيش ڪئي آهي اها اسان وٽ ان جي روايتي تصور کان بلڪل ئي مختلف آهي. اسان وٽ ان جو تصور هڪ اهڙي برف جي ريگستان جو آهي جتي زار جي دور ۾ سياسي مخالفن، باغين ۽ عادي ڏوهارين کي سزا طور موڪليو ويندو هو. هڪ اهڙي سخت زندگي جتان جيئرو موٽي اچڻ ڏکيو هوندو هو.. انقلاب کانپو اتي جيڪا ترقي ٿي آهي ان جي ڪري اتان جو سڄو نقشو ئي بدلجي ويو آهي. اتي نوان شهر قائم ٿيا آهن، مختلف قسم جا فارم، ڪارخانا ۽ معدنيات جا ذخيرا آهن. ان کانسوا اتان جي فطري سونهن آهي جيڪا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. اڳ ماڻهن کي اتي سزا طور موڪليو ويندو هو پر هاڻي ماڻهو اتي پنهنجي شوق سان گھمڻ وڃن ٿا.
فيض گھڻي اصرار کانپو سوويت يونين جي مختلف دورن متعلق پنهنجين يادگيرين کي هڪ ڪتاب “ماه و سال آشنا يادون ڪا مجموعه” جي نالي سان قلم بند ڪيو جيڪو 1979 ۾ ڇپيو. سندس چوڻ آهي ته هي نه ڪنهن صحافي جي رپورٽ آهي ۽ نه ڪنهن مبصر جو تجزياتي مطالعو آهي. اهو ته بس هڪ دوست ۽ هڪ تماشائي جون يادون آهن