ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان، افغانستان ۽ طالبان

ملڪ ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) وري ڪر کنيو آھي. ھڪ طرف حڪومت ان کي چتاءُ ڏنو آھي تھ اھا ھٿيار اڇلائي ۽ ملڪ جي قانون کي قبول ڪري. ٻي طرف ھن حڪومتي اتحاد جي حوالي سان عوام کي اھو اطلاع ڏنو آھي تھ ھو پي ڊي ايم جي ميڙاڪن کان پري رھي. اھڙي صورتحال ثبوت آھي ان حقيقت جو تھ پاڪستان ۾ پيدا ٿيل طالبان ڪنٽرول ٿي نھ سگھيا آھن. انھن جي مڳي اڄ بھ اھڙي آھي، جھڙي ان وقت ھئي، جڏھن ھو نئين نالي ۽ حوالي سان سڃاتا ويا ھئا. جيتوڻيڪ انھن جي طاقت جو توازن اڄ اھڙو ناھي، جھڙو سوات آپريشن کان اڳ ۾ ھو. جڏھن ھو پنھنجي مرضيءَ جا قانون مڙھي پنھنجي علائقي ۾ پنھنجي من مانيءَ واري حڪومت قائم ڪرڻ جي ھام ھڻندا ھئا. جڏھن ھو ريڊيو اسٽيشن قائم ڪري ماڻھن جي مٿان خوف جي فضا قائم ڪري ويٺا ھئا جڏھن ھو ڇوڪرين جا اسڪول بمن سان اڏائيندا ھئا. جڏھن انھن ملالا يوسفزئيءَ کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ يقيني طور تي ھو ان ساڳي سگھھ جا مالڪ ناھن پر مسئلو اھو آھي تھ پاڪ افغان سرحد واري علائقي ۾ ھو ٻيلي جي باھھ بڻجي ٻري سگھن ٿا.

پاڪستان کي اھا پڪ ھئي تھ انھن جو معاملو ان مھل ھميشھ لاءِ حل ٿي ويندو، جڏھن افغانستان ۾ طالبان اقتدار ماڻي ويٺا. نيٺ اھو ڏينھن بھ آيو جو آمريڪا پنھنجيون فوجون وٺي نڪري ويو ۽ ملڪ جي حڪومت طالبان حوالي ٿي وئي پر طالبان جي حڪومت وارو افغانستان پاڪستان لاءِ سک ثابت ٿيڻ بدران ڏک جو باعث بڻيل آھي. جيتوڻيڪ ان باري ۾ وضاحت سان خبرون نھ ٿيون اچن پر جيتري بھ پروڙ پوي ٿي، ان ۾ ٻن ملڪن اندر ھڪ قسم جي پيڙا آھي. اھا تعلق جي وچ ۾ پيدا ٿيل ان تلخيءَ جو سبب اھي توقعات آھن، جيڪي ٻنھي ڌرين جي دلين ۾ ھڪ ٻئي جي لاءِ ھيون.

پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ پريشاني ۽ افسوس ان مھل ٿيو، جڏھن افغان طالبان پاڪستاني طالبان کي سمجھائي انھن کان ھٿيار رکرائڻ ۽ انھن کي پرامن شھري بڻائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جا سھڪاري نھ ٿيا. جڏھن ڪابل جو تخت طالبان کي مليو ھو ۽ ھو نئين نئين اقتدار جا مالڪ بڻيا ھئا، تڏھن انھن پاڪستان جا ڪيل ٿورا لاھڻ جي ڪوشش ڪندي پاڪستان ۽ پاڪستاني طالبان کي ھڪ مذڪرات جي ميز تي ويھارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ھو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ڪافي وقت تائين ٽي ٽي پيءَ سيز فائر جو معاھدو عمل ۾ بھ آيو پر ڪجھھ وقت کان وٺي ڳالھيون منطقي انجام تائين نھ پھچي سگھيون ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي چونڊيل حڪومت جو ڪجھھ نھ اچي نھ وڃي. ڇو تھ ٽي ٽي پيءَ جو مسئلو ان وقت پيدا ٿيو ھو، جنھن وقت وفاق ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ھئي. ھن مھل بھ خيبر پخون خواھه جي حڪومت ٽي ٽي پيءَ جي حوالي سان پريشانيءَ جو شڪار آھي. جڏھن تھ اھا پريشاني ان مھل وڌيل محسوس ٿي رھي آھي، جڏھن شھباز حڪومت پاران قومي سلامتيءَ جو اجلاس ڪوٺرايو ويو آھي ۽ ملڪ جي گھرو وزير پاران طالبان جي حوالي سان تنبيھي بيان جاري ٿيا آھن. پر ھن جي جيڪا ڪيفيت محسوس ٿي رھي آھي، ان ۾ ڪافي تشويش آھي. ڇو تھ ٻنھي پاسن کان جاري ٿيندڙ بيانن ۾ پرامن نبيري جو ڪو بھ پھلو نظر نھ ٿو اچي.

پاڪ افغان سرحد ۾ پنھنجي مرضيءَ جو راڄ قائم ڪرڻ ۽ رياست کان پنھنجا مطالبا مڃرائڻ جي لاءِ ان کي بليڪ ميل ڪرڻ جو طريقو انھن قوتن جي مفاد ۾ آھي، جن کي ان انداز سان رھڻ جو حوصلو دراصل افغانستان ۾ موجود انھن طالبان کان مليو آھي، جيڪي ڪنھن بھ سبب جي ڪري پر ھن وقت ملڪ جي حڪومت جا مالڪ آھن ۽ ھو نھ صرف پنھنجي مرضيءَ جا وزير مشير مقرر ڪري رھيا آھن پر اھي ھن مھل تائين پنھنجي انتھاپسنديءَ واري سوچ سان ملڪ کي ھلائين ٿا. ھو ھاڻ بھ عورتن جي مٿان پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. انھن تازو عورتن کي نوڪريون نھ ڪرڻ واري پاليسيءَ جو اظھار ڪيو آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ انھن جي گھڻين سخت پاليسين جو سبب اھو بھ آھي تھ مغربي دنيا انھن جو نوٽيس وٺي ۽ انھن سان ڳالھين جي ٽيبل تي اچي ۽ انھن کان ڪجھھ مطالبا مڃرائي، انھن جي اقتصادي مدد ڪري ۽ افغانستان تي وڌيل پابنديون ھٽائي. پر ھن مھل تائين آمريڪا يا ھن جي اتحادين ان قسم جو ڪو قدم نھ کنيو آھي ۽ وڏي ڳالھھ تھ افغانستان جي پاڙيسري ملڪ چين، جنھن چيو ھو تھ ھو نئين افغانستان ٺاھڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪندو، ان جو بھ ڪو عمل نظر نھ آيو آھي ۽ آمريڪا جي وڃڻ بعد ھاڻي تھ روس بھ ساڳيو نھ رھيو آھي. اھڙي طرح افغان طالبان تمام گھڻا اڪيلا آھن ۽ انھن جي مٿان گھرو ويڙھه سبب تمام گھڻي مصيبت ۾ آيل ۽ ھر قسم جي مسئلن جو شڪار ٿيل ملڪ پنھنجو پورو بار ان حڪومت جي ڪلھن تي کڻي رکيو آھي، جنھن حڪومت وارن سموري زندگي صرف جنگ ڪئي. انھن کي ويڙهھ کان سواءِ ٻي ڪنھن شيءَ جو تجربو ناھي. انھن کي حڪومت ڊاھڻ تھ آئي پر انھن کي حڪومت ھلائڻ نھ ٿي اچي ۽ اھا حڪومت جنھن جي مٿان بين الاقوامي بائيڪاٽ جو بار ھجي.

افغانستان جي سلسلي ۾ اسان کي اھا ڳالھھ ذھن نشين ڪرڻ گھرجي تھ افغانستان ايران ڪونھي جيڪو آمريڪا سان ٽڪراءَ ۾ رھڻ جي باوجود بھ سالن کان وٺي پنھنجي منھن ۽ پنھنجي مرضيءَ سان ھلي رھيو آھي. ان جو سبب اھو آھي تھ ايران وسيلن ۽ خاص طور تي تيل جي دولت سان مالامال ملڪ آھي ۽ نھ صرف اھو پر ايران جا آمريڪا کي ڇڏي دنيا جي ٻين ملڪن سان تمام بھترين تعلقات آھن ۽ انھن ملڪن ۾ اھي ملڪ بھ شامل آھن، جيڪي اڪثر معاملن ۾ آمريڪا سان گڏ ھوندا آھن. انھن ملڪن ۾ فرانس پھرين نمبر تي آھي. جڏھن تھ روس ۽ ايران جا تعلقات تھ ڪنھن کان ڳجھا ناھن. ان کان سواءِ ايران تاريخي طور تي ھڪ منظم ۽ نارمل رياست جي طور تي رھيو آھي. ھڪ اھڙي رياست جنھن ۾ بي انتھا ذخيرا بھ آھن ۽ ھن جا ادارا بھ تمام گھڻا متحرڪ ۽ مضبوط آھن. ان جي ڀيٽ ۾ افغانستان ھڪ زخمي وجود وارو ملڪ رھيو آھي. اڌ صديءَ جي ويڙھه افغانستان جي رياست جو جھڙو حال ڪيو آھي، اھڙو حال دنيا جي ٻي ڪنھن بھ رياست جو ناھي.

افغانستان کي ھڪ معقول ۽ نارمل ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پوري دنيا جي ملڪن جي گڏيل امداد گھرجي. ڇو تھ اسان کي ھن ملڪ جي سلسلي ۾ اھو نھ وسارڻ گھرجي تھ ھن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن پاڻ ۾ اتحاد ڪري، سوويت يونين جي خلاف جنگ جوٽي ھئي ۽ ان جنگ کان پوءِ سوويت يونين جو خاتمو تھ آيو پر جيڪا مصيبت ھن ملڪ جي مقدر جو حصو بڻجي وئي آھي، اھا ھن وقت تائين پنھنجي پوري شدت سان موجود آھي. افغانستان جي مٿان تمام گھڻي وقت کان وٺي اھا تھمت لڳندي رھي آھي تھ ھن ملڪ مان دھشتگردي منتقل ٿئي ٿي. آمريڪا بھ افغانستان مٿان اھو الزام ھڻي حملو ڪيو ھو تھ ھو دھشتگردي ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آھي. پر تازي صورتحال مطابق ڪافي وقت کان وٺي دھشتگرديءَ جو اھڙو ڪو واقعو رپورٽ نھ ٿيو آھي، جنھن جو تعلق افغانستان سان جڙندو ھجي. جڏھن تھ پاڪستان ان ملڪ کان دھشتگرديءَ جي حوالي سان مستقل طور تي متاثر ٿيندو رھيو آھي ۽ پاڪستان جو خيال ھو تھ جڏھن ھن جي حامي افغان طالبان جي حڪومت اچي ويندي تھ پاڪ افغان سرحدي علائقو امن جي علامت ٿي ويندو. ھن وقت افغانستان تي طالبان جي حڪومت آھي ۽ پاڪستان لاءِ ٽي ٽي پيءَ تمام گھڻي پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آھي ۽ ان پريشانيءَ کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھن حڪومت جو اھو ٽيون عنصر بھ بي اثر ثابت ٿي رھيو آھي، جنھن جو پس منظر مذھبي بھ آھي ۽ جنھن جي ٻولي بھ پشتو آھي. ھڪ وقت اھڙو بھ ھو، جڏھن مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جميعت علماءِ اسلام ھن ملڪ جي اھڙي پارٽي رھي آھي، جنھن طالبان ازم جي ابتدا ۾ نھ صرف سپورٽ ڪئي ھئي پر انھن جا ڪارڪن طالبان جھڙا لباس پھري پاڪستان جي شھرن ۾ گھمندا ھئا پر جڏھن طالبان جي خلاف عالمي سطح تي ردعمل پيدا ٿيو تھ مولانا فضل الرحمان بھ حسب معمول احتياط کان ڪم ورتو پر پاڪستان ۾ ھن ٽي ٽي پيءَ پاران ٿيندڙ پرتشدد ڪارروائين کي روڪڻ جي سلسلي ۾ جميعت علماءِ اسلام جو نظر اچڻ جھڙو ڪردار نھ رھيو آھي ۽ ھن وقت جڏھن مولانا فضل الرحمان جي ڪوششن سان وجود ۾ ايندڙ حڪومت ملڪ ھلائي رھي آھي تھ ان وقت پاڪستاني طالبان طرفان حڪومتي اتحاد کي سڌيون ڌمڪيون ڏيڻ وارو شروع ٿيل سلسلو تمام گھڻو تشويشناڪ آھي.

پاڪستان اھو سوچي طالبان جي حمايت ڪئي ھئي تھ جڏھن اھو اقتدار ۾ آيا تھ افغانستان ۾ پاڪستان جي بنھھ پنھنجي حڪومت ھوندي پر پاڪستان کي ان جو فائدو ٿيڻ بدران نقصان پئجي رھيو آھي ۽ افغانستان مان دھشتگردي دنيا جي ٻي ڪنھن بھ ملڪ ۾ نھ پر پاڪستان ۾ ضرور منتقل ٿي رھي آھي. اھڙي ماحول ۾ پاڪستان ڇا ڪري؟

پاڪستان فوجي حوالي سان ھڪ سگھارو ملڪ ضرور آھي پر پاڪستان جون معاشي حالتون تشويشناڪ حد تائين خراب آھن. ملڪ جي حالت اھا آھي تھ ھڪڙا ذريعا ملڪ جي مٿان ڏيوالي ٿيڻ جا تبصرا ڪري رھيا آھن ۽ حڪومت ھر ڏينھن اھڙي امڪان کي رد ڪري رھي آھي. حڪومت جو بھ موقف اھو ناھي تھ ڪو ملڪ جون معاشي حالتون مطمئن رھڻ جوڳيون آھن. حڪومت بھ صرف قرض جي آسري تي ويٺي آھي. گذريل ڏينھن وزير اعظم ميان شهباز شريف سعودي عرب جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو آھي تھ سعودي پاڪستان جي مدد ڪندو پر سوال آھي ته پاڪستان پنھنجن پيرن تي ڪيئن بيھندو ۽ ڪڏھن بيھندو؟

اقتصادي طور تي ڏٻري ملڪ کي ملندڙ دھشتگرديءَ جون ڌمڪيون تمام شديد تلخ تاثر پيدا ڪري رھيون آھن. ان مشڪل جو حل بظاھر تھ ڪنھن وٽ ڪونھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button