ملڪ جي معيشت هجي، سياست هجي يا پرڏيهي معاملا هجن، هر طرف صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر نظر اچي ٿي، مٿان وري عمران خان ۽ چوڌري پرويز الاهي ۾ به جهيڙو شروع ٿي ويو، جنهن جو ڪلائيمس ڏينهن ٻن ۾ ٿي ويندو. پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت کي بحران مان نڪرڻ جو ڪوبه رستو نظر نه پيو اچي ۽ خطرو هي آهي ته ڪٿي پاڪستان جو ڏيوالو نڪري ويو ته ان سان گڏ اتحادي حڪومت جي سمورن کيڏارين جو به سياسي ڏيوالو نڪري ويندو. اهڙي صورتحال ۾ نه طاقتور ڌرين جو ڪجهه بچندو ۽ نه ئي رعايت يافتا طبقي خاص ڪري ڪاروباري برادري جو. رهي ڳالهه عوام جي ته فقير ۽ گهوڙي وارو مثال سڀني ٻڌو آهي ته فقير گهوڙو نڀاڳو اٿئي، فقير چيو ته پنان ته پهريان ئي پيو، گهوڙو ڇا ڪندو! اهڙي صورتحال ۾ آخري ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
هن ڀيري سڀ کان اهم ڳالهه معاشي بحران آهي، جنهن ۾ ريليف حاصل ڪرڻ لاءِ عمران خان جي ڏينهن جي واڳ ڌڻين جي فارمولي کي اپنايو پيو وڃي، ملڪ جي اهم اداري جي سربراهه کي پهريان گڏيل عرب امارتن ۽ ان کانپوءِ سعودي عرب موڪليو ويو. هي ٻئي عرب ملڪ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، پر وچ ۾ ڪي مسلڪ جا مسئلا به آهن. انڪري گهڻي خوش فهمي ۾ رهڻ جهڙي ڳالهه به ناهي. حڪومت ڪيترن ئي فرنٽس تي معاشي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي، جن ۾ پهرين مرحلي ۾ دوست ملڪن کي مدد لاءِ چيو پيو وڃي، ان سان گڏ عالمي مالياتي فنڊ کي به ميڙمنٿ ڪئي پئي وڃي، اهڙي ريت چين به پاڪستان جي معاشي بحران ۽ خاص ڪري ڏيوالي نڪرڻ واري معاملي تي گهڻو پريشان آهي. ڇاڪاڻ ته چين جا به پاڪستان ۾ تمام گهڻا اسٽيڪ آهن. چين، پنهنجي سياسي ۽ معاشي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهري ٿو ۽ ان آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وڌو آهي ته قرض جي فراهمي ڪئي وڃي. جيتوڻيڪ چين پاڻ به گهڻي رقم فراهم ڪري سگهي ٿو ۽ هي ڪم ڪندو به رهيو آهي، پر ان سان عالمي ادارن توڙي ڪمپنين جو اعتماد بحال نه ٿيندو. عالمي سطح تي آءِ ايم ايف جي اسٽيمپ جي ضرورت آهي، جنهن سان بند در کلي ويندا.
موجوده حڪمران لاڳاتار، دنيا ۽ عالمي ادارن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن پيا ته هو ڊيفالٽ طرف نه پيا وڃن، پر ڪيترين ئي ڪمپنين کي ڊپ ورائي ويو آهي ته شايد صورتحال خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنين پنهنجا ڪاروباري آپريشن بند ڪري، ڪُوچ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جا ملڪي معيشت تي انتهائي خطرناڪ اثر پئجي سگهن ٿا. عمران خان جي روئي مان لڳي ٿو ته هو چاهي ٿو ته ڀلي پاڪستان جو ڏيوالو نڪري ته جيئن واڳ ڌڻين توڙي دنيا وارن اڳيان ثابت ڪري سگهي ته هن جي حڪمراني سٺي هئي ۽ اتحادي حڪومت نااهل ثابت ٿي، هن جي بقول چورن ۽ ڌاڙيلن ملڪ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي!
هينئر معاشي صورتحال لاءِ خطرو سياسي ڀڃ ڊاهه مان آهي. عمران خان جي سمورن هٿڪنڊن استعمال ڪرڻ باوجود عام چونڊن جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي. وڌيڪ خطرو ان ڳالهه جو آهي ته ڪٿي، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت قائم نه ڪري سگهڻ باوجود چونڊون وقت تي ٿي نه سگهنديون. ممڪن آهي ته ايندڙ چونڊن جو وقت وڌايو وڃي. هي ڳالهه حڪومتي صفن ۾ ته موجود آهي، پر عمران خان به پارٽي اڳواڻن اڳيان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته عام چونڊون وقت تي نه پيون ٿين. هن انڪري دٻاءُ وڌايو پئي ته جيئن چونڊون مقرر مدي اندر ٿين، جنهن جا امڪان ڏينهون ڏينهن غير واضح ٿيندا پيا وڃن. عمران خان چاهيو پئي ته هن جي قومي اسيمبلي مان استعيفائن کانپوءِ موجوده حڪومت جو رهڻ ناممڪن ٿي ويندو. پر ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿيو. پي ٽي آءِ جا هڪڙا ميمبر ته قومي اسيمبلي ۾ رهجي ويا، مٿان وري ڪيترن ئي واپسي جو رستو ورتو، هاڻ هي به خبرون آهن ته جيڪڏهن عمران خان هوڏ تي رهيو ته گهٽ ۾ گهٽ 60 جي لڳ ڀڳ اهڙا ايم اين ايز هوندا، جيڪي ايوان ۾ نظر ايندا.
ان سان گڏ پنجاب اسيمبلي جو ٽٽڻ ڄڻ خواب ٿي ويو آهي، ان سان جڙيل ڪي پي ڪي جي اسيمبلي آهي. جيڪڏهن پنجاب حڪومت گهر ڀيڙي نه ٿيندي ۽ استعيفائون نه اينديون ته ڪي پي ڪي جي اسيمبلي به نه ٽوڙي ويندي. هينئر عمران خان ۽ چوڌري پرويز الاهي هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن. هي حلقا چون ٿا ته پنجاب اسيمبلي به ائين ئي ٿيندي، جيئن قومي اسيمبلي آهي. ممڪن آهي ته پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي نه رهي، ان سان گڏ پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز به استعيفائون ڏئي گهر روانا ٿين. پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اهڙا ميمبر آهن، جيڪي ايستائين جو عمران خان جي چوڻ تي به چوڌري پرويز الاهي کي ووٽ نه ڪندا. چوڌري پرويز الاهي پاڻ کي بچائڻ لاءِ هي هٿڪنڊو اختيار ڪيو آهي ته هن تي پهريان ئي اسيمبلي جو اعتماد آهي، انڪري نئين سري سان اعتماد جي ووٽ وٺڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. جن بي اعتمادي جو ووٽ وٺڻ لاءِ رٿ جمع ڪرائي هئي، اها به واپس ورتي وئي. پر گورنر، جيڪو حڪم جاري ڪيو هو، اهو هينئر به موجود آهي. ان سان گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم به غير موثر نه ٿيو آهي. عدالت رڳو گورنر جو حڪم عارضي طور معطل ڪيو هو ته جيئن چوڌري پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺي ثابت ڪري سگهي ٿي ته ايوان ۾ هن کي اڪثريت حاصل آهي. هاڻ پرويز الاهي جي حالت ان گدري جهڙي آهي، جيڪو ڇري تي ڪري، يا ڇري گدري تي! هڪ طرف عمران خان جا اسيمبلي ميمبر چوڌري کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ انهن کي استعيفائون ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. ته ٻئي پاسي وري اتحادي حڪومت جا ميمبر به پرويز الاهي کي ايڊاپٽ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن!
بلوچستان جي صورتحال به گهڻي مختلف ناهي، اتي باپ جا پير نڪري ويا آهن ۽ امڪان آهي ته بلوچستان عوامي پارٽي جا اڪثريتي ميمبر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي وڃن. پ پ کي شايد بلوچستان جي حڪومت گهربل ناهي، انڪري اتي بي اعتمادي جي رٿ نه پئي آندي وڃي، پر صورتحال صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي. صرف سنڌ ۽ ڪي پي ڪي حڪومتون اهڙيون آهن، جيڪي رهي سگهن ٿيون. جيڪڏهن چوڌري پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ نه مليو ۽ پي ٽي آءِ وارن استعيفائون ڏئي ڇڏيون ته ساڳي صورتحال ڪي پي ڪي جي به هوندي. هي ٻڏتر واري صورتحال ڪيستائين رهندي، ان جي ڪابه اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي. پر هي سياسي بحران آهي، جيڪو، ملڪ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هڻندو. ائين لڳي رهيو آهي ته وفاق جون ايڪائيون متحرڪ نه رهنديون، ان کانپوءِ جيڪي خطرا آهن، اهي به وڌي ويندا.
هينئر رهيل ڪسر دهشتگردي جي نئين لهر به پوري ڪري ڇڏي آهي. ڏکڻ وزيرستان جي اهم شهر وانا ۾ هزارين ماڻهو، دهشتگردي خلاف ميدان ۾ نڪتا. انهن جو چوڻ هو ته حڪومت دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اڳوڻي فاٽا وارا علائقا به خطري ۾ آهن ۽ بندش پيل تنظيمن جو نيٽ ورڪ به سرگرم آهي، جنهن کي هڪ طرف فورسز منهن ڏيندا ته ٻئي پاسي عوامي سطح تي انهن کي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. هينئر تائين طئي ٿي ويو آهي ته دهشتگردن سان ڳالهين جو ڪوبه در نه کوليو ويندو. آمريڪا سميت عالمي قوتن به پاڪستان جي مدد جو اشارو ڏنو آهي، ٻي صورت ۾ هي انتهاپسند گهڻو اڳتي نڪري سگهن ٿا. بندش پيل تنظيمن جي نشاني تي پهريان سيڪيورٽي فورسز ۽ پيپلز پارٽي هئا، پر هاڻ انهن ن ليگ کي به شامل ڪيو آهي. ن ليگ جا ڪيترين ئي اهڙين تنظيمن سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا رهيا آهن، جن ۾ حافظ سعيد سرفهرست آهي، پر هاڻ انهن تنظيمن ۾ نوان اڳواڻ ۽ ويڙهاڪ داخل ٿي ويا آهن ۽ انهن جا ڪجهه Factions مرڪز کان الڳ ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي ليکي ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي ويندو ته ڪهڙو گروپ يا ڌر ڪنهن سان آهي. دهشتگردي جو خطرو سموري ملڪ ۾ آهي، خاص ڪري وڏا شهر انتهاپسندن جا مرڪز بڻجي چڪا آهن. هي صورتحال به ملڪي سياست ۽ معيشت تي خطرناڪ اثر وجهندي. پر جيڪڏهن انتهاپسندن خلاف وڏو آپريشن شروع ڪيو ويو ته ڪيتريون عالمي قوتون، جن ۾ آمريڪا سرفهرست آهي، اهي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ داخل ٿي ويندا. انهن جي اچڻ سان پاڪستان ۾ ڊالر به ايندو ۽ ان سان گڏ هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. نقصان هي ٿيندو ته سويلين قوتون ڪمزور ٿي وينديون اصل حڪمران اهي هوندا، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ هوندا. ماضي ۾ به سياسي تبديليون، اهڙين جنگين جي نتيجي ۾ آيون ۽ سڀني ڏٺو ته ان جا نتيجا انتهائي اگرا نڪتا. افغانستان دهشتگردن جو ڳڙهه ٿي ويو. هينئر ڪوبه نه چاهيندو ته دهشتگرد ايترا طاقتور ٿين، جيترا ماضي ۾ هئا. انڪري ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر خطرا وڌڻ جا اشارا ملي رهيا آهن. جيڪڏهن ان صورتحال ۾ عالمي قوتن مداخلت ڪئي ته پاڪستان جي معاشي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڄي سگهن ٿا. آءِ ايم ايف به انهن قوتن جي اشاري جو انتظار ڪري پئي، جن ان کي پالي وڏو ڪيو آهي.