ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

موت جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ماڻهو

Editorial

نئون سال شروع ٿيندي ئي مهانگائي جي ماريل عوام لا خراب خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. هڪ ڀيانڪ خبر اها به آهي ته سنڌ ۾ هڪ پاسي اٽو مهانگو ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي اهو ملڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. اٽي لپ جي ڳولا ۾ ميرپورخاص ۾ هڪ ماڻهو اٽي لا پريشان ماڻهن جي ڀيڙ ۾ لتاڙجي فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن مهانگائي جي شرح ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. 2023 جي پهرئين هفتي ۾ 23 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ موجب جنوري جي پهرئين ئي هفتي مهانگائي جي شرح 1 ڏهائي 09 سيڪڙو، جڏهن ته سالياني بنيادن تي 30 ڏهائي 60 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب ان مختصر وقت دوران 23 عام واهپي جون شيون مهانگيون ۽ 9 سستيون ٿيون، جڏهن ته 19 شين جا اگهه مستحڪم رهيا. هڪ هفتي دوران ڪاٺيون، لوڻ، ماني، بصر، ٿوم، ٻاڪرو گوشت، ڳائو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت، مڱن جي دال، ماش جي دال، چڻن جي دال، چانور، ڏهي ۽ کليل تازو کير مهانگو ٿيو.
صورتحال ڏينهون ڏينهن بدترين ٿيندي پئي وڃي. پر حڪمرانن کي ان ڳالهه جو احساس ناهي. ميرپورخاص ۾ اٽي لا پريشان ماڻهن جي ڀيڙ ۾ اٽو لپ وٺڻ ويل هڪ ماڻهو جو فوت ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته صورتحال ڪيتري سنگين ٿي چڪي آهي. پر هي حڪومت ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لا تيار ناهي. ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته حڪمرانن عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهڻ جو مڪمل بندوبست ڪري ورتو آهي.
هوانهن گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال ٻوڏ جي تباهين سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا جنهن سبب وڌيڪ 90 لک ماڻهن جو غربت ۾ وڃڻ جو خدشو آهي، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي ريزيڊنٽ ريپريزنٽيٽو ڪيوٽ اسٽبي چيو ته اسان جو اندازو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل چوماسي جي برسات دوران آيل ٻوڏ سبب وڌيڪ لڳ ڀڳ 90 لک ماڻهو غربت ۾ وڃي سگهن ٿا، ماحولياتي تبديلين جا اثر ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتي جنيوا ۾ هڪ ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائمينٽ ريزيلينٽپ پاڪستان ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا اعليٰ نمائندا شرڪت ڪندا. هن چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي ٻوڏ پهرين ناهي آئي پر اهڙو ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ٻين ملڪن ۾ به ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو ۽ ايندڙ مند لاءِ فصل پوکجي نه سگهيا جنهن سبب زرعي جنسن ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ سان نه رڳو غذائي عدم تحفظ ۾ اضافو ٿيو پر غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو انگ 70 لک کان وڌي هڪ ڪروڙ 46 لک تائين پهچي سگهي ٿو. ڪيوٽ اسٽبي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 20 لک گهر 13 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستا، 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ ريلوي ٽريڪ، 439 پليون، تباهه ٿيون ۽ نقصان پهتو، 40 لک ايڪڙ فصل تباهه ٿيو ۽ نقصان پهتو جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو، هن چيو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين به ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو معمول جي زندگي طرف واپس نٿا وڃي سگهن ۽ هو انساني امداد تي ڀاڙين ٿا.
هڪ پاسي عوام کي بک، بدحالي، مفلسي ۽ مهانگائي جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته ٻئي پاسي وري قدرتي آفتن، ٻوڏن ۽ برساتن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ عوام کي موت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ميرپورخاص وارو واقعو ان جو چٽو مثال آهي. نيٺ ڪيستائين عوام ايئن اٽي لپ لا پريشان رهندو؟ مهانگائي ۽ غربت جي چڪي ۾ پيسجندو رهندو؟ آخر عوام کي هي حڪمران رليف ڪڏهن ڏيندا؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button