هيءُ مهينو لينن جي لاڏاڻي جو مهينو آهي. ڪامريڊ لينن 21 جنوري 1924ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات وقت عظيم انقلابي اديب ميڪسم گورڪي چيو هو: “ولاديمير لينن جو انتقال ٿي چڪو آهي، سندس دشمنن جي ڪئمپ ۾ ڪجهه اهڙا ايماندار ماڻهو آهن، جيڪي اهو مڃين ٿا ته، دنيا لينن کي وڃائي هڪ اهڙو انسان وڃائي ڇڏيو، جيڪو پنهنجي زماني جي سمورن عظيم انسانن مان سڀ کان وڌيڪ نمايان طور باجوهر هو.” اڄ اسان پڙهندڙن سان انهن ماڻهن جون يادون ونڊي رهيا آهيون، جيڪي ان غير معمولي ذهن سان گڏ رهيا. هنن لينن کي ڪيئن ڏٺو، ان جو بنهه مختصر احوال، جنهن کي اڳوڻي سوويت يونين ۾ پروگريس پبلشر ماسڪو پاران ڪتابي شڪل ڏني وئي هئي، سندن ئي لفظن ۾ هيٺ پيش ڪجي ٿو.
و-د-بونچ بروايوچ روس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سڀ کان پراڻن ميمبرن مان هو ۽ 1917ع جي فيبروري ۽ آڪٽوبر انقلابن جو آزموديڪار سپاهي هو. هو لينن جو ساٿي رهيو، هو آڪٽوبر انقلاب جي پهرين ڏينهن کان 1920ع تائين عوامي ڪميسارن جي ڪائونسل “زندگي ۽ علم” نالي اشاعت گهر جو چيف ايڊيٽر ۽ رياستي ادبي ميوزيم جو ڊائريڪٽر ٿيو. هن روس ۾ انقلابي تحريڪ جي تاريخ، ادب ۽ قومن جي علم تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. لينن سان گهاريل اهم ترين گهڙين مان ڪجهه کي هن “ولاديمير ايليچ زمين جو فرمان ڪيئن لکيو” جي عنوان سان قلمبند ڪيو. جنهن ۾ هو لکي ٿو:
“جڏهن انقلابي بالشيوڪ سپاهين ونٽر پيليس تي قبضو ڪري ورتو ۽ ولاديمير ايليچ (لينن)، جيڪو اسان جي فوجي ليڊرن جي سست رفتار سبب ڏاڍو پريشان هو، نيٺ آزاديءَ سان ساهه کنيو، هن فوري طور پنهنجو سادو ويس ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجن پراڻن سياسي ساٿين جي حلقي ۾ پورهيتن ۽ فوجين جي نمائندن جي پيٽروگراڊ سوويت جي اجلاس ۾ آيو. جتي واقعن جي پڄاڻيءَ تائين پهچڻ جو انتظار ڪيو پئي ويو. جڏهن ولاديمير ايليچ پليٽ فارم تي آيو ته هال ۾ انساني جذبن جي هڪ ٻوڏ پلٽجي پئي، جنهن کي گجگوڙ چوڻ ممڪن آهي، پر دراصل اهو ان کان تمام گهڻو زبردست هو. اجلاس شروع ٿيو ته، نعرا گونجي اٿيا. اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ رات جو دير سان سڀ منهنجي فليٽ تي آيا. مون اها ڪوشش ڪئي ته، ولاديمير ايليچ کي هر طرح جو آرام ملي، جيڪو ڪافي جوش ۾ هو. پر ڏسڻ سان ئي سڌ پئي ٿي ته هو گهڻو ٿڪل هو. مون کيس مشڪل سان ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته، هو هڪ ڌار ننڍي ڪمري ۾، جتي لکڻ پڙهڻ جي ميز، پنا، روشنائي ۽ لائبريري هئي، منهنجي هنڌ تي ليٽي پئي. مان ڀر واري ڪمري ۾ ديوان تي ليٽي پيس ۽ اهو طئي ڪري ورتو ته، تيستائين نه سمهندس، جيستائين اهو يقين نه ٿي وڃي ته، ولاديمير ايليچ سمهي پيو آهي. وڌيڪ حفاظت لاءِ مون ٻاهرئين دروازي کي قلف هڻي ڇڏيو. زنجير ۽ ڪڙا بند ڪري ڇڏيا. ان کان سواءِ پنهنجا ريوالور به ڀري ڇڏيا ته متان ڪو ولاديمير ايليچ کي گرفتار يا قتل ڪرڻ لاءِ اندر زوري گهڙي نه اچي. اها ته انقلاب جي پهرئين ئي رات هئي ۽ هر ڳالهه جو امڪان هو. ولاديمير ايليچ پنهنجي ڪمري ۾ روشني وسائي ڇڏي هئي. مان غور سان ٻڌڻ لڳس ته ڇا هو سمهي پيو آهي؟ ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. مون کي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا. بس مان سمهڻ وارو ئي هئس جو ولاديمير ايليچ جي ڪمري ۾ اچانڪ روشني ٿي. مون کيس تمام خاموشيءَ سان اٿندي ڏٺو. هن ٿورڙو دروازو کولي ان جو يقين ڪرڻ چاهيو ته، مان سمهي پيو آهيان. (اصل ۾ مان ستل نه هئس) ان کان پوءِ هو پٻن تي هلي ميز تائين ويو ته ڪٿي ڪو جاڳي نه پوي، ويهي رهيو ۽ ڪاغذن کي پکيڙي ڪم ۾ لڳي ويو. صبح جو جڏهن اٿڻ جو وقت آيو ته، مون سڀني گهر وارن کي ڄاڻ ڏئي ڇڏي ته، هو ٿورو ماًٺ کان ڪم وٺن. ڇاڪاڻ ته ولاديمير ايليچ سڄي رات ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ بيشڪ تمام گهڻو ٿڪل آهي. پر اوچتو هو اسان جي وچ ۾ بيٺو هو. پنهنجي ڪمري مان مڪمل ڪپڙا پهري تازو ۽ ڦڙتيلو نڪتو هو ۽ کل ڀوڳ ڪري رهيو هو. “سوشلسٽ انقلاب جي ان پهرئين ڏينهن جي تقريب ۾ واڌايون!” هن هر ڪنهن کي واڌايون ڏنيون. سندس چهري تي ٿڪ جو نشان نه هو. ڄڻ تمام سٺو ستو هجي. 20 ڪلاڪن جي ٿڪائيندڙ ڏينهن کان پوءِ جڏهن اسان نيرن لاءِ گڏ ٿياسين ۽ ڪروپسڪايا (لينن جي زال) به اچي وئي، جيڪا رات جو اسان جي ئي گهر ۾ رهي هئي ته، ولاديمير ايليچ ڪجهه صاف لکيل صفحا پنهنجي کيسا مان ڪڍي ۽ پنهنجو مشهور زمين جو فرمان اسان کي پڙهي ٻڌائڻ لڳو.”
لينن بابت واقعن ۾ استيپان گيل جي يادن کي خاص مقام حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته هو لينن جو ڊرائيور هو ۽ ڇهن سالن تائين انقلاب جي عظيم ليڊر سان ڪافي ويجهو رهيو ۽ سندس زندگيءَ جا ڪيترائي واقعا ڏٺا. هن “6 سال لينن سان گڏ” نالي ڪتاب لکيو. جنهن مان ڪجهه اقتباس ڏجن ٿا.
لينن تي قاتلاڻو حملو: “30 آگسٽ 1918ع جي منحوس ڏينهن اسان يعني ولاديمير ايليچ ۽ مون ڪيترائي چڪر هنيا، اسان هڪ اناج منڊيءَ جي جلسي ۾ شرڪت ڪري چڪا هئاسين. اسان اٽڪل ڇهين وڳي اناج منڊي ڇڏي ۽ سيرپوخوفسڪايا روڊ تي اڳوڻي ميخلسون ڪارخاني ڏانهن وياسين. اسان ان ڪارخاني ڏانهن ڪيترائي ڀيرا اڳ ۾ به وڃًي چڪا هئاسين. ولاديمير ايليچ ڪار مان لٿو ۽ تيزيءَ سان شاپ ڏانهن هليو ويو ۽ مون ڪار موڙي اڱڻ کان ٻاهر ويندڙ رستي جي رخ تي شاپ جي داخلا کان ڪي ڏهه وکون پري ان کي بيهاري ڇڏيو. اٽڪل هڪ ڪلاڪ گذريو هوندو جو ماڻهن جي پهرين وڏي ڀيڙ ڪارخاني مان نڪتي، جنهن ۾ اڪثر پورهيت هئا. انهن سان تقريبن سمورو اڱڻ ڀرجي ويو. مان سمجهي ويس ته، جلسو ختم ٿي ويو آهي ۽ جلديءَ سان ڪار اسٽارٽ ڪري ڇڏي. ولاديمير ايليچ اڃا ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. ڪجهه منٽن کان پوءِ اڱڻ ۾ هڪ ٻي وڏي ڀيڙ آئي، جنهن جي اڳيان اڳيان ولاديمير ايليچ هو. مون ڪار جو چڪر سنڀالي ورتو ۽ گيئر کي اهڙي نموني هنيو جو ڪنهن گهڙيءَ به مان ڪار کي هلائي سگهان. ڪار ڏانهن ايندي ولاديمير ايليچ جوش سان ڳالهائيندي پئي ويو، مزدور مٿس سوالن جي بوڇاڙ ڪري رهيا هئا. هو انهن جا جواب تمام دوستاڻي انداز ۾ تفصيل سان ڏئي رهيو هو ۽ پاڻ به ڪجهه سوال ڪندو پئي ويو. هو ڪار ڏانهن هوريان هوريان اچي رهيو هو ۽ ان کان ٻن ٽن وکن جي فاصلي تي رڪجي ويو. ڀيڙ مان ڪنهن هن لاءِ ڪار جو دروازو کولي ڇڏيو هو. ڳالهه ٻولهه ٻه ٽي منٽ جاري رهي. ولاديمير ايليچ جي ٻنهي پاسي ٻه عورتون ٿورو کانئس اڳيان وڌيل بيٺيون هيون. هو فٽ بورڊ تي آخري وک رکڻ وارو ئي هو جو اوچتو گوليءَ جو آواز گونجي ويو. هڪ ٻي گوليءَ جي گونج ٿي. ڪار کان ٻن وکن جي فاصلي تي لينن زمين تي پيل هو. مان ڏانهس ويس، ان گهڙي ڀيڙ سان ڀريل سمورو اڱڻ بلڪل خالي ٿي ويو هو. مان لينن تي جهڪي ويس، ڪيتري خوش قسمتيءَ جي ڳالهه هئي جو هو زندهه هو ۽ بيهوش به نه ٿيو هو.”
شهر آرخانگيلسڪ ۾ ناتورووا نالي هڪ مزدور عورت پنهنجي يادگيري ونڊيندي چيو: “هڪ ڏينهن لينن اسان جي ڪارخاني آيو، ڪنهن مون کي ڏاڍيان چيو: “ناتورووا، سندس اوور ڪوٽ رک!” ڪلب ۾ گرمي هئي. لينن تقرير ڪرڻ لڳو. هن پنهنجو اوور ڪوٽ جيڪو ڪرسيءَ تي لڙڪائي ڇڏيو هو. مان ان کي کڻي آيس. اوچتو مون ڏٺو ته، سندس اوورڪوٽ ۾ کاٻي پاسي جي وچ وارو بٽڻ غائب آهي. مون پنهنجي جيڪٽ مان هڪ بٽڻ ڇني لينن جي اوور ڪوٽ ۾ ڏاڍو مضبوطيءَ سان سبي ڇڏيو ته، جيئن ڪيترن ئي ڏينهن تائين نه ڇڄي. هو ڪارخاني مان هليو ويو ۽ هن بٽڻ نه ڏٺو. اهو بٽڻ ٿورو ٻين کان مختلف هو. مون کي ان تي ڏاڍو فخر هو، پر مون پنهنجو راز ڪنهن سان به نه سليو. گهڻو وقت گذري ويو ۽ هڪ ڏينهن ليتيئني اسٽريٽ تي ويندي مون لينن جو هڪ وڏو فوٽو “فينڪس” نالي فوٽو جي دڪان تي ڏٺو. هن کي اهوئي اوورڪوٽ پهريل هو. مون غور سان ڏٺو ته، اهوئي بٽڻ اوورڪوٽ ۾ لڳل هو. ان ئي سياري جي موسم ۾ لينن جو انتقال ٿي ويو. مون ليتيئني اسٽريٽ ۾ ان دڪان مان اهو يادگار فوٽو حاصل ڪري ورتو. هاڻي اهو منهنجي آئيني وٽ فريم ۾ لڳل آهي. روزانو مان ان کي ڏسندي آهيان ۽ روئي پوندي آهيان، پر منهنجو بٽڻ اڃا اتي لڳل آهي.”