ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اَٽو ڪيئن ۽ ڪٿان آڻجي!؟

Editorial-Article- Irshad Leghari

مُني صديءَ کان هتان جي اقتداري گروهن جي تاريخي ڪُوڙن ۽ مفادن جي ٻيگهي ۾ ڀوڳيندڙ مسڪين عوام جي هر گهر ٻاري ۾ اڄڪلھه هڪڙي ئي پچار آهي ته بکايل ٻچن لاءِ ٻِن ويلن جو اَٽو ڪٿان آڻجي؟ هن ملڪ جي مظلوم ۽ محڪوم طبقن لاءِ زندگي جي ٻين بنيادي گهرجن جو ته ڪڏهن تصور ئي ناهي رهيو پر هاڻ رُکي ماني به جڏهن وس نه رهي اٿن، تڏهن سندن گهرن ۾ مايوسي ۽ نااميدي جي جيڪا اوندهه انڌوڪار واسو ڪري وئي، تنهن کي سچ به ته روايتي انداز ۾ نٿو اظهاري سگهجي. ان سموري صورتحال ۾ وري الميو اهو آهي ته پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت اهڙي ساهه نپوڙيندڙ مهانگائي جو ذميوار به عمران خان کي قرار ڏيندي، پنهنجا ڪن آجا ڪرائڻ واري نرڄائي ۾ رُڌل آهي. عمراني سرڪار ڪيتري نااهل ۽ عوام کان لاتعلق هئي، اهو رينگٽ آخر ڪيستائين هلندو؟ هاڻ سوال اهو به ته ڪجي نه ته اتحادي حڪومت ۾ شامل سڀ ڌريون آخر ڪهڙي ڌنڌي سان لڳل آهن!! اهي ڌريون جيڪي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اها هام هڻي ميدان ۾ لٿيون هيون ته اهي عمراني ٽولي کي انجام تي پهچائي، ملڪ اندر نئون سماجي معاهدو آڻي پوءِ ئي دم کڻنديون!!؟
اها خبر آخر ڪنهن کي نه هئي ته عمران خان خودپسندي جي بيمار ذهنيت ۽ نااهلي جو اهو نمونو آهي، جنهن سان ان معاملي ۾ هتي ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي. هو جيڪو پوري ڄمار نه زمين تي رهيو ۽ نه ئي آسمان تي، سو هوائن ۾ بنا طرف جي ڦرندڙ اهڙو ڦوڪڻو ملڪ توڙي عوام جي ڳچيءَ ۾ ته پوڻو ئي هو پر پڇاڻو هاڻ اصل ۾ اڄوڪي اتحادي حڪومت کان به ٿيڻ گهرجي ته اهي هڪ قدم اڳتي وڌي، ڏھه قدم پوئتي ڪيئن پيون وڃن!؟ پي ڊي ايم شروع ۾ اهو ڏيک پئي ڏنو ته اهو اتحاد ملڪ جي هر ننڍي وڏي جمهوري ڌر سان رابطو ڪري، انهن کان به صلاحون سهيڙيندو ۽ پوءِ انهن سڀني ڳالهين جي روشني ۾ هڪ اهڙو جمهوري دستوري دستاويز تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ جمهوريت جو نئون خاڪو متعين ڪري سگهجي. پر اهي سموريون تياريون اٿندي ئي پساهه پورو ڪري ويون ۽ ان سموري عمل ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ مان ڪير ڪيترو ذميوار آهي، تنهن بابت هر پارٽي وٽ پنهنجي پنهنجي وضاحت ۽ تشريح هوندي پر پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته انهن ٻنهي وڏين پارٽين جي ذاتي گروهي مفادن واري مانڌاڻ جو ئي اهو نتيجو آهي جو عوام نيٺ نااهل عمراني ٽولي جي وڃي وَر چڙهيو.
هاڻ صورتحال اتي اچي پهتي آهي جو هن ملڪ اندر مسڪين ماڻهن جي جياپي جي ڪابه گهٽي ۽ واھه ڪانه ٿي ڏسجي.
عام واهپي جي شين جا اگهھ هر نئين ڏينهن نوان ٿي رهيا آهن، ۽ انھي ساهه نپوڙيندڙ مهانگائي جي سموري ذميواري وڏي نِرڄائي سان هاڻوڪي حڪومت عمران حڪومت تي مڙهي رهي آهي ۽ ڪير به انهن کان اهو پڇڻ وارو ناهي ته پوءِ توهين آخر آيا ڇاجي لاءِ هئا؟ جيڪڏهن توهان کي رڳو اهو ئي رينگٽ ڪرڻو هو ته اڳوڻي حڪومت نااهل هئي ته پوءِ اهو رينگٽ ته اوهين اڳي ئي ڪري رهيا هئا. توهان کي ته اصل ۾ اهو ثابت ڪرڻو هو ته عمراني سرڪار کان ڪيئن بهتر ۽ مختلف آهيو. سو توهان کي ته هاڻ اهو حساب ڏيڻو ئي پوندو.
توھين عمراني ٽولي کان ڇا ۾ مختلف آهيو؟ ڪالهھ جيان اڄ به آمريڪا، چين يا سعودي عرب جن جا پاڪستان ۾ هر قدم تي مفاد آهن، تن مان به ڪو رڳو ننڍڙي سطح جو ڪارندو اچي ٿو ته اهو ساڳيو وڃيو ٿو پنڊيءَ ۾ پڌاري.
سو ان ساڳئي تناظر ۾ عمران خان پنهنجي سياسي ساک پَت کي ڪارنهن مَلي سا مَلي پر پاڻ عمران کان پوءِ به اها بي مقصد ۽ بنا نتيجي واري هڪ اهڙي فلم ڏسي رهيا آهيون، جنهن ۾ سڀ جا سڀ وِلن ئي آهن. هڪ گينگ ٻي گينگ سان وڙهي رهي آهي، ۽ ان ويڙهه ۾ عوام جو الهه تلهه برباد ٿي چڪو آهي.
ياد رکو!! اهو سڀ انهي ڪري آهي، جو پاڻ عوام پنهنجو عملي مزاحمتي ڪردار گهربل انداز ۾ ادا ڪرڻ بدران انهن جي انتظار ۾ آھيون، جيڪي اسان جا نه ڪلھه هئا، نه اڄ آهن ۽ نه ئي سڀاڻي انهن مان ڪا اميد آهي. هڪڙي اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ ٻيا ان جا واري واري سان حصيدار جاگيردار ۽ سرمائيدار ساٿاري. سو اهي پنهنجا ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ پاڻ کي پنهنجي ٻارڻي پوندي، پنهنجي گهوٽڻي پوندي. عوام کي پنهنجي سورن جي ڪهاڻي ۾ تاريخ جي وِلن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڻ مان ئي پنهنجو مسيحا چونڊڻو پوندو. ان کان سواءِ انهن ڦورو طبقن مان نجات جو ٻيو ڪوبه رستو ناهي.
ان ڳالهھ کي پاڻ اڃان به جيڪڏھن واضح ڪيون ته مثال طور عمراني ٽولي جي انتها درجي واري نااهلي کان پوءِ پيپلز پارٽي توڙي نواز ليگ جي وات ۾ پاڻي آيل هو ڇو جو ظاهر آهي ايندڙ حڪومت انهن ئي روايتي پارٽين ۾ ورهائي، کين حصا پتيون ٿي ملڻي هئي سا ملي پر پوءِ ٿيو ڇا؟ ڇا شريف خاندان جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن سان انصاف ٿي سگهيو يا زرداري جي جاگير ۾ ڳرندڙ هارين نارين جو حال تبديل ٿيو؟ نه، ڪڏھن به نه. اهي سڀ جا سڀ ايئن ئي ڀوڳين پيا، جيئن ڀوڳيندا آيا آهن. ياد رکو!! انهن پورهيتن ۽ هارين جو حال تڏهن ئي بحال ٿي سگهي ٿو، جڏهن اهي پنهنجي ڪهاڻي جا پاڻ ليکاري بڻبا. جيستائين ايئن نه ٿيندو تيستائين هي سڀ وِلن ملڪ ۽ عوام جي واري واري سان ايئن ئي ڀينگ ڪندا رهندا. سو اٿو، پنهنجي قسمت جي ڪهاڻي پاڻ لکو. باقي انهن سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جيئن ڪالهھ پاڻ کان اَٽو کسيو تيئن اڄ به کسينَ پيا ۽ سُڀاڻي به کسيندا. تنهن ڪري اٿو ۽ انهن ڦُورو گروهن کان کسي وٺو اهو سڀ، جيڪو توهان جو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button