مون سون جي برساتن سبب پيدا ٿي پيل ٻوڏ جي ذميوار سرڪار آھي ۽ جي ناھي بھ تھ سرڪار کي ٻوڏ ستايل ماڻھن جي سھائتا ڪرڻ گھرجي. ڇو تھ پوري دنيا ۾ جتي بھ عوام کي تڪليف ايندي آھي يا ڪوئي قدرتي عذاب انھن جي مٿان اوچتو ڪڙندو آھي تھ ان جو ازالو حڪومت کي ئي ڪرڻو ھوندو آھي. مثال طور ڪٿي ڪوئي ٻرندڙ جبل ڦاٽي ٿو پوي تھ ان جي رک ۽ ان مان وھندڙ لاوا سبب سموري وسندي ويران ٿي وڃي ٿي يا ڪٿي ڪو زلزلو آيو ۽ پورا شھر زمين بوس ٿي ويا يا ڪنھن ملڪ ۾ سمنڊ ۾ آيل ڀونچال باعث سونامي پيدا ٿي پئي ۽ لھرن ۾ سڀ ڪجھھ لڙھي ويو. ماڻھن جا گھر گھاٽ ۽ انھن جون شھري سھولتون، انھن جون اسپتالون، اسڪول ۽ انھن جا پورا محلا ۽ انھن ۾ موجود انھن جي سک ۽ ضرورت جا سمورا سامان جيڪڏھن نھ رھيا تھ ان صورت ۾ بھ اھا سرڪار جي ذميواري ھوندي آھي تھ اھا ماڻھن کي نئين سر ورسائي ۽ انھن کي متبادل طور تي جيئڻ جو سامان فراھم ڪري ۽ جيڪڏھن ڪا حڪومت اھو ڪجھھ نھ ڪندي آھي تھ ان حڪومت کي حڪومت ڪرڻ جوڳو نھ سمجھيو ويندو آھي. جڏھن تھ اسان جي حڪمرانن جو منطق انوکو آھي. ھيءَ حڪومت ۽ ھن حڪومت جو سياسي قيادت مسلسل ان ڪوشش ۾ محو نظر اچي رھي آھي تھ اھا ڪنھن بھ طرح تان پاڻ تي لڳل ٻوڏ جي تھمت کي ڌوئي.
ھن حڪومت جي پھرين ڏينھن کان وٺي اھا ڪوشش رھي آھي تھ آسمان مان آيل پاڻيءَ ۾ انھن جو ڪو ڏوھه قصور ناھي ۽ ان سلسلي ۾ انھن کي اھا آسان ڳالھھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي تھ ان ۾ سرڪار جو ڏوھھ ھو ۽ بلڪل بھ ھو. ڇو تھ پاڻيءَ جي نيڪال جا رستا روان دوان رکڻ حڪومت جي فرضن ۾ شامل ھوندو آھي ۽ اھا حڪومت جي ذميواري آھي تھ اھا ڪنھن بھ طرح سان سمورا انتظام اھڙا رکي جو ڪنھن بھ آفت کي آسانيءَ سان منھن ڏئي سگھجي ۽ جيڪڏھن فرض ڪيو تھ اھو ڪجھھ ڪرڻ ۾ حڪومت ناڪام وئي ۽ اھا ماڻھن کي برسات جي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ کان نھ بچائي سگھي تھ ان جو ٻيو فرض اھو آھي تھ اھا ھاڻي ھر طرح سان ڪوشش ڪري آفت جو شڪار ٿيل ماڻھن جي سھائتا ڪري ۽ اھا سھائتا سياسي مقصدن کان مڪمل طرح بلند ھجڻ گھرجي پر افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ ان سلسلي ۾ حڪومت ڪجھھ بھ نھ ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن ڪجھھ ڪيو آھي تھ اھو عين سياسي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو آھي. ان طرح سان ماڻھن ۾ تمام گھڻي تڪليف ۽ پيڙا آھي ۽ پيڙا جو ھن حڪومت کي ڪو احساس ناھي.
ڇا حڪومت وٽ ان سوال جو ڪو جواب آھي تھ ھن مھل تائين عالمي برادري سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين غريب ۽ مظلوم علائقن ۾ متاثر ماڻھن جي مدد ڇو نھ ڪئي آھي؟ ان سوال جو آسان ۽ سولو جواب اھو آھي تھ عالمي برادري ڪنھن بھ طرح سان اھو نھ اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي تھ ھيءَ حڪومت امداد جي رقم ايمانداريءَ سان استعمال ڪندي ۽ ماڻھن جي اھڙي طرح سان مدد ڪندي، جھڙي طرح سان ھڪ حڪومت کي ڪرڻ گھرجي. ڇو تھ عالمي برادريءَ وٽ پاڪستان جي حڪومتي مشينريءَ جو اميج ايترو تھ برو آھي جو اھا ڪنھن بھ طرح سان ان مٿان اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ان جو سڀ کان آسان ۽ سادو مثال اھو آھي تھ جن حڪمرانن کي عالمي ادارا قرض ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ ھجن، انھن حڪمرانن کي عالمي برادري ڪھڙي طرح سان امداد ڏيندي؟
عالمي برادري کي اھو يقين اچي ويو آھي تھ انھن جي ھٿان ڏنل امداد ڪنھن بھ طرح سان حقدارن تائين نھ پھچندي ۽ اھا وچ ۾ کاڌي ويندي. ڇو تھ عالمي برادريءَ جي اڳواڻن جڏھن پاڪستان ۾ زلزلي سبب متاثر ماڻھن جي لاءِ مدد جو ھر طرح سان ماحول پيدا ڪيو ھو ۽ ايتري حد تائين جو ھڪ غيرملڪي حڪمران جي گھر واريءَ پنھنجي ڳچيءَ مان قيمتي ھار لاھي ان دور جي وزير اعظم کي ڏنو ھو تھ ھو امداد لاءِ ان کي خرچ ڪري تھ ھن اھو ھار پنھنجي زال کي پائڻ لاءِ ڏنو ھو ۽ اھي خبرون عالمي ميڊيا جي زينت ٿي چڪيون آھن. جڏھن ان قسم جا نھايت برا ۽ مذمت جوڳا عمل ٿيندا ھجن تھ ان ماحول ۾ عالمي برادري ڪھڙي ريت ماڻھن جي مدد ڪندي. جيڪڏھن عالمي برادريءَ کي امداد لاءِ مجبور ڪرڻو آھي تھ سڀ کان اڳ ۾ اسان جي حڪمرانن کي گھرجي تھ اھو عالمي برادريءَ جو کڄي ويل اعتبار واپس ورائين ۽ انھن جي اعتبار جي واپسي تيستائين ممڪن ناھي، جيستائين حڪمران ڪرپشن مان ھٿ نھ ٿا ڪڍن. اسان جي حڪمرانن کي اھو معلوم ھجڻ گھرجي تھ انھن مان ڪجھھ بھ ڳجھو ناھي. جيڪڏھن اسان جا حڪمران پنھنجي ملڪ مان ڪرپشن ڪري ٻاھر ملڪيتون وٺن ٿا يا ٻاھرين بينڪن ۾ پنھنجا پئسا رکن ٿا تھ انھن ملڪن جي حڪمرانن کي ھڪ ھڪ ڳالھھ جو پتو ھوندو آھي ۽ انھن کي معلوم ھوندو آھي تھ ڪھڙي ملڪ جي ڪھڙي سياستدان ڪيتري دولت لڪائي آھي ۽ ڪھڙي طرح سان لڪائي آھي. جڏھن اسان جا حڪمران پنھنجي ملڪ جي دولت لٽيندا ھجن تھ ھو ڪھڙي طرح سان پنھنجي عوام جي ٽيڪسن مان پيدا ٿيل سرمايو انھن حڪمرانن جي حوالي ڪندا تھ ھو انھن کي بھ پنھنجن اڪائونٽن ۾ سٿين ۽ پنھنجي سرمائي کي عالمي سطح تي تحفظ ڏيارين ۽ ملڪ جي عوام کي عذاب ۾ وجھن. ان طرح سان تھ دنيا جو ڪو بھ ملڪ انھن ڪرپٽ حڪمرانن جي مدد نھ ڪندو. جيڪڏھن ٻوڏ جي صورتحال ۾ بھ عالمي برادريءَ اسان جي عوام جي مدد نھ ڪئي تھ ان جو ڪارڻ اسان جا ڪرپٽ حڪمران ھئا.
اسان جي حڪمرانن کي اھا حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي عالمي امداد ۾ اصل رڪاوٽ انھن جو اميج آھي. انھن جي ساک سموري دنيا ۾ عام جام آھي ۽ پوري جڳ کي پتو آھي تھ اسان جا حڪمران ٻارن جي تعليم ۽ انھن جي علاج جي لا جاري ٿيندڙ بجيٽ مان بھ گھوٻيون ھڻندا آھن. ان ڪري ھو پنھنجي عوام جو پيٽ ڪٽي يا پنھنجي مفادن کي پاسي تي رکي پنھنجي ملڪ جو سرمايو اسان جي عوام جي مدد لاءِ ڏيڻ نھ چاھيندا آھن. ڇو تھ انھن کي معلوم آھي تھ انھن جو اھو سرمايو وري بھ ڪرپٽ حڪمرانن وٽ ھليو ويندو. ان ڪري ھو مدد ڪرڻ ۾ سخاوت جو مظاھرو نھ ڪندا آھن ۽ اسان جي انھن ئي حڪمرانن کي معلوم آھي تھ ھڪ وقت اھڙو بھ ھو، جڏھن پاڪستان جي مٿان امداد جي بارش ٿيندي ھئي ۽ ان بارش جا گھڻو ڪري ڪارڻ سياسي مفاد بھ ھوندا ھئا. ڇو تھ اھو سرد جنگ جو دور ھو ۽ ان دور ۾ پاڪستان کي روس کان پري رکڻ لاءِ آمريڪا ۽ ھن جا اتحادي پاڪستان جي ھر طرح سان مدد ڪندا ھئا پر اھا بھ حقيقت آھي تھ جيڪڏھن ان دور ۾ ڪرپشن جو عالم اھڙو ھجي ھا، جھڙو ھاڻي آھي تھ ان دور ۾ بھ پاڪستان جي مٿان امداد جي برسات نھ وسائي وڃي ھا. ڇو تھ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ بھ ھاڻي بھ دنيا ۾ اھڙا ملڪ موجود آھن، جن جي مدد ڪرڻ لاءِ عالمي برادري اڳتي اڳتي نظر ايندي آھي ۽ ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ عالمي برادريءَ کي معلوم آھي تھ انھن ملڪن جون حڪومتون گھٽ ۾ گھٽ امداد جي پئسي مان ڪرپشن نھ ڪنديون. جڏھن اسان جي حڪمرانن جي حوالي سان عالمي برادريءَ وٽ ثبوت موجود آھن تھ انھن ڪھڙي طرح ماڻھن کي ملندڙ امداد مان گھوٻيون ھنيون ۽ ڪھڙي ريت ماڻھن جي مدد ڪرڻ بدران پنھنجا اڪائونٽ ڀريا ۽ پنھنجا الو سڌا ڪيا.
عالمي برادري تمام ھوشيار ۽ تمام خبردار آھي. اھا ڪنھن بھ طرح سان اھڙي قوت ناھي، جنھن کي دوکو ڏئي سگھجي. ان ڪري عالمي برادريءَ جو جيڪو بھ عمل آھي، ان جا بھ ڪي سبب ھوندا آھن ۽ ھن وقت سنڌ جو عوام جيڪي سڏڪا ڀري رھيو آھي ۽ اھو ٻوڏ سبب پنھنجي زندگيءَ جا زھرناڪ ڏينھن گذاري رھيو آھي ۽ ان جي باوجود بھ ان جي مدد نھ ٿي رھي آھي تھ ان جا بھ ڪي سبب آھن ۽ انھن جا سبب اھي آھن تھ پاڪستان جو خزانو خالي آھي. ان خالي خزاني جا بھ ذميواري ڪنھن طرح سان اسان جا حڪمران آھن پر جيڪڏھن انھن کي درگذر ڪيو وڃي ۽ وقت بچائڻ جي لاءِ اسان سڌي ڳالھھ ڪريون ۽ اسان پنھنجو فوڪس عالمي امداد تي رکون تھ اسان کي اھو معلوم ھجڻ گھرجي تھ عالمي امداد اسان کي اسان جي حڪمرانن جي ڪارپت سبب نھ ٿي ملي. ان صورت ۾ پنھنجا ڪرتوت ياد ڪري اسان جي حڪمرانن کي کپندو ھو تھ ھو عالمي سطح تي ڪندڙ اين جي اوز جي مٿان لڳل پابنديون لاھي ۽ انھن کي اھو موقعو فراھم ڪري تھ اھي ماڻھن جي سڌي طرح سان مدد ڪن پر جيئن تھ اسان جي حڪمرانن کي ٻن قسمن جا مفاد من ۾ ھئا. ھڪ تھ انھن جي اھا خواھش ھئي تھ امداد جو سرمايو انھن کي ملي تھ ھو پنھنجي پيٽ پوڄا بھ ڪري سگھن ۽ ٻيو تھ انھن جي شديد خواھش ھئي تھ ھو امداد جي رقم کي پنھنجي سياسي مفادن جي لاءِ استعمال ڪن. انھن ٻن سببن جي ڪري انھن عالمي سطح جي اين جي اوز کي ڪم ڪرڻ نھ ڏنو. ٻيو تھ انھن پنھنجي مفاد کي اڳيان ڪري عوام جي مفاد کي پويان ڌڪي ڇڏيو ۽ ھن وقت پاڪستان جھڙي طرح سان ھٿ پير ھڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي يا جھڙي طرح سان بلاول چئي ويو آھي تھ ھو گڏيل قومن سان گڏجي ٻوڏ ستايل ماڻھن جي سھائتا لاءِ عالمي سطح تي ڪردار ادا ڪندو تھ اھڙي ڪم مان ڪو فائدو نھ پوڻ جا امڪان ھاڻي کان چٽا آھن. ڇو تھ سنڌي ٻوليءَ ۾ اھو پھاڪو عام جام آھي تھ جيڪو سج اڀرندي تاءُ نھ ڪندو اھو لھندي ڪھڙو تاءُ ڪندو؟ جنھن وقت اسان جا مظلوم ۽ متاثر ماڻھو زندگي موت جي ڪشمڪش ۾ ھئا، جيڪڏھن انھن جي ان وقت مدد نھ ٿي تھ ھاڻي ڇا ٿيندي؟