ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽو بحران ۽ ڪڻڪ جو هدف

Editorial

ملڪ ۾ هر پاسي کان بحران ئي بحران نظر اچي رهيا آهن، اهي بحران ختم ڪرڻ يا انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي مشينري ڪٿي به فعال نظر نٿي اچي، نتيجي ۾ عوام هر حوالي سان ڀوڳي رهيو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان اٽي جي بحران عوام جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي. اٽو 150 رپيا في ڪلو تي وڃي پهتو آهي. عوام جيڪڏهن اٽو به نه کائيندو ته ان وٽ کائڻ لاءِ باقي ڇا رهندو. اٽو اهڙو اسم آهي، جيڪو هر ماڻهو استعمال ڪري ٿو ۽ ان کان سواءِ انسان جو گذارو ڪونهي پر سڄي ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ وڌندڙ قيمتن سبب عوام گهڻو پريشان آهي. سنڌ حڪومت پاران سستو اٽو فراهم ڪرڻ وارو نظام ايترو ته ناقص آهي جو عوام پنهنجون زندگيون داءُ تي لڳائي اٽو خريد ڪرڻ وڃي ٿو. ٻه ڏينهن اڳ ئي ميرپورخاص ۾ پنهنجي گهر لاءِ اٽو خريد ڪرڻ ويل شهري ماڻهن جي پيهه ۾ پيرن هيٺيان لتاڙجي مارجي ويو. ٻئي پاسي ماڻهو سستي اٽي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي احتجاج هر ننڍي وڏي شهر ۾ ٿي رهيا آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءِ ڪونه ٿي سري. هاڻ وري اهي امڪان چٽا ٿي ويا آهن ته سنڌ ۾ ڪڻڪ مقرر ڪيل هدف کان ڪافي گهٽ لهندي، جنهن ڪري اٽي جو بحران اڃا به جاري رهندو يا وري اٽو بنهه گهڻو مهانگو ٿي ويندو.
ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ايوان زراعت سنڌ جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ سڄي سنڌ جي آبادگارن جي ٿيل اهم اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تازي برساتن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبو متاثر ٿيو، جنهن ۾ زراعت سئو سيڪڙو تباهه ۽ برباد ٿي وئي. ڪپهه ۽ کجيءَ سميت ٻيا اهم سمورا فصل ٻڏي سڙي ويا. آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پي ايم پئڪيج تحت متاثر آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اهڙي ريت سنڌ حڪومت به آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوک لاءِ مفت ٻج فراهم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ 5 هزار رپيا روڪ رقم في ايڪڙ ڪڻڪ جي پوک تي ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر افسوس انهن اعلانن تي اڄ ڏينهن تائين ڪوبه عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ جا ڪروڙين آبادگار پڇي رهيا آهن ته انهن جي بحاليءَ ۽ مدد لاءِ آيل عالمي امداد ڪٿي آهي ۽ ڪيئن خرچ ٿي آهي، ان بابت عوام کي ٻڌايو وڃي. هن چيو ته هلندڙ حڪومت سنڌ ۾ 30 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوک جو هدف مقرر ڪيو آهي پر اڃا تائين ميرپورخاص، سانگهڙ، نوشهرو فيروز، دادو سميت ٻين ضلعن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب هن سال وڏي مشڪل سان ساڍا 21 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوک ٿي آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کپت 28 ملين ٽن آهي، گذريل سال 26 ڏهائي 2 ملين ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ملڻ سان 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت 3 مهينا اڳ ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر اڃا تائين سنڌ جي خوراڪ کاتي طرفان اهڙي اگهه جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي، آبادگارن ۾ اهي افواهه هلي رهيا آهن ته حڪومت اگهه گهٽ ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري اهڙي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ بنا دير سنڌ حڪومت 4 هزار رپيا في مڻ ڪڻڪ جي اگهه جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري آبادگارن مان بيچيني به ختم ڪري. ٻي صورت ۾ هلندڙ سال ٻوڏ سبب ڪڻڪ جي کوٽ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو ۽ اٽي جو اگهه 200 رپيا في ڪلو کان به وڌي ويندو. هن چيو ته ڪڻڪ جو هائبرڊ ٻج رڳو پنجاب لاءِ ڇو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اهو ٻج فراهم ڪيو وڃي.
ساڍا 8 لک ايڪڙ ڪڻڪ گهٽ پوکڻ جو مطلب هڪ وڏي ايراضي تي ڪڻڪ نه هوندي. ان جو هڪ سبب گذريل سال آيل ٻوڏ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ آبادگارن جون ٻنيون پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. جڏهن ته سنڌ حڪومت اڃا به اهي دعوائون ڪري رهي آهي ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ايندڙ وقت ۾ کاڌ خوراڪ، خاص طور تي اٽي جي دستيابي گهڻي مشڪل ٿي ويندي ۽ ان کي منهن ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر حڪومت ان مسئلي کي حل نه ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪڻڪ جو هدف پورو ٿيڻ ممڪن ڪونهي ته ٻاهران ڪڻڪ گهرائي ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن. ٻي صورت ۾ عوام وٽ کائڻ لاءِ اٽي جي لپ به ڪونه هوندي ۽ اهو بکون ڪاٽيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button