تازي صورتحال ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي ۽ اٽي جي بحران سبب وچولو طبقو ته متاثر ٿي رهيو آھي پر غريب عوام ۽ پورهيت طبقي جو معاشي قتل ٿي رهيو آھي، جنهن جا ذميوار رڳو حڪمران نه پر اسان جا چونڊيل نمائندا ۽ اسين پاڻ آھيون. ڇو ته هر مسئلي تي خاموشي اختيار ڪريو ويٺا آھيون ۽ چور رڳو حڪمران نه پر اسان جي تڪ جا چونڊيل نمائندا ايم پي ايز، ايم اين ايز، ڪائونسلر، چيئرمين به آھن.
اهي ايم پي ايز، ايم اين ايز، ڪائونسلر ۽ چيئرمين اهو چئي ووٽ وٺندا آھن ته اسين اوهان جي ڏک سک جا ساٿي آھيون، اوهان جو هر جائز مسئلو حل ڪنداسين ۽ جڏهن مسئلا ٿين ٿا ته ڪوبه چونڊيل نمائندو ظاهر ئي نه ٿيندو آهي. مسئلا حل ڪرڻ ته پري جي ڳالھه آھي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سرڪاري گدامن ۾ هزارين ٽن ڪڻڪ ذخيرو ٿيل آھي ۽ واپارين وٽ پڻ ڪڻڪ ذخيرو ٿيل آھي، جنهن باوجود اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي، جيڪو سنڌ جي عوام سان سراسر ظلم آھي. ھزارين مڻ ڪڻڪ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ واقع سرڪاري گدامن ۾ سڙي ۽ ڳري رھي آھي جنھن کي نه رڳو اوڏھي کائيندي پئي وڃي پر خوراڪ کاتي جو راشي ۽ بي ايمان عملو پڻ هٿ صاف ڪرڻ ۾ رڌل آھي. ٻورين مان اڌ ان ڪڍي اُن ۾ مٽي ملائي وزن برابر ڪري رکيو ٿو وڃي ۽ اهو عوام تائين جڏهن پهچي ٿو ته ان ملاوٽي اٽي جي قيمت ڪل قيمت جي صورت ۾ وصول ڪئي وڃي ٿي ۽ ڏٺو وڃي ته ڪل قيمت ۾ به سنڌ واسين کي ملاوٽي اٽو مهيا ڪيو پيو وڃي ۽ اٽي جي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ اگهھ عوام مان رڙيون ڪڍائي ڇڏيون آھن. هونءَ به سنڌ واسي لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان هئا. هاڻي ته ھر ماڻهو اٽي لاءِ پريشانِ آھي ۽ وايون بتال لڳيون پيون آهن. تازي صورتحال ۾ غريب عوام لاءِ ھڪ ويلو کائڻ به وڏو ويل ٿي ويو آھي ۽ غريبن جي زندگي جنجال ٿي وئي آھي، ڄڻ جيئڻ لاءِ عوام کي اڳتي اڃان به ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
اٽو خريدڻ به ھاڻي غريب غربي جي پهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. ڇا سنڌ جي عوام کي اهي ڏينهن به ڏسڻا هئا ته پنھنجي ٻچڙن کي پيٽ بکايل ڏسي. اهو ته سنڌ جي عوام لاءِ دردناڪ الميو آھي. لڳي ائين رهيو آھي ته هينئر سنڌ جو بي يارو مددگار بڻيل عوام اڃان به ڪنهن مسيحا جو منتظر آھي، جيڪو جيئڻ ته چاھي ٿو پر جيءَ به نٿو سگهي. احتجاج ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪري نه ٿو سگهي. سرمائيدار طبقي ۽ منافعي خور مافيا ۽ نااهل حڪمرانن ايترو ته عوام کي بيوس ۽ محدود ڪري ڇڏيو آھي جو عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي ۽ ڏينهون ڏينهن ان ڌٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسندو پيو وڃي. زندگيءَ جا سڀ حسين نظارا، ڪشاده رستا سوڙھا ۽ تنگ ٿي ويا آھن.
وڌندڙ مهانگائي سبب اٽي سميت ٻيون روزمره استعمال هيٺ ايندڙ شيون وٺڻ وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي. وڌندڙ مهانگائي سبب سنڌ ۾ اڻوڻندڙ واقعن ڪر کنيو ته ان سان حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.
وڏن کان هڪ ڳالھه ٻڌندو هئس پر سمجهھ ۾ ڪانه ايندي هئي. ڳالهه ڪندا هئا ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاهه هو جنهن کي پنهنجي رعايا سان بي حد پيار ۽ ان تي فخر هوندو هئس. هڪ ڏينهن هڪ ڏاهي وزير کيس صلاح ڏني ته بادشاهه سلامت عوام جي سهولت لاءِ ڀرواري شھر کي ملائڻ لاءِ پل تيار ڪرائي آھي، اتان وڏي اچ وڃ آھي ۽ واپارين جي اچ وڃ جو مرڪز بڻجي وئي آھي، جنهن تي جيڪڏهن اوهان اجازت ڏيو ته هڪ آنو محصول (ٽيڪس) وصول ڪيون جنهن سان شاهي خزاني کي فائدو رسندو، جنهن تي بادشاهه سلامت ناراض ٿيو ته نه، اهو رعايا سان ظلم هوندو ۽ عوام رستن تي نڪري ايندو ۽ احتجاج ڪندو، جنهن تي وزير وراڻيو ته بادشاهه سلامت جيڪڏهن عوام احتجاج ڪيو ته اوهان عوام جو مطالبو قبول ڪري ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏجو جنهن سان عوام جي دلين ۾ اوهان لاءِ محبت ۽ عزت اڃا وڌندي ته بادشاهه سلامت کي پنهنجي رعايا سان پيار آھي، جنهن سبب ان ٽِيڪس واپس وٺي ڇڏيو. بادشاهه سلامت کي صلاح وڻي ۽ ٽيڪس هڪ آنو مقرر ڪري ڇڏيائين. هڪ هفتي کان پوءِ جڏهن بادشاهه سلامت درٻار ۾ آيو ته ڏاڍو خوش ھو. وزير کي چيائين منهنجي قوم سجاڳ آھي، ڏسجانءِ اڄ ٽيڪس ختم ڪرائڻ لاءِ ميڙ هوندا. وزير بادشاهه سلامت کي وراڻيو بادشاهه سلامت اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي. ڪير ڪونه آيو آهي، جنهن تي بادشاهه سلامت خاموش ٿي ويو. ڪجھه دير کان پوءِ وزير چيو بادشاهه سلامت هڪ آنو ٽيڪس تي ڪير ڪونه آواز اٿارڻ آيو. هاڻي اجازت ڏيو ته ٽيڪس جي قيمت وڌائي ٻه آنا ڪريون، جنهن تي بادشاهه سلامت وراڻيو نه، اها زيادتي آھي. عوام جي ڪاوڙ قابو نه ڪري سگهنداسين. جنهن تي وزير چيو سائين جيڪڏهن عوام آيو ته اوهان هڪ آنو ٽيڪس معاف ڪري ڇڏجو، جنهن سان عوام تي ٿورو به ٿيندو ۽ شاهي خزاني کي نقصان به نه ٿيندو ۽ اهڙي ريت ٽيڪس وڌندو ويو.
ڪجهه ڏينهن ۾ ئي هڪ رپئي تي پهتو پر عوام بادشاهه سلامت وٽ احتجاج ڪرڻ نه پهتو جنهن کان پوءِ وزير بادشاهه سلامت کي چيو ته پل تان گذرندڙ هر ماڻهو کي هڪ روپيو ٽيڪس وٺي هڪ جوتو هنيو وڃي، جنهن تي بادشاهه سلامت چيو نه، هرگز نه، ائين ڪرڻ سان خون خرابو ٿيندو ۽ معاملو سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويندو. وزير پنهنجي دانائيءَ سان چيو ته بادشاهه سلامت عوام احتجاج ڪندو ته پوءِ هڪ جوتو ۽ ڪجهھ ٽيڪس معاف ڪري ڇڏجو. اوهان جو اقبال اڃان بلند ٿيندو ۽ بادشاهه سلامت فرمان جاري ڪيو، جنهن کان پوءِ هر ايندڙ ويندڙ کان هڪ رپيو وٺي هڪ جوتو هڻڻ شروع ڪيو ويو ۽ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ درٻار لڳي ته بادشاهه سلامت ڏاڍو خوش هو ته عوام احتجاج ڪيو هوندو. منهنجي قوم سجاڳ قوم آهي. اچڻ سان وزير کان پڇا ڪيائين، جنهن تي وزير چيو سائين ڪير ڪونه آيو آھي، جنهن تي بادشاهه سلامت غمگين ٿيو. وري وزير بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت جوتن جو انگ وڌائي ٻه ڪيا وڃن جنهن تي بادشاهه انڪار ڪندي وراڻيو، اهو ناممڪن آھي. اهو عمل ڪرڻ سان حالتون بگڙي وينديون. جنهن تي وزير وراڻيو ته بادشاهه سلامت اوهان پوءِ جوتا هڻڻ وارو عمل بند ڪرائي ڇڏجو ۽ ٽيڪس ۾ به رعايت ڏجو، عوام خوش ٿي ويندو. جنهن تي بادشاهه سلامت فرمان جاري ڪيو ۽ ايندڙ ويندڙن کان هڪ رپيو ٽيڪس وصول ۽ ٻه جوتا هنيا ويا، جنهن کان پوءِ عوام احتجاج شروع ڪيا. احتجاجن سبب صورتحال خراب ٿيڻ لڳي ۽ احتجاج وڌي اچي درٻار تائين پهتا. بادشاهه سلامت درٻار لڳائڻ جو حڪم ڏنو. عوام کي درٻار گهرايو ويو. بادشاهه سلامت تمام گهڻو خوش ھو ۽ وزير کي چيائين ڏس منهنجي قوم سجاڳ قوم آھي، جيڪا ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿاري رهي آھي. اڄ آئون پنهنجي رعايا تان ٽيڪس مرڳوئي ختم ڪري ڇڏيندس. اهو چئي بادشاهه سلامت درٻار ۾ آيو ۽ عوام جي اڳواڻ کان پڇيائين ڇا ماجرا آھي بيان ڪريو.
جنهن تي احتجاجين جي اڳواڻ چيو بادشاهه سلامت عرض آھي ته اوهان جي حڪم تي هڪ آنو ٽيڪس وصوليو ويو، اسان رياست جو فرمان سمجهي ادا ڪيو ۽ اهو ٽيڪس هڪ آني مان ٻه آنا ۽ ٻن آنن مان چار آنا، وري چار آنن مان اٺ آنا وري پوءِ اٺ آنن مان هڪ رپيو ڪيو ويو، جيڪو اسان خاموشيءَ سان رياست جو فرمان سمجهي قبوليوسين. وري هڪ رپئي سان گڏ هڪ جوتو هڻڻ جو فرمان روا ٿيو. اسان خاموش رهياسين ۽ ڪجهھ نه ڪڇيوسين. هاڻي وري ھڪ رپيو ٽيڪس سان گڏ ٻه جوتا هڻڻ جو فرمان روا ٿيو آھي، جيڪا سراسر زيادتي آھي.
بادشاهه سلامت وراڻيو اوهان پنهنجو مطالبو پيش ڪريو، جنهن تي نظرثاني ڪئي ويندي ۽ اوهان سان انصاف ڪيو ويندو. جنهن تي مطالبو پيش ڪندڙ چيو بادشاهه سلامت اوهان جو اسان وٽ قدر آھي اوهان جو هر حڪم اکين تي آھي. عرض آھي ته اسان هڪ رپيو ٽيڪس به ادا ڪنداسين ۽ ٻه جوتا کائڻ به برداشت ڪنداسين. بس اوهان رڳو جوتا هڻندڙ سپاهين جو انگ وڌايو ڇاڪاڻ ته جوتا هڻڻ وارو هڪ آھي جنهن سبب اسان کي قطار ۾ بيهڻو ٿو پوي ۽ دير ٿي ٿئي بس اسان جو اهوئي مطالبو آھي.
اها ته هڪ ڪهاڻي آهي پر موجوده دور به ان کان مختلف نه پيو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته حڪمرانن وٽ آمدني وڌائڻ ۽ معاشي خوشحالي جو ڪو پلان ناهي ۽ عوام جي خوشحاليءَ جا فقط کوکلا نعره بچيا آھن. پ پ پ سرڪار لاءِ سوچڻ جو مقام آھي ته اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نظريو ڏيندڙن جي پنهنجي دور ۾ ئي عوام اجهي لٽي کان پوءِ اٽي لاءِ پريشان آھي ۽ ڪا حڪمت عملي ئي ناهي جو اٽي جي اگهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.
حڪمرانن سميت ذميوار ڪامورا شاهي جي سموري مشينري منظر تان غائب آھي ۽ فقط خالي خط پيا نڪرن ته جيڪو اٽو مهانگو ڏيندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ عملي طور ڪجهھ به نه ٿي رهيو آھي ۽ ننڍن شھرن ۾ اٽي چڪي وارن اٽي جي وڌندڙ اگهن جيان پيسائي پڻ ٽيڻ تي وڌائي ڇڏي آھي، اها پڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي. ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته سنڌ جي گدامن تي پيل ان فلور ملن کي ڏيڻ بدران سڌي ريت عوام کي رعايتي اگهن تي ڏنو وڃي ۽ منافعي خور فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي پابند ڪيو وڃي ته اٽي جي پيسائي في مڻ قيمت جائز ورتي وڃي. ٻي صورت ۾ عوام کي گهران نڪري تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي ته آخر عوام سان ايڏو ظلم ۽ بي واجبيون ڇو ٿي رهيون آھن. سنڌ جو عوام اجهي ۽ لٽي لاءِ ته اڳئي پريشان هو هاڻي ته اٽي جي پريشاني جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.