ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان ۽ پرويز الاهي اقتدار جي مدار کان ٻاهر

Editorial-Article- Allahbux Rathore

عمران خان اها ڳالهه ته درست ڪري ٿو ته موجوده اسٽيبلشمنٽ ماضي جو تسلسل آهي، هن خلاف جيڪا صفبندي ڪئي پئي وڃي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان مائنس هوندو يا وري هن جي پارٽي سُسُي مختصر ٿي ويندي. هيل تائين جنهن قسم جي جوڙ توڙ ٿيندي رهي آهي، ان ۾ ائين ورلي ٿيو آهي ته ڪنهن پارٽيءَ کي کليو ميدان مليو هجي. ڪنهن به سياسي ڌر جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ چونڊن کان اڳ ئي سمورا بندوبست ڪيا ويندا آهن. ماضي ۾ به سياسي قوتن کي حدن ۾ رکڻ لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سياست ڪئي وئي، هاڻ به تقريبن ساڳي صورتحال آهي. هينئر اتحادي حڪومت موجود آهي، مستقبل ۾ رڳو ڌرين جي شيئرز کي طئي ڪرڻو آهي. عمران خان کي هي پيغام ملي ويو آهي، ان ڪري ئي ته هو ڪراچيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي عورتن کي چئي رهيو هو ته اهي جهاد لاءِ تيار ٿين. هن نئين جوڙجڪ جي حوالي سان بلوچستان پ پ حوالي ڪرڻ، پنجاب (ن) ليگ کي ڏيڻ، مرڪز ۾ گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ، سنڌ ته اڳ ئي پ پ وٽ آهي ۽ ان کي چيلينج ڪرڻ واريون قوتون به انتهائي ڪمزور آهن. توڙي جو سنڌ ۾ پ پ مخالف سياسي ڌرين جا واڳ ڌڻين سان پ پ کان بهتر لاڳاپا آهن ۽ اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسٽيبلشمنٽ جي اشاري تي سڀ ڪجهه ڪندا رهيا آهن. سنڌ ۾ هاڻ ته اهي سياسي اڳواڻ، جن سموري حياتي “ڪفر ۾ گذاري” اهي به نيڪ نمازي ٿي ويا آهن. بقول عمران خان جي ته ان کي اهو به يقين ناهي ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهي سگهندي يا نه؟ هو ايم ڪيو ايم جي ڌڙن جي هڪ ٿيڻ تي به پريشان آهي، پر هن کي ڪراچيءَ جي ووٽرز جي ڪيمسٽري جي خبر ناهي. هن اڳ به پارٽي، خاص ڪري سنڌ ۾ ريموٽ ڪنٽرول تي هلائي آهي. جيڪي ڌريون سمجهن ٿيون، انهن کي ڄاڻ هوندي ته ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم هڪ به ٿي وڃي ته اها به (ق) ليگ يا ڪنگز پارٽيءَ جي ٻي شڪل هوندي. ڪراچيءَ ۾ گذريل چونڊن کان ٽرن آئوٽ 15 کان 20 سيڪڙي تائين گهٽجي ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي نالي ماتر سيٽون ئي ملي سگهن ٿيون. جيستائين سياست جي اصل محرڪ کي داخل ٿيڻ جي اجازت نٿي ملي.
عمران خان اقتدار جي سياست ڪرڻ لاءِ آتو آهي، هو مقبوليت جا راڳ به ڳائي ٿو، پر هن جي انهن حلقن ۾ قبوليت ناهي، جتان اقتدار جا آبشار نڪرن ٿا. هن حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ آئينده به ڪندو رهندو، انهن کيس فائدو پهچائڻ بدران نقصان ڏنو آهي. عمران خان وٽ جنهن عوامي طاقت يا قوت جو تصور آهي، اها ته ڪٿي به نظر نٿي اچي. ووٽ جي طاقت به آزاد ناهي، نه ئي وري ووٽر ٻاهر نڪري اسٽيبلشمنٽ سميت ڪنهن به پارٽيءَ جي اميدوار کي کٽرائي يا هارائي سگهن ٿا. اها ڳالهه ته سڀني ٻڌي هوندي ته عام چونڊن کان پوءِ ماڻهو ڪامياب اميدوارن وٽ ويندا آهن ته انهن جون پهرين ملاقات ۾ اکيون کلي وينديون آهن. ڪامياب ٿيندڙ واضح ڪري ڇڏيندو آهي ته مان توهان جي ووٽ ذريعي ڪامياب نه ٿيو آهيان، جيڪڏهن ووٽ نه به ڏيو ها، ان جي باوجود مون کي ڪليئرنس ملي وئي هئي. اها ڳالهه مون کي هڪ اهڙي شخص ٻڌائي ته جنهن وقت هڪ پنهنجي ليکي دانشور بڻيل صاحب، چونڊ مهم هلائڻ ۾ به دلچسپي نه ورتي ۽ نه ئي پيسو ڏوڪڙ خرچ ڪيو ۽ سڀني کي چوڻ لڳو، هو ته ڪامياب آهي. ايم پي اي شپ هن جي کاٻي کيسي ۾ پئي آهي، پر نتيجي اچڻ کانپوءِ همراهه جا ٺپ ئي ٺري ويا.
عمران خان جيڪو ڪجهه ٻڌائي رهيو آهي، ان مان کيس اندازو ٿي وڃڻ گهرجي ها ته هن جي اقتدار ۾ اچڻ جا ڪيترا امڪان ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن عمران خان جي مطالبي يا ڪنهن ٻئي سبب هڪ ٻه مهينا اڳ عام چونڊون به ٿي وڃن، ان جي باوجود پي ٽي آءِ لاءِ مايوسي کان سواءِ ڪهڙو رستو آهي؟ اهي ڳالهيون به ميڊيا تي اچن پيون ته عام چونڊن جو وقت تي ٿيڻ ممڪن نظر نٿو اچي. جيڪڏهن هڪ يا ٻن سالن تائين مدو وڌي وڃي ته نين چونڊن لاءِ به وڏي مٿاڪٽ ڪرڻي پوندي. عام چونڊن جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته ان جو دارومدار ان تي هوندو ته هڪ ته سياسي جوڙ توڙ ڪيترو وقت وٺي ٿي، ٻيو هي ته عالمي مالياتي ادارن سان معاملا طئي ٿيڻ ۾ڪيترو وقت لڳي ٿو. صورتحال يقينن ڳنڀيرتا واري آهي، جيڪا موجوده اتحادي حڪومت سلجهائي نٿي سگهي ته عمران خان ته بلڪل اناڙي هوندو. هن جا لڳ لاڳاپا ايترا ناهن، جيترا اتحادي حڪومت جا آهن. عمران خان کي چئن سالن دوران وزن جي خبر ته پئجي وئي هوندي. ان جي باوجود هو خواب ڏسي رهيو آهي.
اصولي طور ملڪ ۾ اهڙي حڪومت هجڻ گهرجي، جيڪا خالص ووٽ جي پرچي ذريعي اچي. هي آئيڊيل صورتحال موجود ناهي، نه ئي ان جي اميد ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت هائبرڊ نظام جو حصو هئي ته موجوده اتحادي يا مستقبل جي حڪومت ڪهڙي صاف ۽ شفاف هوندي؟ اهي قوتون جن جو ادارن تي قبضو آهي، اهي اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. انهن جا نه صرف سياسي پر معاشي مفاد ايترا گهڻا آهن، جن جي تحفظ لاءِ هو آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن. سياسي قوتن جو پراڻو ڪرشمو ختم ٿي ويو آهي. عام ماڻهو به مڙني مشڪلاتن جي باوجود لاتعلق بڻجي رهيو آهي. اهڙيون ڌريون سامهون اچن ٿيون، جن جو تصور به نه هو. اهڙي صورتحال ۾”ووٽ کي عزت ڏيو” وارو نعرو ڪيئن هلي سگهي ٿو؟ اڳ ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو ميان نواز شريف جو هو ۽ هاڻ اها ڳالهه عمران خان ڪندو. جيڪو اقتدار ۾ هوندو، ان کان ووٽ جي عزت وسري ويندي.
اها ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته سياسي پارٽين جون پاڙون نه صرف عوام مان اکڙي رهيون آهن، پر سياسي پارٽيون اهڙا ڪلب ٿي رهيون آهن،جن ۾ جيڪو شخص سپريم ليڊر آهي، ان جا ماما ۽ چاچا جاءِ ٺاهي سگهن ٿا. اهي جن قربانيون ڏنيون يا ڏياريون ويون، اهي ڊائنوسارن جيان ماضي جو حصو ٿي ويا. سڀني کان وڌيڪ ڊائنوسار سياستدان پيپلز پارٽي ۾ هئا، جن جي رٿابندي تحت صفائي ڪئي وئي. ان کان پوءِ مسلم ليگ جا ته ايترا قسم آهن، جو ڪو اها ڳالهه يقين سان چئي نٿو سگهي ته هي قائد اعظم جي پارٽي آهي. قائد اعظم به جنهن پارٽيءَ جو حصو هو، ان ۾ شامل ٿيو هو، نڪي هن جي ڪا پنهنجي پارٽي هئي. ان کان پوءِ جيڪي پارٽيون اڀري سامهون آيون، انهن کي جلد گهر چلتو ڪيو ويو. هينئر پي ٽي آءِ جو وارو آهي. ان پارٽيءَ ۾ ايترا ته ليڊر آهن، جو هرڪو ئي پاڻ کي الڳ پارٽيءَ جو سربراهه سمجهي ٿو. انهن جي سياسي ڪيمسٽري به ڏسو ته خبر ناهي ته ڪهڙي ڪهڙي گهاٽ جو پاڻي پي پهتا آهن. انهن ۾ اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي فوجي آمرن جي اکين جا تارا يا انهن جي سيٽ اپ جو حصو رهيا. هاڻ ته پارٽين جي اندر ڄڻ طاقتور حلقن جا پاڪيٽس قائم آهن، اهي ڊبل ايجنٽ لڳن ٿا. انهن کي جيستائين اشارو نٿو ملي، اهي اتي ئي رهن ٿا، جتي کين وڃڻ لاءِ چيو ويو. هينئر (ن) ليگ وارا چون ٿا ته فواد چوڌري به انهن جي صفن ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي. اهو ناممڪن ناهي، جيڪڏهن کيس اشارو مليو ته اڏامي ويندو.
هينئر تائين جيڪو ڪجهه نظر اچي پيو، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته عمران خان جي گنجائش مستقبل قريب جي ڪنهن به سيٽ اپ ۾ نظر نٿي اچي. گجرات جا چوڌري جيڪي پير پاڳاري جيان پاڻ کي صبح شام اسٽيبلشمنٽ جو اڻٽٽ انگ سمجهندا هئا، انهن لاءِ گنجائش نه رهي آهي. (ق) ليگ جو ايترو سياسي وزن به ناهي ته اها پنهنجي ليکي ڪجهه ڪري سگهي. هينئر (ق) ليگ کي ظاهري طور پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو ويو يا پرويز الاهي جو پٽ پنهنجي ليکي چئي رهيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پي ڊي ايم جو حصو ٿي نٿا سگهن. ان کان ڪو پڇي ته جيڪڏهن هو پي ٽي آءِ سان گڏ رهيا به ته کين ڪهڙو فائدو ٿيندو؟عمران خان جي سياسي ڪيمسٽري سولو فلائيٽ واري آهي، هو اتحادين سان گڏ هلي ئي نٿو سگهي. چوڌري پرويز الاهي ته هڪ نرالي مخلوق آهي،اها توڙي جو واڳ ڌڻين جي پيرن جي خاڪ رهي هجي، پر هينئر اهي هڪ وڏي قوت کي ڇڏي، ان جو چوڻ ڇو مڃيندا؟ واڳ ڌڻين ۽ اتحادي حڪومت ۾ سمورا معاملا طئي ٿيل فارمولي تحت هلي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عمران خان، جنهن لاءِ واڳ ڌڻين پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳايو، اهي پرويز الاهي تي ڪا شرط ڇو لڳائيندا؟ واڳ ڌڻين گهڻا معاملا ته فائنل ڪري ڇڏيا آهن، باقي ڏٺو ويندو ته گنجائش ڪيتري بچي ٿي، جو ڪنهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. اهو ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جا اهي اڳواڻ، جيڪي اقتدار جا مزا ماڻڻ گهرندا هجن، انهن کي ڪٿي نه ڪٿي فِٽ ڪرائي سگهن ٿا. ان سان عمران خان وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو ۽ هي خطرو به آهي ته عمران خان جي سگهه گهٽائي کيس ٻي (ق) ليگ بڻائي ڇڏين. اهي اسيمبلي ميمبر جيڪي عمران خان کي اوڌر تي ڏنا ويا، مستقبل ۾ اهي ان گهاٽ تان پاڻي پيئندا، جتان هو آيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button