ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جنيوا ڪانفرنس

هڪ سادو سوال جيڪو شعور رکندڙ هر شهريءَ جي ذهن ۾ جنم وٺندو رهندو آهي ته ملڪ کي آخر ڪيستائين پرڏيهي امداد ۽ قرضن تي هلائي سگهجي ٿو. مالياتي ادارن جي قرض جون قسطون ڀري ڀري ملڪ ذر گهٽ ڊفالٽ ٿيڻ وارو آهي. ملڪي معيشت تر سان وڃي لڳي آهي، مهانگائيءَ جو اوج آهي ۽ ماڻهن کي کائڻ لاءِ اٽو ڪونه پيو ملي. هڪ زرعي ملڪ جي حالت اها آهي جو ان جو عوام اٽي لاءِ دربدر ٿي رهيو آهي. قطارن ۾ لڳي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کان پوءِ به هو خالي هٿين گهر ٿو وڃي. ان ڳالهه به ڪو شڪ ڪونهي ته گذريل سال آيل ٻوڏ سنڌ ۾ وڏي تباهي مچائي هئي، پر اهڙيون مهلون ملڪن تي اينديون رهنديون آهن، انهن مان پار ٿي وڃبو آهي. قدرتي آفتن ۽ حادثن مان سبق پرائبو آهي پر هتي صورتحال اهڙي آهي جو حڪمران وري به مدد لاءِ ٻين ملڪن ۽ مالياتي ادارن ڏانهن واجهائي رهيا آهن. انهن اڳيان رڙندي چئي رهيا آهن ته اسان جي واهر ڪريو. مهرباني ڪري امداد ۾ ڊالر ڏيو ته جيئن اهي ڊالر به اشرافيه هڙپ ڪرڻ ۾ دير نه ڪري. ڪالهه وزير اعظم شهباز شريف جنيوا ويو هو، جتي هن هڪ ڀيرو وري امداد جي گهر ڪئي ۽ کيس امداد ملي به آهي.
ان ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ تي ڪاٿو لڳ ڀڳ 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي ۽ پاڪستان کي ترت تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ پاڪستان جي صدارت هيٺ موسمياتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۽ مدد لاءِ ڪانفرنس ٿي گذري. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي مچائي، ٻوڏ متاثرن جون زندگيون تبديل ڪري ڇڏيون، اڄ اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، پاڪستان جي عوام گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت کي هميشه ياد رکندي، عالمي برادريءَ جي سهڪار تي ٿورائتا آهيون، پاڪستان ڏکي وقت ۾ مدد ڪندڙ ملڪن کي نه وساريندو. هن چيو ته ٻوڏ سبب زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جنهن سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي، ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻ اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي، جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازين ٻوڏن سبب ٽي ڪروڙ کان مٿي ماڻهو متاثر ٿيا، انفرااسٽرڪچر جي تباهيءَ سان معيشت سخت متاثر ٿيو، گهرن، تعليمي ادارن، زرعي شعبي کي ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان پهتو شهباز شريف چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ کين بهتر مستقبل ڏيڻو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ تعمير لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرز جي ضرورت آهي.
ڪالهه امداد جي حوالي سان جيڪي انگ اکر آيا آهن، اهي هن ريت آهن. پاڪستان کي مجموعي طور پهرين پلينري سيشن ۾ 8 ارب 57 ڪروڙ ڊالر مليا آهن. اسلامي بينڪ 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ڏنا آهن. سعودي عرب هڪ ارب ڊالر، ايشائي ترقياتي بينڪ 1 ڏهائي 5 ارب ڊالر، يورپي يونين، 9 ڪروڙ 30 لک ڊالر، جرمني 8 ڪروڙ 80 لک ڊالر، چين 10 ڪروڙ ڊالر، جاپان 7 ڪروڙ 70 لک ڊالر، جڏهن ته يو ايس ايڊ 10 ڪروڙ ڊالر ۽ فرانس 34 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. امداد ۾ ملندڙ رقم گهڻي آهي، هاڻ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ان رقم کي ڪهڙي ريت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪتب آڻي آهي. جيڪڏهن اها امداد به گهوٻين جي ور چڙهي وئي ته پوءِ ٻوڏ متاثرن جا ساڳيا ئي حال هوندا ۽ انهن لاءِ ڪجهه به تبديل نه ٿيندو.
اسين سمجهون ٿا ته هيترا ورهيه امداد ۽ قرض ٿي ڀاڙيندڙ پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. دنيا ۾ معيشت جا نوان نوان ماڊل متعارف ٿي رهيا آهن پر پاڪستان نه ته جدت کي پنهنجائڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي اهو پنهنجي معيشت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ دنيا لاءِ پنهنجي مارڪيٽ اوپن ڪري رهيو آهي. سعودي عرب جهڙي ريت پنهنجي معيشت کي جديد دور سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، پاڪستان کي به ائين ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ قرض وٺڻ ۽ قرض واپس ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو. جنهن ڪري نه رڳو ملڪ ۾ مهانگائي وڌندي رهندي پر بک ۽ بيروزگاري به هلندي ۽ معيشت ڪڏهن به سڌري نه سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button