ناول ادب جي اھڙي صنف آھي جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ئي ناول ۾ پنھنجا ڪيترائي خيال ۽ ڪھاڻيون پيش ڪري سگھي ٿو. ان ۾ ليکڪ سماج جون ڪيتريون ئي حقيقتون پيش ڪري سگھي ٿو، تنھنڪري ادب ۾ ناول جي اھميت وڌي وڃي ٿي. سنڌي ادب ۾ شروعاتي زماني ۾ ناولن جو انگ گھٽ ھو پر ھينئر سنڌ ۾ ڪافي اديب، ليکڪ اصلوڪا ناول لکي ۽ ترجمو ڪري رھيا آھن، جيڪو يقينن ھڪ بھترين عمل آھي. ناول جي ترجمي جي حوالي سان قربان چنا سنڌي ادب ۾ غير معمولي پورھيو ڪري رھيو آھي. ھن سنڌي ادب کي عالمي ادب مان پروفيسر موري، اجنبي، قيدياڻي جي ڪٿا ۽ ديوانگي جھڙن بھترين ناولن جا ترجما ڏنا آھن.
ان ئي سلسلي ۾ ڪجھه وقت اڳ لاطيني آمريڪا جي صحافي ۽ ناول نگار ماريو ورگاس لوسا جي ناول ((Who Killed Palomino Molero جو “ڪلاڪار جو قتل” جي نالي سان ترجمو ڪيو آھي، جيڪو عالمي ادب جو شاھڪار آھي. ھي ناول جيترو بھترين آھي، اوترو ئي ھن جو ترجمو معياري ڪيو ويو آھي. ناول جي ڪھاڻي بظاھر ڪلاڪار جي قتل جي سببن جي ڳولا جي چوڌاري ڦري ٿي پر ليکڪ ھن ناول ۾ پيرو جي سياسي، سماجي، معاشي حالتن جي عڪاسي ڪئي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ملٽري جي مٿيئن طبقي جي نفسيات، عياشين ۽ ناانصافين کي وائکو ڪيو آھي. تنھنڪري ھن ناول جي اھميت اڃا به وڌي وڃي ٿي.
ناول جي شروعات پالمينو مليرو، جيڪو ھڪ ڪلاڪار ھو جنھن جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھڪ ٻڪريون چاريندڙ دراڙ کي ملي ٿو، جيڪو ڊوڙي وڃي پوليس اسٽيشن ۾ ٻڌائي ٿو، جنھن جي جاچ لاءِ پوليس جا سپاھي اچن ٿا. جن مان ھڪ ليو ٽيما صفا رحم کائيندڙ ۽ حساس دل ھوندو آھي جنھن کي ھن جي قاتلن جي گھڻي ھورا کورا ھوندي آھي پر ھو ان ڪم ۾ ايڏو ماھر ناھي ھوندو ۽ ليفٽينٽ سلوا جيڪو ھڪ آڙيڪاپ سپاھي ھوندو آھي جنھن ۾ قتل سان لاڳاپيل ثبوتن کي ڳولڻ جو فن ۽ شاھدن ۽ آسپاس جي ماڻھن مان ڪيس سان لاڳاپيل ڳالھيون ڪڍڻ ۽ اصل حقيقت تائين پھچڻ جي فن ۾ مھارت ھوندي آھي پر ھن جي ڪمزوري ھڪ ريسٽورينٽ ھلائيندڙ ھن کان وڏي عمر جي عورت ھئي، جنھن تي ھي موھت ھو ۽ ان سان دوستي رکڻ چاھي ٿو. ائين ٻئي سپاھي ڪلاڪار جي قاتل جي ڳولا ۾ لڳي وڃن ٿا، جنھن لا ھُو ڪلاڪار جي ماءُ سان ملاقات ڪن ٿا، جيڪا ھنن کي ٻڌائي ٿي ته ھن جو پٽ فوج ۾ ڪو مقصد کڻي ڀرتي ٿيو ھو. ان مقصد کي ھو پنھنجي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجھندو ھو. ھاڻي ٻئي سپاھي سوال کڻي نڪرن ٿا ته آخر ھن جو فوج ۾ ڀرتي جو مقصد ڪھڙو ھو، جنھن کي ھو زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجھيو ٿي، جنھن تي ھوُ ان نتيجي تي پھچن ٿا ته شايد ھن کي ڪنھن سان محبت هجي جنھن کي ماڻڻ لاءِ ھو فوج ۾ شامل ٿيو ۽ ان ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ ھو ٻئي فوج جي ڪرنل مئنڍريو سان ملاقات ڪن ٿا، جيڪو ٻنھي کي ڪا هاڪاري موٽ نٿو ڏي ۽ ھر ڳالھه جو جواب ڪاوڙ مان ڏي ٿو. ھن جو رويو پيشماني، ڪاوڙ ۽ ندامت وارو ھوندو آهي. ھن کي قاتل جي خبر ھوندي به ھن ڪيس لئي مٽي ڪرڻ ٿي چاھيو. ھتي ھنن کي خبر پوي ٿي ته ڪرنل مئنڍريو جي ڌي به آھي. ان کانپوءِ اڳتي ھلي انھن کي خبر پوي ٿي ته ڪرنل مئنڊريو جي ڌي جو ھڪ دوست به آھي ۽ فوج ۾ ھڪ وڏي عھدي تي آھي، جيڪو روزاني شراب خاني ۾ شراب جي نشي ۾ عورتن ۽ مردن سان بدسلوڪي ڪري ٿو پر ان خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ٿئي، ڇو ته ھو بااثر آھي. تنھن تي ھُو ان شراب خاني ۾ ان سان ملاقات ڪن ٿا. جيڪو نشي ۾ ڪيس جي حوالي ڪي ٿوريون خبرون ٻڌائي سگھندو آھي پر اصل حقيقت اڃا به ڳجھه ھوندي آھي.
تنھن کانپوءِ انھن کي ان جي ڳالهھ جي معلومات ملي ٿي ته ان ڪلاڪار کي قتل ڪرڻ کان اڳ ھڪ پادري جي گھر ۾ ھڪ ڇوڪري سان گڏ ڏٺو ويو ھو، تنھن کانپوءِ پوليس وارا ان پادري جي گھر ۾ وڃن ٿا، جتي انھن جي پادري جي ڌي سان ملاقات ٿئي ٿي، جيڪا اھا قبول ڪري ٿي ته اھو ڇوڪرو پنھنجي محبوبا سان ھتي آيو ھو ۽ انھن ھتي شادي ڪرڻ ٿي چاھي پر ان رات پادري گھر ۾ نه ھو تنھنڪري انھن جي شادي نه ٿي سگھي. مون انھن کي گھڻو ئي چيو پر اھي ھتان نه ويا ۽ صبح ٻه مرد ھڪ جيپ ۾ آيا ۽ انھن ٻنھي کي زبردستي وٺي ويا ۽ انھن مون کي ڌمڪيون ڏنيون ته مون اھا ڳالهھ ڪنھن سان ڪئي ته ھُو مون کي ماري ڇڏيندا. تنھن تي ھنن سپاھين جو ڪلاڪار جي قتل جو شڪ ڪرنل مئنڍريو ۽ سندس ڌي جي دوست ڏانهن وڃي ٿو. ائين اڳتي ھلي ڪرنل مئنڍريو جي ڌيءَ پڻ ٻنھي سپاھين سان ملي ٿي ۽ انھن جي اڳيان قبول ڪري ٿي ته ڪلاڪار پالمينو مليرو ۽ ھي ھڪ ٻئي سان تمام گھڻي محبت ڪندا ھئا جنھن جي خبر ھن جي پي کي خبر پئجي وئي ھئي ۽ ھُو قتل جو الزام پنھنجي پي تي ۽ پنھنجي دوست تي لڳائي ٿي. ائين انھن ٻنھي سپاھين جي جاچ پوري ٿئي ٿي پر اڳيان ڪھاڻي ھڪ نئون موڙ وٺي ٿي. ڪرنل مئنڍريو ٻنھي سپاھين سان ملاقات ڪري ٿو. انھن کي ھڪ نئين ڪھاڻي ٻڌائي ٿو ته منھنجي ڌيءَ نفسياتي مريض آھي جيڪا ھر روز مون تي نوان الزام لڳائيندي رھندي آھي ايتري قدر جو ھُو مون تي جنسي تشدد جو به الزام لڳائيندي رھي آھي ۽ توھان جي موڪليل اعلى عملدارن کي رپورٽ مون کي ڪٿي جو به ڪونه ڇڏيندي. اصل ڪلاڪار جو قتل مون نه پر منھنجي ڌيءَ جي دوست ڪيو آھي ۽ ھُن تي تشدد به ان ڪيو آھي. ان کانپوءِ ڪرنل مئنڍريو پاڻ خودڪشي ڪري پنھنجي ڌيءَ جو قتل ڪري ڇڏي ٿو. ائين ان ڪھاڻي جو انت ٿئي ٿو پر پيرو جي ماڻھن ۾ اھو چوٻول ھوندو آھي ته ڪلاڪار جي قتل ۾ وڏيون مڇيون ملوث آھن ۽ تنھنڪري ڪرنل ۽ ان جي ڌيءَ کي به انھن وڏين مڇين قتل ڪيو آھي. تنھنڪري پالمينو مليرو جي قتل سان انصاف ناممڪن آھي. ائين انھن قاتلن جي ڳولا ڪندڙ سپاھين ليوٽيما ۽ ڪئپٽن سلوا جي اعلى عملدارن طرفان پروموشن ٿيڻ بدران ڪنھن ڏورانھن علائقن ۾ بدلي ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪلاڪار جو قتل اڃا تائين ڳجھه رھجي وڃي ٿو. ائين ھن ناول جو انت ٿئي ٿو.
جئين ته ليکڪ ماريو ورگاس لوسا ھڪ ترقي پسند ۽ لبرل ليکڪ آھي. ھن جو ھڪ سياسي پس منظر به ھو. ھُو پنھنجي ملڪ جي سياسي سرگرمي ۾ به حصو وٺندو رھندو ھو. ھو شروعاتي زماني ۾ فيڊل ڪاسترو جي سياسي نظام کان متاثر ۽ ان جو حمايتي به ھو. تنھنڪري ھُو پنھنجي لکڻين ۾ پيروءَ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ملٽري جي پاليسين تي تنقيد ڪندو رھي ٿو. جنھن جو مثال ٻين لکڻين سان گڏوگڏ ھي ناول به آھي، جنھن ۾ ھن پيروءَ جي سياسي سماجي حالتن جو ڇيد ڪيو آھي.
ھن ناول ۾ ليکڪ پيرو جي حڪومت سان لاڳاپيل اعلى عملدارن جي عياشين کي وائکو ڪيو آھي. ھن ناول ۾ ليکڪ طبقاتي سوال کي پڻ کنيو آھي جنھن ۾ جڏھن ھيٺئين طبقي جو مرد جڏھن مٿئين طبقي جي عورت سان محبت ڪري ٿو ته ان جو انجام ڪلاڪار جھڙو ٿئي ٿو ۽ ناول ۾ اھو پڻ ڏيکاري ٿو ته مٿيون طبقو پاڻ کي اُتم سمجھي ٿو ۽ مٿئين طبقي جي ڪيل ناانصافين جو ڪوبه ازالو نٿو ٿئي. غريب ھر ملڪ ۾ ويچارو، بيوس ئي آھي. ناول ۾ ليکڪ ان نقطي کي کنيو آھي ته جن ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ناھي ھوندي، جتي غربت ۽ بدحالي ھوندي اتي اھڙا ڏوهه ٿين ٿا.
ماڻھو پنھنجون خوشيون شراب خانن ۽ جنسي بي راهه روي ۾ ڳولين ٿا، جيئن ھن ناول ۾ پيرو جي سماجي حالتن کي ڏيکاريو آھي. ناول ۾ ليکڪ جنسي حراسمينٽ واري نقطي کي پڻ کنيو آھي ته جيڪو ٿورو به طاقتور آھي، ان وٽ ڪابه تھذيب ناھي. اھو ڪنھن کي به حراس ڪري سگھي ٿو. چاھي اھا ڌي ڇو نه ھجي. جيئن ھن جي ناول جو ڪردار ڪرنل مئنڍريو تي اھو الزام ھو يا وري قاتل جي ڳولا ڪندڙ سپاھي ليفٽينٽ سلوا ھوٽل ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻي کي تنگ ڪندو ھو ۽ ليکڪ اھو پڻ ڏيکاري ٿو ته جيڪڏھن عورت مڙسي ڪري ته ڪئپٽن جھڙن جي حراسمينٽ سان ڀرپور مقابلو ڪري سگھي ٿي. جيئن ان نوڪرياڻي ڪيو. ناول جي ھڪ منفرد ڳالھه اھا آھي ته ليکڪ ڪردارن جي ڀرپاسي رونما ٿيندڙ لقائن ۽ واقعن جي ڀرپور منظرنگاري ڪئي آھي، جنھن ڪري ناول پڙھڻ ۾ وڌيڪ دلچسپ لڳي ٿو.