ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪتاب ‘وحشي جيوت جا نشان’ جائزو

Editorial-Article- Javed Pahnwer

ڌرتيءَ تي هر حياتياتي ۽ نباتاتي (سائنسي بنيادن تي) شيءِ ارتقا جي “چونڊ” واري مرحلي مان ٿيندي آئي آهي. ڪن شين جي چونڊ فطرت طئي ڪندي آهي ۽ ڪي وري انسان جي ضابطي هيٺ رهيون آهن. هي ڪتاب به ارتقا واري نظريي تي آڌاريل آهي. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن مٽاسٽا ۽ ڀڃ ڊاهه واري عَمل مان شيون گذري مُختلف وقتن تي مُختلف ڪم سر انجام ڏينديون رهيون آهن.
ڪتاب جو پهريون باب جهنگلي جانورن بابت آهي. جنهن ۾ ڪُتو (جيڪو سڀ کان آڳاٽو جانور آهي جيڪو انسان سان گڏ رهندو پيو اچي) گهوڙو، اٺ، ٻلي، هاٿي، گڏهه، ٻڪري وغيره. جانورن جو مطالعو ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته فقط ڪجهه جانورن کي ڇڏي جيڪي پالتو بنجي ويا ۽ جن جون صورتون تبديل ٿينديون رهيون آهن. ڪجهه اهڙا جانور آهن جيڪي پوري ارتقائي عمل دوران ساڳي صورت مثل ئي رهيا آهن.
باب ٻيو: جيئن ڪو قافلو ڌوڙ ۽ دز اُڏائيندو پنهنجي پيرن جا نشان ئي دڳن تي ڇڏيندو اڳتي وڌندو آهي، ايئن ئي ارتقا جو عَمل آهي. هن باب ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪيئن جاندار پنهنجي خارجي تبديلين ذريعي اڄ هن دور ۾ داخل ٿيا آهن. سندن جسمن ۾ مُختلف تبديليون ٿينديون رهيون آهن. ساڳي ريت انهن مرحلن مان گذرڻ وقت باطني توڙي خارجي تبديلين مان گُذري ڪن تبديلين جي چونڊ ڪري ڪن کي خارج ڪري دور جديد ۾ داخل ٿيو آهي.
اڳواڻ جي پوئواري ڪرڻ به هڪ جهنگلي جانور جي جبلت آهي. اهي جانور جيڪي اوائلي دور ۾ ڌڻن جي صورت ۾ رهندا هُئا ۽ هن وقت اهي ميداني علائقن ڏانهن هليا ويا آهن، انهن مان گهڻي ڀاڱي اها نقل ڪرڻ واري جبلت ختم ٿي چڪي آهي.
پُراڻن دورن جي باقيات جي هي ڳالهه، ڪهڙي نه هڪ عجيب ڪُنجي آهي، جنهن سان ان دور جي بند ٿيل تهه خانن جا قلف کولي، اسان معلومات جا ڪيڏا نه ٻهڪندڙ خزانا ڏسي سگهون ٿا. اها ڄاڻ تعجب ۾ وجهندڙ آهي، جيڪي شيون اڄ اسان اپنايون آهن، اُهي ماضي ۾ ڪٿي نه ڪٿي اسان جي ابن ڏاڏن جي اوائلي نسلن ۾ شامل ضرور رهيون آهن. اڄ جي جانورن جون جبلتون، سندن رهائش جي اڄوڪين حالتن کان، بلڪل نرالين حالتن هيٺ اسري وڌيون ۽ پختيون بنجي ويون آهن.
هن ڪتاب جو ٽيون باب انساني ترقيءَ جي باري ۾ آهي. ڌرتيءَ تي پهرين ڪو به انگريز، قوم، قبيلو، ذات، دين، فرقو نه هو، وقت ۽ حالتن سان گڏ جيڪي اڄ جا انگريز آهن، سي ٽن قبيلن تي مُشتمل ٿيا هُئا. ائنگل، سيڪسن ۽ جيئوٽ، جن جو ڪم سامونڊي لنگهن وسيلي مُختلف شهرن ۾ وڃي قتل عام ڪري پنهنجي ڪُٽنب کي کارائڻ هو. جرمن قوم به ٽن قبيلن مان آهي، قبيان، وينڊل ۽ سمبري مان آهي. جن رومن شهنشاهت جو خاتمو ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا هو. اطالوي قوم رومن لوڪن مان آهي. انسان جي ارتقا وارو مرحلو ڏاکڻي کنڊن مان ئي شروع ٿيو.
انسان جانور جو ئي اسريل نسل آهي. ارتقا واري مرحلي ۾ هُن مان جيڪي اولهه ۾ رهڻ لڳا جيئن آفريڪا اُهي ڪاري نسل جا سڏجڻ لڳا، ٻيا اتر ۽ اتر اولهه ۾ رهيا، اُهي اڇي چمڙي وارا سڏجڻ لڳا. ٻيا اتر ۽ اڀرندي پاسي رهڻ لڳا جن کي پيلي چمڙي يا زرد نسل وارا ماڻهو سڏجڻ لڳا، يعني چيني جپاني وغيره. انهن مان ڪجهه سمنڊ پار ڪري آهستي آهستي وڃي آمريڪا نڪتا، جن جو اتان جي آبهوا جي ڪري رنگ هيڊو ۽ لال ٿيندو ويو جن کي ريڊ انڊين يا ريڊ آمريڪن سڏيو وڃي ٿو. دنيا ۾ پهريان ماڻهو ڪاري چمڙي وارا هُئا. سندن شخصيت ۾ جسماني فرق انهن جي آبهوا، کاڌن پيتن، ڌنڌن، فطرت ۽ ڪمن ڪارن جي ڪري چمڙيءَ جو فرق ٿيو.
ليکڪ ارتقا جي هن عَمل کي مُختلف نالا ڏنا آهي، جيئن پهريون دور: وحشي دور، هن دور ۾ انسان اڃا ايترو اسريل نه هو. مڇي مارڻ ۽ باهه جو استعمال هن دور ۾ ئي شروع ٿيو. ٻيو دور، وچون وحشي دور، باهه ٻارڻ سان گڏ هاڻي انسان وٽ تير ڪمان جهڙو هٿيار به اچي ويو. هن دور ۾ ئي انسان هڪ هنڌ کي ڇَڏي ڌرتيءَ تي مختلف هنڌن ڏانهن وڃي رهڻ لڳو. ٽيون دور، پويون وحشي دور، تيرڪمان کان ويندي انسان هاڻي ٺڪر جا ٿانو به ٺاهڻ شروع ڪري ورتا هُئا. چوٿون دور، پهريون ڄٽڪو دور، هيءَ دور ٺڪر جي ٿانون کي ٺاهڻ کان ويندي جانور پالڻ ۽ اناج پوکڻ تائين هليو. پنجون دور، وچون ڄٽڪو دور، هن دور ۾ انسان لوهه کي ڳاري لوهي اوزار ٺاهي ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڇهون دور، پويون ڄٽڪو دور، هي دور لوهه جي ايجادن کان ويندي الف ب جي ايجاد تائين هليو. هن دور ۾ لوهه جي مڪمل ايجاد، جانور پالڻ، پٿرن سان گهر ٺاهڻ ۽ پوک ڪرڻ شامل آهي. يونان جي مشهور شاعر هومر هن دور جا قصا چيا آهن ۽ سيزر پڻ. اڄ جي دور کي نئون تهذيبي دور سڏيو وڃي ٿو. جيڪو هن وقت به جاري آهي.
جن ڪمن کي اسان عَورت تي فرض سمجهون ٿا، اهي وحشي قبيلن ۾ موجود هُئا، جيڪي عورت کي هيڻو سمجهي ڪرائيندا هُئا، جيئن ڪپڙا ڌوئڻ، ٻار پالڻ، رڌ پچاءُ ڪرڻ، مرد سان ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ وغيره.
باب چوٿو: انسان جي فطرت ايتري قدر ڌرتيءَ تي موجود، جبل، نديون، ڪوئلو، يعني هر شيءِ اصل کان موجود ساڳي حالت ۾ ناهي جهڙي هن وقت آهي، هر شيءِ تبديليءَ واري مرحلي مان گُذرندي رهي آهي. مٿئين سطح جي سمورن جانورن ۾ تقريبن ساڳيون جبلتون معلوم ٿين ٿيون، اهي ٻچن سان پيار ڪرڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪن ٿا. جبلت ڪنهن خاص ڪم ڏانهن اسان جو لاڙو آهي، اسان جو ان ڪم کي ڪرڻ جو طريقو آهي، جبلت فطري ۽ عادت انسان جي چونڊ آهي.
هن باب ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪيئن، انسان مُختلف جبلتون ۽ عادتون اپنائيندو ۽ انهن کي ڇڏيندو آيو آهي. ماحول انسان کي پاڻ تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، يعني پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ حالتن پٽاندر روپ اختيار ڪرڻو پوي ٿو ۽ ايئن ئي انسان به هڪ جهنگلي جيو آهي. جيئن جيئن انسان وحشي جيوت مان گُذري، اسريل شڪل ۾ آيو آهي، ان مان ڊَپ حالتن مُطابق گهٽجندو ويو آهي. بقول ليکڪ جي ته اڃا تائين ڪافي جبلتون انسان ۾ وحشي جيوت واريون آهن، مڪمل طور تي اسان اڃا ترقي يافته ناهيون بڻيا.
ڪتاب مان اسان کي خبر پوي ٿي ته انسان ۾ وڙهڻ جي جبلت به فطري آهي. هر جانور پاڻ کان ڪمزور تي ڏاڍ ڏيکارڻ خاطر حملو ڪري ٿو. انسان ابد کان وٺي وڙهڻ ۾ اڳڀرو رهيو آهي، جنهن جا مثال عظيم جنگيون ۽ سرد جنگ ان کانسواءِ گهرو لڙاين جا مثال سامهون آهن.
شڪار جي جبلت اڄ جي انسان ۾ وحشي دور جي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل آهي. هُو فقط پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٻئي تي حملي آور ٿئي ٿو، يعني هن جديد دور ۾ به اُها وحشي جبلت اڄ جي انسان ۾ واضح آهي، جيڪو اڃا هڪ مُڪمل ترقي يافته ۽ اسريل انسان ناهي بنجي سگهيو. ماڻهن ۾ اها به هڪ فطري جبلت آهي ته اُهي پاڻ کان سواءِ ٻين سمورن انسانن کي حقير سمجهندا آهن.
باب پنجون: هن باب ۾ اسان کي اُهو معلوم ٿئي ٿو ته راند ڪرڻ هڪ قسم جي دشمن سان وڙهڻ جي مشق آهي. ان مشق ذريعي جانور پاڻ کي جنگجو بنائڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار ڪندا آهن. اسان کي ڪتاب جو مطالعو ڪندي اُهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته اسان ۾ نقل ڪرڻ جي جبلت پڻ موجود آهي، جيئن اسان ابن ڏاڏن جو دين، رهڻي، ثقافت جو نقل ڪندا آهيون. ايئن ئي ٻار وڏن جي پويان هلندا آهن، جيڪي هڪ قسم جي آڳاٽي جبلت آهي.
ڪم ڪرڻ کان لنوائڻ، سستي ۽ ڪاهلي اُها انسان ۾ وحشي يا آڳاٽي دور جي جبلت آهي. اڳ جا انسان ڪم چور ۽ پورهئي کي هڪ عذاب سمجهندا هُئا، هُو ڪم ڪرڻ مان راحت نه پر بک کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا هُئا. وحشي جبلتن واري انسان لاءِ سندس دُنيا ان جو قبيلو ئي هوندي هُئي. باقي ٻين کان چوري، ڏاڍ، جبر، قتل ۽ هر قسم جو ظُلم ان لاءِ جائز هو. بقول ليکڪ جي انهن ماڻهن جا ٻه خاص گُڻ هوندا هئا هڪ وفاداري ٻيو ڏاڍ يا طاقت ڏيکارڻ.
ڪتاب مان اسان کي ڪجهه خاص جبلتن جي باري ۾ پڻ پتو پوي ٿو جيئن لڄ ۽ حيا، صفائيءَ جي جبلت، ٿورو مڃڻ جي جبلت جنهن ۾ اڳ جا انسان ۽ اڄ تائين هڪ شيءِ ڏئي ٻئي جي اڳيان اميد رکي ويندي آهي. ٻار جو ماءُ سان لڳاءُ پڻ هڪ اوائلي جبلت آهي جيڪا هر جانور ۾ ملي ٿي.
انسان توڙي جانور جي اوائلي دور کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جيڪو به هن نظام ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ چونڊ جو عمل ٿيو آهي، ان ۾ ڪي جبلتون آهن ته ڪجهه عادتون، جن مان ڪافي شيون جانورن مان ختم ٿي ان جاءِ تي ٻين شين جاءِ ورتي آهي. اهو سمورو عمل دخل ماحول جو آهي. جنهن ۾ جانور پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهي ٿو ۽ پنهنجي هن نئين نسلن جو تحفظ ڪري ٿو. هي ڪتاب جانور جي ارتقا جي لحاظ کان هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، جنهن کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته حقيقت ۾ ماضيءَ سان اسان ڪيئن ۽ ڪيتري قدر ڳنڍيل رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button