ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جنيوا ڪانفرنس … ھي امداد ڪٿي خرچ ٿيندي؟

Editorial-Article- Irshad Leghari

ھيلوڪي ٻوڏ جا ھاڃا ڀوڳيندڙ عوام کي جڏھن اھا خبر پھتي آھي تھ سندن حڪمران ٻُڏلن جي نالي تي لڳ ڀڳ يارنھن ارب ڊالرن جي امداد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھن، تڏھن ڇا توھين سمجھو ٿا تھ ماڻھن جي اداس اکين ۾ ڪائي چمڪ آئي ھوندي؟ نھ ڪڏھن بھ نھ. ماڻھو اھو ئي اداس رھندا ۽ اھو ئي سوچيندا تھ ھيلوڪي امداد جو حشر بھ اھو ئي ساڳيو ٿيندو، جيڪو ھن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنھن بھ آفت کان پوءِ آيل امدادن جو ٿيو آھي. جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ ڪنھن بھ رياست جي وھنوار مٿان عوام پاران اھڙو عدم اعتماد ان رياست جي سڀ کان وڏي ناڪامي ھوندي آھي ۽ اھڙي رياست جو ڪوبھ آئيندو ناھي ھوندو. ڇو تھ جڏھن ڪنھن بھ رياست جو عوام اتان جي حڪمران طبقن مٿان ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏي تھ پوءِ اھڙي رياست کي ٻاھران نھ پر اندران ئي اندران کاٽ لڳڻ شروع ٿي ويندو آھي ۽ خيرن سان پاڻ اھڙي ئي ھڪ رياست جا رھواسي آھيون، جيڪا اڄڪلھه عوامي عدم اعتماد جو خطي ۾ سڀ کان گھڻو شڪار بڻيل آھي.
جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ جنيوا ۾ ٿيندڙ ان امدادي ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو ھڪ حد تائين ممڪن ازالو ڪرڻ لاءِ اھڙي امداد ملڻ جي اصل شاباس گڏيل قومن جي سيڪريٽري ڏانھن ئي وڃي ٿي پر ھاڻوڪا حڪمران ان امداد کي بھ پنھنجي ڪاميابي ئي قرار ڏيندا تھ جيئن عوام مٿن ڪو اعتماد ڪري سگھي پر اھو ڪيئن ممڪن آھي؟ ڀل جو کڻي شھباز حڪومت جي ھڪ ٻن وزيرن جا اھي بيان آيا آھن تھ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو امداد ڏيارڻ ۾ غيرمعمولي ڪردار رھيو پر ياد رکجو اھو فقط ھڪڙي ٻن ڏينھن جو ئي بيان بڻجي رھجي ويندو ۽ اڳيان ھتان جا ھاڻوڪا حڪمران ان امداد کي پنھنجي ئي ڪوشش ۽ حصي ۾ ڳڻائيندا. خير اھو وڃي ڌُوڙ پائين، جيڪو چوَن سو وڃي چوَن پر عوام لاءِ اھم سوال اھو آھي تھ امداد کڻي ڪير بھ وٺي آيو ھجي، پر اھا خرچ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيندي؟ اھو آھي اڳيان جو اھم ترين سوال جنھن تي سڀني کي نظر رکڻ گھرجي.
ھتان جي بدعنوان حڪمران طبقن ۽ سندن جوڙيوال آفيسرشاھي جو اھو رڪارڊ رھيو آھي تھ اھي معمول وارين محفوظ حالتن کان وڌيڪ آفتن جي ڏينھن ۾ خوش ٿيندا آھن. ڇو تھ آفتن جي ڏينھن ۾ کين ھِتان ھُتان جنھن امداد جو آسرو ھوندو آھي، تنھن امداد جا حصا پتيون ھو امداد ملڻ کان اول ئي خيالن ۾ ورھائڻ شروع ٿي ويندا آھن. پاڻ پاڪستان مٿان ايندڙ آفتن جي تاريخ مان اھڙا کوڙ سارا مثال ڳولي سگھون ٿا. ان ۾ سڀ کان وڏو مثال جنرل مشرف جي آمريت واري دور ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلي کان پوءِ ملندڙ تاريخ جي وڏي امداد ئي کڻي ڏسو تھ ان جا آخر تائين انگ اکر سامھون نھ اچي سگھيا تھ اھا اصل ۾ آئي ڪيتري ۽ خرچ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي؟ سو ھاڻ ھي جيڪا ٽن سالن جي عرصي ۾ ساھي ساھي سان امداد ملڻي آھي، تنھن بابت جيڪڏھن عوامي راءِ کي سھيڙجي تھ ماڻھو اھو ئي جواب ڏيندا تھ ھي امداد بھ ٻُڏلن لاءِ نھ پر حڪمرانن جي اڪائونٽن لاءِ آھي. اھا ڳالهھ رڳو پاڻ ايئن نھ پيا ڪريون پر ان جي ثابتي خود وزيراعظم شھباز شريف جو پنھنجو اھو بيان آھي تھ ھيلوڪي امداد ۾ ڪنھن بھ قسم جي گھوٻي جي امڪان کي روڪڻ لاءِ ٽين ڌر کان آڊٽ ڪرائي ويندي.
اھو ڇاھي؟ ان کي پاڻ سوَلي سنڌي ۾ چور جي ڏاڙھي ۾ ڪک سڏيندا آھيون. مثال طور جيڪڏھن ڪنھن ھڪ ننڍڙي ڳوٺ وستي ۾ کڻي ڏسون تھ ھڪڙا اھڙا امانتدار ۽ ايماندار ماڻھو ھوندا آھن، جن وٽ ماڻھو پنھنجون شيون ھڪ خاص مدي لاءِ جڏھن امانت ڪري رکندا آھن، تڏھن امانت رکڻ مھل کين مٿان ڪنھن کي بھ شاھد بيھارڻ جي ڪا ضرورت نھ پوندي آھي تھ اسان فلاڻي شئي فلاڻي ماڻھو وٽ رکون پيا. پر ساڳي ئي ڳوٺ ۾ ڪي وري اھڙا ڪُپتيا ۽ بي ايمان ماڻھو ھوندا آھن، جن سان رڳو ڪجھه سَوَن جي ڏيتي ليتي دوران بھ ڏھه شاھد سوچبا آھن تھ متان اڳيون ماڻھو ڏيتي ليتي ۾ ڌوڪو نھ ڪري. ان تناظر ۾ اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي اھڙي لاچاري آخر ڇو ٿي پوي جو اھي ٽين ڌر کان آڊٽ ڪرائڻ جي اڳواٽ ئي ڳالھه ڪري رھيا آھن؟ جڏھن تھ امداد اڃا پھتي ئي ناھي!؟ اھو ان ڪري جو ھي ھمراھه سموري جڳ جھان ۾ چور مشھور آھن. ھر سال دنيا ۾ ڪرپشن جا انگ اک ڏيندڙ عالمي تنظيمن جا رڪارڊ ئي کڻي کولي ڏسو، اسين خيرن سان سڀني کان اڳيان ئي اڳيان ملنداسين. الميو اھو تھ اھو بھ ڪو ھڪ سال جو مثال ناھي ھوندو بلڪ ھر سال جي ساڳي ڪھاڻي ھوندي آھي پوءِ حڪومت ڀل کڻي ڪنھن جي بھ ھجي، جمھوريت ھجي يا آمريت ان سان ڪوبھ فرق نٿو پوي.
سو بھرحال اھا تھ ٿي يقيني امڪان واري صورتحال جنھن جو پاڻ ھينئر کان عوامي اظھار ڪري رھيا آھيون پر ٿورو سوچيو تھ اھڙي صورتحال ۾ جڏھن پاڪستان معاشي طور مڪمل تباھه ٿي چڪو آھي، تنھن ۾ بھ جيڪڏھن ھتان جا حڪمران طبقا ۽ آفيسر شاھي نٿا سڌرن تھ پوءِ ڇا بچندو آخر؟ ۽ ڪير اچي آسمان مان لھي بچائيندو اھڙي ملڪ کي، جنھن ملڪ جا حڪمران پاڻ ملڪ جي پويان ھٿ ڌوئي پيل آھن. واضح ڪندا ھلون تھ بدعنوانين جا رڪارڊ رڳو نام نھاد جمھوري حڪومتن جي کاتي ۾ ناھن بلڪ ان ۾ ھتان جي اسٽبلشمينٽ توڙي عدليا بابت جيڪي عالمي ادارن جون چڪاسي خبرون اينديون رھيون آھن، تن خبرن موجب تھ اھي يار وري سياستدانن کان بھ اڳتي نڪريو ٿا وڃن. مثال کڻي وٺون تھ توھان کي اسٽبلشمينٽ توڙي عدليا جي اھم عھدن تان ريٽائر ٿيندڙ عملدار اڄ ڪٿي ملن ٿا؟ ڇا انھن مان اڪثريت ڏيساورن ۾ محل اڏي ناھي ويٺل؟ اھو سڀ ڪيئن ممڪن ٿيو؟ ڇا ايتريون ملڪيتون انھن پنھنجي پگھارن مان گڏ ڪيون ھونديون؟ جيڪڏھن انھن جا پگھار کڻي ڏسجن تھ ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪنھن ٻاھريئن امير ملڪ تھ ٺھيو پر انھن جو گذارو بھ اھڙي مھانگائي واري ملڪ اندر مڙئي اڇي لٽي ڪپڙي وارو ئي ممڪن ٿي پئي سگھيو. پر نھ سائين، اھي جڏھن رٽائر ٿين ٿا تھ انھن جا جھاز اڳي ئي تيار بيٺا ھوندا آھن ۽ ھو سڌو وڃي ڪنھن امير ملڪ ۾ خريد ڪيل پنھنجي ڪنھن ٻيٽ يا ڪنھن فارم ھائوس واري محل ۾ پڌاريندا آھن.
باقي بچن ٿا سياستدان سو اھي تھ اڳي ئي ڳنڍي ڇوڙ مشھور آھن، تن کان پڇاڻو دير سوير ٿورو گھڻو ڪوڙو ئي سھي ٿي بھ وڃي ٿو پر سائين “صاحبن” کان ڪير پڇي!؟
سو اھڙي ملڪ ۾ ھيلوڪي امداد متاثرن تي واقعي بھ ايمانداري سان خرچ ٿي پوي تھ سچ پڇو ھن ملڪ جو ڪو بِلو ٿي بھ سگھي ٿو. مُني صدي کان ماڻھن جو ٽُٽل اعتماد بحالي واري رستي ڏانھن موٽ کائي سگھي ٿو. پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا تھ عوام اھا قوت آھي، جيڪا جڏھن بھ چاھي ڪٿي بھ ڊٺل گھر ٻيھر اڏي سگھي ٿي. سو ھي ملڪ بھ ٻيھر اڏي سگھجي ٿو پر سوال وري بھ اھو ساڳيو آھي تھ ڇا ھن ملڪ کي ٻيھر اڏڻ ۾ ھتان جي اسٽبلشمينٽ توڙي عوام جي حمايت جا دعويدار سياسي اڳواڻ اھو سڀ چاھين بھ ٿا؟ اھا اسٽبلشمينٽ ۽ اھي سياستدان جن جا ٻار ڪيتريون ئي شھريتون رکن ٿا، جيڪي پڙھن بھ ٻاھر ٿا تھ رھن بھ ٻاھر ٿا. تن کي ھن ملڪ جي ٻڏڻ يا ترڻ جو ايترو لاچار ٿي سگھي ٿو جيڪو ھڪ پورھيت کي ھوندو؟ ان جو سَولي سنڌي ۾ جواب نھ ۾ ئي بيھي ٿو. تھ پوءِ پاڻ يارنھن اربن جي لڳ ڀڳ مرحليوار ايندڙ انھي امڪاني امداد جو بس خير ئي گھري سگھون ٿا ۽ دعا جا اھي ھٿ کڻي ٿا سگھون تھ شال ھن ملڪ جي ٻُڏل ماڻھن جي ڪا واھر ٿي سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button