هتي آتم ڪٿائن، جيون ڪٿائن ۾ والدين تي وڌ کان وڌ لکيو ويو آهي. والدين وري پنهنجي ڪٿائن ۾ اولاد توڙي دوستن ۽ دل جي رازن تي جي ڀري لکيو آهي. بابا سائين حڪيم محرم خان لغاري جنم به نومبر 1933 ۾ ورتو هو. جڏهن ته هو اسان کي الوداع به ساڳئي مهيني ۾ ڪري ويو آهي. هن جنم ۽ وڇوڙي جي عرصي کي پورا 89 سال مڪمل ٿيا آهن. بابا سائين ٻڌائيندو هو ته هي ڄم جي تاريخ ته سڃاڻپ ڪارڊ ۾ ايتري لکيل آهي پر آئون ورهاڱي وقت 16 کان 17 سال جو هئس. جڏهن مون بابا سائين کان پڇيو ته اوهان مونکي ورهاڱي جي وقت جون ڪي يادگيريون يا ڳالهيون ٻڌايو. بابا چيو ته اهي ڪي ڏهاڪا اڳ ۾ پڇيو ها ته ياد هيون هاڻ جسامت جي ڪمزوري سان ان ورهاڱي جون يادگيريون ڪجهه وڃي بچيون آهن. ان وقت بابا سائين اسان جي ڏاڏي امان جادو ۽ ڏاڏا بابا جان محمد لغاري ۽ سندس ڪٽنب گلاب لغاري جي ڀرسان سياسي حوالي سان پاڪستان ۾ مشهور ڳوٺ ماڻڪ لغاري ۾ گهر اڏي ويٺل هئا. ماڻڪ لغاري جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي داخلا واري رجسٽرڊ تي پهريون نالو به شاگرد طور بابا سائين جو داخل هو. منهنجي خيال ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت وقت هن اسڪول جو اهو رڪارڊ به ساڙيو ويو هو. بابا چيو ته ورهاڱي وقت هتي رهندڙ ماڻهن ۾ وڏي ڀاڄ پئجي وئي هئي. اهي اصل اجها ڇڏي هندوستان لڏپلاڻ ڪري وڃي رهيا هئا، ڄڻ ته اسان جي جيون کي به خالي ڪري وڃي رهيا هئا. ان ۾ موجود هڪ عورت کان امان 25 روپين ۾ ڳئون خريد ڪئي هئي. هڪ شخص ويندي کيس هڪ وٽورو (گلاس) ڏئي ويو هو. اهڙا قصا بابا سائين کوڙ ٻڌايا هئا. اتي بابا سائين درزڪو ڪم به ڪيو. بابا ٻڌائي ٿو ته اسان جو ڏاڏا جان محمد ۽ سندس ڪٽنب واڍڪي ڪم ۽ درزڪي ڪم جا وڏا ماهر ۽ ڄاڻو هئا. ڏاڏا جان محمد لغاري جي هٿ جا ٺاهيل ڪوٽ ته ان وقت جا سياستدان به شوق سان پائيندا هئا. پو بابا سائين ۽ اسان جو ڏاڏا وارا حيدرآباد لڏو کڻي ويا هئا. بابا ٻڌائيندو هو ته اسان حيدرآباد ۾ پورا 20 ورهيه گذاريا هئا. ان وقت هتي هڪ سبحان الله هوٽل هوندي هئي جتي هو به وڃي ويهندو هو. اتي سندس دوستي مشهور هاري اڳواڻ غلام حسين سومرو ۽ مشهور وڪيل نور الدين سرڪي سان ٿي. بابا سائين جو هڪ ڪيس نور دين سرڪي مفت ۾ وڙهيو هو. نور الدين سرڪي کي ڪير ٽنڊو غلام علي يا گلاب لغاري جو ٻڌائيندو هو ته پو بابا لا سلام موڪليندو هو. بابا سائين پوري ڄمار هڪ خودداري سان گذاري ۽ پنهنجي سچائي، سادگي جو ڀرم بلند رکيو. هن جا دوست جتي حڪيم ۽ طبيب هوندا هئا ته اتي عام غريب، پينو فقير، سوالي، پورهيت ۽ غير مسلم پورهيت سندس وڏا ساٿي هوندا هئا. هو ڪنهن غريب جي گرفتاري تي ٿاڻي تي به پهچي ويندو هو. پو اهي ٿاڻي جا صوبيدار به سندس دوست هوندا هئا. ڪراچي جو سينيئر صحافي سردار قريشي، مرحوم عثمان اجميري، مرحوم اقبال قريشي به سندس دوست هئا. جيڪي دواخاني تي به ايندا هئا.
بابا سائين جي ٽنڊو غلام علي واري دواخاني تان ڪو اڌ صدي تائين هزارين مريضن شفا ۽ صحتيبابي ماڻي هئي. پوري سنڌ سان گڏ ڪشمير مان به مريض ايندا هئا. بابا سائين وٽ هزارن جي تعداد ۾ ناياب نسخا هئا، جيڪي هن کي برزباني ياد به هئا. جڏهن ڪو حڪيم ٿيڻ جو خواهشمند هوندو هو ته بابا ان شخص کي نسخا ٻڌائي ڇڏيندو هو، چوندو هو پٽ هن نسخي تي وڃي محنت ڪر. نسخي کي خراب نه ڪجان، محنت نه ڪرين ته نسخي جي هٿ چراند به نه ڪجان. مونکي بابا سائين شروع ۾ ڪامريڊ سڏي مخاطب ٿيندو هو. پو سڏيندو هو راشد ميان. هڪ دفعي اسان ڪراچي وياسين ته اکين جي نور کان محروم ٿيڻ باوجود بابا ڪراچي جي ماضي بابت ائين ٻڌائي رهيو هو ڄڻ اسان هتي هن وقت ٿڌي ڪار ۾ نه پر بندر روڊ تي ڪنهن ٽام ۾ چڙهي گهمي رهيا هجون. بابا سائين مني صدي جي تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد هو. هن جتي ان وقت ۾ صاف سٿرا شهر ۽ اڇا اجرا ماڻهو ڏٺا هئا. بابا ٻڌايو پئي ته اهي شهر هاڻ ميرا ٿي دونهين سان ڀرجي ويا آهن. ماڻهو به ساڳيا نه رهيا آهن. 2014ع جي ڌاري مونسان ڪچهري ڪندي چيائين ڪي صحافي دوست هڪ هنڌ تي نه ويا هوندا. اتي راشد ميان ضرور وڃجان. اتي ورهاڱي کان پهرين جو وڏو تاريخي مدرسو آهي. جتي وڏي لائبريري آهي. اخبارن جي هڪ صدي جو رڪارڊ به اتي آهي. اهو مدرسو مسڻ وڏي ۾ مولوي اسماعيل لغاري جو آهي. جتي ضرور وڃجان. سائين اسماعيل لغاري مٿان ان وقت اتي جي وڏيرن 84 ايف آ آر به داخل ڪرايون هيون. اهي مدرسا ان وقت جون وڏيون انقلابي درسگاهون هيون، ادا مجيري جي وڇوڙي وقت سائين اسماعيل لغاري جو پٽ ادا رياض لغاري سان بابا سائين جام دل جون ڳالهيون ڪيون هيون. مسڻ وڏي ۾ بابا سائين گهڻو عرصو رهيو. اتي بابا کنڊ جو ڊپو به لڳايو هو. بابا سائين پوري ڄمار پورهيو ڪندي ئي زندگي گذاري هئي. بابا سائين حڪيم محرم خان لغاري جو طب جو دواخانو به ڄڻ دوستن جي اوطاق هوندي هئي. هن شفاءِ لاءِ آيل بيمارن ۽ لاچارن کان ڪڏهن به پئسا نه گهريا هئا. ڪو غريب مريض اچي ها چوي ها ته فلاڻي تڪليف آهي. ڪا دوا ڦڪي ڏيو، سندس وٽ پئسا ڪونه آهن، پوءِ اچي ڏئي ويندس. بابا دوا ڏئي چوي ها پئسا ناهن ته ڪو مسئلو ڪونهي، شفا ملي ۽ ٺيڪ ٿي وڃو پوءِ کڻي ڏئي وڃجو. هن جي دواخاني تان ڪير به خالي هٿن نه ويو هو. بابا سائين جي خودداري جو ڪير مقابلو نه ڪري سگهندو. سادگي ۽ صفائي جو اعلى نمونو هو. هو 90 ورهين جي ڄمار ۾ به روزانو ڪلين شيو رهندو هو. گذريل سال لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وقت به بابا پاڻ شيو ڪري صبح جو تيار ٿي ويهندو هو. بابا سائين جو دواخانو هڪ درسگاهه به هئي. سوين دوستن کي قيمتي ناياب نسخن سان نوازيائين. بابا سائين مونکي منهنجي ننڍپڻ جون کوڙ يادگيريون ٻڌايون هيون. جيڪي هڪ تڪليف جي ڪري نه لکي سگهيو آهيان. بابا جي زندگي ۽ سندس طب جي دنيا ته شاندار ڪٿا لکي سگهجي ٿي. ننڍپڻ ۾ ڳوٺ جي موري تي بيهي بابا جي اچڻ وقت بوندي مٺائي جو انتظار ڪرڻ ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو. بابا سائين اکين جي نور کان محروم هوندي به دواخاني تي مريضن کي ڏنل دوائون پاڻ لکندو هو. اهي به اردو ۾ لکندو هو. هن طبيه ڪاليج حيدرآباد مان سند وٺي حڪمت ڪئي هئي. بابا وٽ مزاح جي حس به لاجواب هوندي هئي. هر ڳالهه ۾ هڪ لطيفو، ڀوڳ ۽ ڪا مشهور چوڻي ضرور شامل هوندي هئي.
اڪثر تصويرن جو وڏو البم بابا سائين سان ئي گڏ نڪتل آهي. هتي ٽچ اسڪرين موبائل مارڪيٽ ۾ ايندي ئي بابا سائين جي اکين جو نور هليو ويو هو. انڪري بابا ڪا به تصوير مونسان گڏ ڏسي نه سگهيو هو، ڪي بورڊ وارو موبائل بابا سائين جي بهترين وندر هئي. هن جي ڪل ملڪيت به اها هئي، هن آخر ۾ اها موبائل ئي ورثي طور ڇڏي هئي. حياتي ۾ بابا کي سندس دوستن ۽ گهرڀاتين جو موبائل نمبر ياد هوندا هئا، جنهن وسيلي دوستن ۽ ساٿين سان ڪچهري ۾ مصروف هوندو هو. بابا سائين جو ٽنڊُو غلام علي ۾ ٽڪنڊي هوٽل وٽ پهرين دواخانو هوندو هو. اسان جي پرائمري جي تعليم تائين اهو دواخانو اتي ئي ڏٺو. جتي جي زندگي به ڇا زندگي هئي. اها سادگي به وري هن شهر ۾ نه ڏٺيسين، اتي بابا وٽ هڪ وڏو اڇو جبو ۽ پيرن ۾ ڇيرون ٻڌل فقير ويٺو هو. پو بابا ٻڌايو ته اهو سندس دوست لاڙڪاڻي جو رهواسي فقير شفيع محمد شاهه هو، جنهن جا قصا ۽ ڪرامتون ڇا ته بابا کي ياد هيون. حاجي سانون کان ايندڙ سائي رنگ جي صدري پاٿل عرس فقير به بابا جو پڳ مٽ يار هو. جنهن جا قصا به بابا سائين جام ٻڌايا. سائين نظر محمد شاهه به گهاٽو دوست هو، حڪيم جلال، جنهن کي ڪوچ ۾ دل جو دورو پيو هو. اهي هر وقت اسان جي دواخاني تي ڏٺا. لڪي ايراني سرڪس جو بنياد وجهندڙ بادشاهه به بابا سائين جو گهاٽو دوست هو، جنهن ڪراچي ۾ زهر کائي آپگهات ڪيو هو. بابا سائين مونکي دل جون جام ڳالهيون ٻڌايون هيون. چيائين راز جيستائين تو وٽ آهي ته اهو راز تنهنجو محتاج آهي. جڏهن ته راز کي فاش ڪيو پو راز جو تون محتاج ٿيندين. هڪ دفعي مون پڇيو بابا سائين اهي هٿ جي ٺاهيل نسخن جي دوا اثر ڪيئن ٿي ڪري، مثال ڏنائين ته ڀلا جڏهن چهري تي ڏاڙهي ڦٽي ٿي نظر نٿي اچي. وار وڏو ٿيڻ وقت ئي ڏاڙهي نظر ايندي آهي. انڪري دوا جو اثر به ائين ٿيندو آهي راشد ميان.