ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بھتر حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي جو سوال

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

اڳئين زماني ۾ جڏهن به پاڪستان يا سنڌ ۾ ڪا حڪومت ٺھندي ھئي ته ھرھڪ ڊپارٽمينٽ جي وزارت انھيءَ کاتي جي ڪم ڪار کان چڱي واقفيت رکندڙ ڄاڻو شخص کي ان ڊپارٽمينٽ جو وزير مقرر ڪيو ويندو هو. پاڻ ھتي مثال طور بينظير ڀٽو صاحبه جي 1988 ۾ ٺاھيل پھرين سرڪار جي جوڙجڪ جو احوال ڏينداسين. بينظير صاحبه تعليم جو وفاقي وزير چونڊڻ مھل سيد غلام مصطفي شاهه کي اوليت ڏني ڇاڪاڻ ته کيس ڄاڻ ھئي ته شاھه صاحب پنجاھه سالن تائين تعليمي ادارن کي سھڻي نموني ھلائڻ جو تجربو رکندڙ ھو ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر به رهي چڪو هو. قانون جي وزارت لاءِ وزير اعظم بينظير ڀٽو پشاور جي افتخار حسين گيلانيءَ جو انتخاب ڪيو جيڪو پاڻ اعليٰ درجي وارو قانوني ماهر ھو. پرڏيهي وزارت صاحبزادہ يعقوب کي ڏنائين جنهن کي پرڏيهي مامرن جي شاندار ڄاڻ ۽ ڊگھو تجربو ھوندو ھو. صحت کاتي جو صلاحڪار ڊاڪٽر نصير احمد شيخ کي مقرر ڪيائين جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو ذاتي سرجن ۽ گھاٽو سنگتي ھو. ساڳي ريت بئريسٽر اعتزاز احسن کي وفاقي وزير داخلا بڻائي ڇڏيائين جنهن 1988 واري اليڪشن ۾ گجرات مان چوڌري شجاعت حسين کي ٺاھوڪي شڪست ڏني ھئي ۽ پاڻ وڏو قانوندان به ھو.
ھاڻوڪي دور ۾ وزيرن ۽ مشيرن جي قابليت ۽ اھليت جا ماپا ڏسڻا ھجن ته رڳو سنڌ جي آبپاشي کاتي جو مثال ئي ڪافي آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جنھن صوبي جي ستر سيڪڙو آبادي جو گذر سفر زراعت تي آهي ان جي آبپاشي سرشتي جي نگرانيءَ لاءِ وزارتون ڪيئن سوکڙيءَ طور ڏنيون ويون آهن. سال 2010 واري مھاٻوڏ ۽ 2011 جي وڏڦڙن وسڪارن جڏهن سنڌ کي ٻوڙي تباھه ڪيو ته ان وقت ڌاريجن جو سردار سيف الله ڌاريجو آبپاشي کاتي جو وزير ھو. 2011 ۾ ان کي ھٽائڻ کان پوءِ چئن سالن تائين ڪنهن به پيپلزپارٽي جي ليڊر کي ھي کاتو نه ڏنو ويو ۽ بنا ڪنهن وزير جي ھيڏو شاھي اريگيشن ڊپارٽمينٽ تڳندو رهيو. ان زماني ۾ اھا ڳالھه مشهور ھئي ته قومي اسيمبلي جي ھڪ خاتون ميمبرياڻي آبپاشي کاتي جي گھوسٽ منسٽر آهي. ان کان پوءِ ڪجھ مھينن لا نثار کهڙو، سال کن واسطي سھيل انور سيال ۽ ھاڻي ڄام خان شورو ھن ڊپارٽمينٽ جو نالي ماتر وزير آهي پر اصل پاور ٺٽي ضلعي جي ھڪ ايم پي اي وٽ آهي جنهن وٽ نه سول انجينئرنگ جي ڊگري آهي ۽ نه ئي نھري نظام بابت ڪا ڄاڻ تنھن ڪري ھن لاوارث کاتي گذريل جون مھيني کان شروع ٿيل سانوڻ مند جي وسڪارن ۾ اڌ کان وڌيڪ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو. پنج مھينا لنگھي وڃڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي اتر سنڌ جي سوين ڳوٺن مان اڃا تائين ڪڍي نه سگهيا آهن.
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گتريس ٻوڏ جي تباهيءَ کي اکين سان ڏسڻ خاطر پاڻ ڪھي آيو پاڪستان ۾ ۽ سنڌ ۾ ٿيل برباديءَ کي ڏسي سڄي دنيا جي ملڪن کي ھتان ئي زوردار نموني عرض ڪيائين ته ھڪدم وڌ کان وڌ امداد اماڻيو ڇاڪاڻ ته ھي بربادي سڌريل ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ تيل، ڊيزل ۽ ڪوئلي کي ٻارڻ سبب پيدا ٿيل موسمياتي تبديليءَ جو نتيجو آهي جنهن لاءِ پاڪستان جا تباھه ٿيل رھواسي ھرگز جوابدار نه آهن. اصل جوابدار اھي وڏا وڏا ملڪ آهن جيڪي ڪاربان مونو آڪسائيڊ خارج ڪري موسمي تباھي ڪندا رهيا آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل ٻڌڻ شرط ھاليوڊ جي نامياري اداڪارہ اينجلينا جولي به پاڪستان پهچي ويئي. بي گھر ٿي ويل سنڌياڻين کي اينجلينا جوھي ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي ٻڏل شهرن ۾ وڃي ڀاڪر پائي کين آٿت ڏيندي رھي ته ھي ڏکيو وقت به گذري ويندو، اوھان ڳڻتي نه ڪريو. مظلوم ۽ دربدر ٿيل لکين ماڻهن کي اھڙي آٿت ڏيڻ لاءِ اسان جا پنھنجا حڪمران رڳو انھيءَ ڊپ وچان نه آيا ته خدا جي خلق کين تباهيءَ جو ذميوار سمجهي ٿي. حقيقت به اها ئي آهي. 2010 ۽ 2011 ۾ جيڪا بي مثال تباھي ٿي ان جي نقصانن جو ازالو ڪرڻ لاءِ دنيا جي ملڪن جيڪا تمام گهڻي امداد ڏني ھئي ان کي پاڻيءَ جا بند پيل لنگھه ۽ قدرتي وھڪرا کولڻ ۽ صاف ڪرڻ بدران امداد طور مليل رقم کنڀ ھڻي اڏامي ويئي. ان وقت جڏهن سيف الله ڌاريجي کي آبپاشي کاتي جي وزارت تان ھٽايو ويو ته سندس جاءِ تي ٻيو ڪو وزير چئن سالن تائين ڇو نه مقرر ڪيائون؟ اھوئي ته بلين ڊالر جو سوال آهي جنهن جو ڏھن سالن ۾ ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهيا آهن سنڌ جا اصل حڪمران!
جيڪڏهن ڏھه سال اڳ مليل امداد ۽ قرض طور مليل لکين ڊالر ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي، پراڻ ڍوري ۽ ٻين انيڪ ڇنڊڻن، واھن، شاخن، ڪئنالن ۽ واٽر ڪورسن جي صفائي ۽ کاٽي ڪرائڻ تي ايمانداريءَ سان خرچ ڪجن ھا ته ھيلوڪي سانوڻ ۾ ايڏي وڏي تباھي ھرگز نه ٿئي ها. ھلو ان پراڻي واردات کي پاسيرو رکي اسان اھو سوال اٿاريون ٿا ته جولائي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر تائين دنيا مان جيڪي کاڌي پيتي جون شيون ۽ اجھو ٺاھڻ لاءِ شاندار ٽينٽ مليا سي اڄ تائين حڪمران پارٽيءَ جي وڏيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي گودامن ۾ ڇو لڪائي رکيا ويا آهن؟ چون ٿا ته 15 جنوري تي رٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ ڪتب آڻينداسين!!!
ھي ھزارين مسڪين بي گهر ٿيل ماڻهو تيسين ڀلي پيا سي ۾ سڙن ۽ مرن؟ سوشل ميڊيا جي سمورن چئنلز تي مون سان بدين ضلعي کان وٺي شهدادڪوٽ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جا پڙھيل لکيل جوان ھر وقت رابطي ۾ رهندا آهن. سڀني جي راءِ آهي ته کين سگھارن سرڪاري ميمبرن ھٿ سان ٻوڙائي پنهنجين ٻنين ۽ ڳوٺن کي بچائي ورتو آهي. پاڻي جي زوردار وھڪرن کي ھٿرادو ڪٽ ھڻائي غريب ۽ بي پھچ خلق کي ٻوڙيو اٿن. اھا حقيقت گذريل سال پاڪستان جي دوري تي آيل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گتريس به رومال ۾ ويڙهي چئي ھئي. پوءِ به کيس شاباس هجي جو دنيا جي مالدار ملڪن ۽ قرض ڏيندڙ عالمي ادارن جي گڏجاڻي ڪرائي پاڪستان لاءِ ڏھه ارب ڊالرن جو انتظام ڪري ڏيکاريو اٿس. سندس ڪوشش ۽ سچائيءَ کي اربع تي پنھنجي پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شھباز شريف گھڻو ساراهيو ۽ گتريس جا ٿورا مڃيائين. ھن عالمي گڏجاڻيءَ ۾ سڀ کان گھڻو زور رڳو ھڪڙي ڳالهه تي ڏنو ويو ته پاڪستان ۾ صاف شفاف نموني امداد نه ٿي ورھائجي. اھو ئي ڪارڻ آهي ته امداد ڏيڻ جو اعلان ڪندڙ ملڪن ۽ مالياتي ادارن اھا ڳالهھ ورجائي ته سندن رقمون جن منصوبن تي خرچ ڪندا تن جي نگراني (مانيٽرنگ) اسان پاڻ ڪنداسون.
ڪن ملڪن ته جنيوا ڪانفرنس ۾ اهو اعلان به ڪري ڇڏيو آھي ته ھُو پنھنجي امدادي رقم پاڪستان حڪومت بدران اين جي اوز وسيلي خرچ ڪندا. امداد ۽ قرض طور ملندڙ اھا رقم ساڍا اٺ ارب ڊالر ٿيندي جنهن کي ٽن سالن جي عرصي ۾ ادا ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي حڪمرانن کي چيو اٿن ته اوهان ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي بحالي جا منصوبا ٺاهي آسان کي ڏيو، گھرن جي اڏاوت کان علاوہ ٽٽي پيل رستن، پلن توڙي انفراسٽرڪچر کي ٻيھر ٺاھڻ ۾ مرحلي وار رقمون ڏيندا رهنداسين. اھو سمجھڻ غلط آھي ته ھُي ساڍا اٺ ارب ڊالر ھڪ ئي وقت پاڪستان سرڪار کي ملي ويندا ۽ اسان جو ملڪ معاشي ڏيوالپڻي کان بچي سگهندو. ايترو ضرور آهي ته سعودي عرب ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ مان ملندڙ رقم منجهان ملڪ کي ڪجھه رليف ملي ويندو. پاڪستان جو ھن مھل سڀ کان وڏو مونجهارو آهي ايندڙ مهيني جون تائين 26 ارب ڊالرن جا قرض ۽ وياج ادا ڪرڻ جنهن ۾ ڪجھه وقت لاءِ مھلت ملڻ جا آثار پيدا ٿي ويا آهن. پوءِ به مارچ تائين 6 ارب ڊالر ته ڏيڻا ئي پوندا.
اھڙي ڏکوئيندڙ معاشي بدحالي واري صورتحال ۾ جڏھن ملڪ اندر ذخيرو ڪندڙ بدمعاش ٽولن معصوم ٻچڙن کي اٽي کان به محروم ڪري ڇڏيو آھي ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ھتي حڪومت نالي ڪنھن شئي جو وجود آهي؟ حڪومت جو ھجڻ تڏهن محسوس ٿئي ٿو جڏهن قانون جي حاڪميت ھجي. جتي اڻپڙهيل ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ وزيرن جي لانڍ ھجي جيڪي ڪروڙين ماڻهن کي اٽي جي اگھه بابت روز نئون ڪوڙ ٻَڌائيندا رھن، ان جي نتيجي ۾ سواءِ مايوسيءَ جي ٻيو ڇا ٿيندو؟ خوراڪ کاتي جي وزير مڪيش ڪمار چاولا پھرين 65 روپيا في ڪلو جو اعلان ڪيو. ھڪ ھفتي اندر اگھه وڌائي 95 روپيا ڪري ڇڏيائين پر ان قيمت تي به اٽو نه پيو ملي. اڄ اٽو 160 روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي. ذخيرو ڪندڙ حرامخور غريب عوام کي بکون مارين پيا پر سرڪار جي طرفان اھڙن موذين کي کليل ڇوٽ ڏنل آهي. کين ڪابه جھل پل ناھي. تڏهن ته مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته وزيرن ۽ مشيرن جي چونڊ ڪرڻ مھل ميرٽ تي ڌيان ڏيڻ بدران رڳو ڀوتار ڀرتي ڪيا ويندا آهن. ڪٿي به ڪو چيڪ اينڊ بيلنس ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. اھڙي لاقانونيت ظاھر آھي ته بدترين حڪمرانيءَ کي ئي جنم ڏيندي آهي جنهن جو شڪار ٿيل مسڪين ماڻهو پنهنجن بکايل ٻارن جون آھون ۽ دانھون ٻڌي ٻڌي نيٺ خودڪشي ڪرڻ تي ٿيو پون. ھينئر ٽيليويزن جي خبرن ۾ ڏٺو اٿم ته ٽنڊو الهيار جو هڪڙو شخص ھوڪا ڏئي پيو ته پنهنجو گردو وڪڻي ٻچڙن لاءِ اٽو وٺڻ چاهيان ٿو. خبر ناهي ته بدترين حڪمرانيءَ جي ھي بلا عوام جي مٿي تان ڪڏهن ٽرندي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button