ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ سستي اٽي جي فراهمي يقيني بڻايو

Editorial

سنڌ حڪومت پاران اٽي جو نئون اگهه مقرر ڪرڻ باوجود اٽي جا اگهه گهٽجي نه سگهيا آهن. سڄي سنڌ ۾ اٽي جي وڌيل اگهن عوام جي مصيبتن ۾ واڌ آڻي ڇڏي آهي. اٽي جا اگهه وڌڻ ۽ مهانگائي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجندي پئي وڃي. لاڙڪاڻي ۾ اٽي جي کوٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته “سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، سنڌي ماڻهو اٽي لاءِ قطارن ۾ بيٺو آهي ۽ حڪومت هٿ سان کوٽ پيدا ڪري عوام کان ماني ڳڀو به کسڻ چاهي ٿي، هٿرادو ٻوڏ جي ڪري اڳ ئي سنڌي قوم دربدر ۽ پريشان آهي پر حڪمران ننڊ ۾ ستل آهن، جيڪڏهن جلد ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ هٿرادو اٽي جي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته حڪمرانن جي گهرن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.” نوابشاهه ۾ اٽو 150 روپيا وڪرو ڪرڻ خلاف مردن ۽ عورتن پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. چڪ ويجهو محمد آباغ شهر ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين اٽو سستو ڪيو جا نعرا هنيا. هنن چوڻ هو ته “سنڌ حڪومت هٿرادو مهانگائي ڪري عوام کي سخت تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي، غريب عوام اٽو ۽ چانور کائڻ لا پريشان ٿي ويو آهي.” ڪوٽ غلام محمد ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ اگهه چوٽ چڙهڻ خلاف شهرين نواب هائوس کان پريس ڪلب تائين پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي. جيڪب آباد ۾ اٽو اڻلڀ ٿيڻ ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ خلاف مزدور شهري اتحاد جي سڏ تي مزدور روڊن تي نڪري آيا. احتجاجي جلوس ڪڍيو. ان موقعي تي مزدور اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته “وڌندڙ مھانگائي عوام جو چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، مھانگائي سبب سڀ کان وڌيڪ مزدور طبقو متاثر ٿيو آهي. مزدور هڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي.” حيدرآباد ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص، خيرپور، شاهپور جهانيان ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ سخت احتجاج ڪيو ويو.
ٻئي طرف وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته “صوبا ڪڻڪ جي وقت سر روانگي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر ۽ پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن سان ڪڻڪ فلور ملز تائين وقت سر پهچائي وڃي. ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز نفعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين. لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف سخت قدم کڻن. حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سزا ڏي.” جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ عام واهپي جي شين جا وڌندڙ اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ دڪانن، اسٽالن ۽ بازارن ۾ پرائس لسٽون لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته جاري ڪيل هدايتن جو مقصد دڪاندارن کي پريشان ڪرڻ نه پر اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل ضلعي ۾ اگهن جي نگراني ڪن ۽ پرائس ڪنٽرول لاءِ خاص فورس قائم ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز ڊپارٽمينٽ کي مڪمل طور فعال رکيو وڃي، طئي ٿيل ايس او پيز موجب شين جي اگهن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي. ترجمان موجب وڏي وزير اڄ پاڻ به سبزين ۽ ميون جي فهرست جو جائزو ورتو.
وزيراعظم کي جيڪڏهن سنڌ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو ٿورو به احساس هجي ها ته ايئن “اطمنان” جو اظهار نه ڪري ها. ٻئي طرف سنڌ جو وڏو وزير هدايتون ته جاري ڪري ٿو پر انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ اسان جو حڪمرانن کان مطالبو آهي ته سستي اٽي جي ستت فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. جيڪو به ذخيرا اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملث آهي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته عوام کي سستو اٽو ملي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button