ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ناظم جوکيو ڪيس: رياست ۽ سماج کان سوال

Editorial- Article- Mumtaz Mangi

شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ٻئي مرحلي ۾ داخلي ٿيندي خاندان جي پاران عدالت ۾ صلح نامو داخل ڪرايو ويو جنهن موجب ڄام اويس، احمد شورو ، معراج جوکيو، جمال واحد، حاجي اسحاق عطا محمد سميت ٻارنهن ملزمن کي آزاد ڪيو ويو آهي. صلح نامو شهيد ناظم جي ڀاءُ افضل، امڙ جمعيت جوکيو ۽ بيواھه شيرين جوکيو ملير جي عدالت ۾ جمع ڪرايو باقي ڪيس رڳو پنجن جوابدارن تي هلندو جن مٿان اغوا ۽ قتل جو الزام آهي. ناظم جوکيو قتل ڪيس سنڌ جي تاريخ ۾ يا هن خطي جي تاريخ ۾ اهڙو هاءِ پروفائل ڪيس ٿيو جو ناظم معصوم پکين جي شڪار خلاف احتجاج ڪندي سردارن جي غير ملڪي دوست شڪارين کي روڪندي احتجاج ڪيو هو، جنهن تي غصو کائيندي ڄام سردارن پنهنجي رٽ کي چيلينج ڪرڻ سمجھو، هن کي اغوا ڪرايو ۽ کيس قتل ڪرايو.
هي سنڌ جو ڪو پهريون ۽ واحد ڪيس نه هيو جيڪو سردارن ۽ نام نهاد بااثرن جي حڪم ۽ اشارن تي ٿيو. سنڌ هر روز اهڙن عذابن مان گذري پئي 80 سيڪڙو قتل ۽ ملڪيتن تي قبضا انهن بااثر ڀوتارن، سردارن ۽ پيرن جي اشارن تي ۽ حڪمن تي ٿين پيا پر هن ڪيس جو ري ايڪشن سنڌ سان گڏوگڏ پوري دنيا ۾ (دنيا ۾ جيتري سطح تي ٿيو پر ٿيو) ۽ ناظم کي جهنگلي جيوت جي بچاءُ جو خاص ڪري هن خطي ۾ پهريون شهيد چيو ويو. ناظم جو الميو يعني ان جي خاندان جي غربت ۽ پسماندگي اهائي هئي جو هو لکن ڪروڙن مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۾ شامل رهندي ائين ئي اڪيلو هيو، جيئن هتي غريب خاندان ۽ فرد اڪيلا آهن. انهيءَ ڪري ناظم جي کيس جي پهريان آيف آئي آر بااثرن جي خلاف نه ٿي ڪاٽي وئي، بي پناھه احتجاجن سوشل ميڊيا جي ڪروڌ ۽ هڪ وڏي ڌرڻي کان پوءِ سنڌ حڪومت مجبور ٿي، ڌرڻي واري جاءِ تي آئي جو وزير اعليٰ سان گڏ هن جا وزير به هئا، جنهن کان پوءِ ڪيس داخل ٿيو.
سنڌ حڪومت جي وزير اعليٰ پنهنجي ٽيم سان هي اعلان ڪيو هو ته “ناظم مظلوم ۽ سنڌ جو شهيد آهي هن جي قتل ۾ ملوث ڪنهن به بااثر کي نه بخشيو ويندو ڪيس جي پيروي خود سنڌ حڪومت پاڻ ڪندي…” پر ڪيس داخل ٿيڻ ۾ سنڌ حڪومت شامل نه ٿي ۽ نه وري ڪا به سياسي پارٽي يا ڪنهن فرد پنهنجي شموليت ڏيکاري ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ جي حامي ڀري. اعلان ته هزارين ٿيا پر عمل جو ميدان خالي رهيو ۽ سفر خاندان کي ئي ڪرڻو پيو. پاڻ تن ڏينهن ۾ ئي چيو هو ته شهيد ناظم جو خون وقت گذرڻ سان بااثرن جي زور بار پوڻ کان پوءِ وري مصحلتن جو شڪار ٿيندو ائين جيئن سنڌ جي اندر هر روز نام نهاد بااثر فيصلا يا جرڳا ڪري هڪڙا خون، خون بها ۾ لوڙهن ٿا وري ٻيا خون جي عيوض خون پاڙجن ٿا وري ائين ٿيو جو روايتي جملن ۾ خون بخشش جو دليل ڏيندي ناظم جي خاندان بااثرن کي خون معاف ڪري ڇڏيو آهي.
فيصلي اچڻ کان پوءِ سنڌ جو سماج هن وقت تائين ته خاموش آهي سڀاڻي ڪيتري پهل ڪندو مايوسي ۾ هڪ اميد ته رکي سگھجي ٿي پر ان اميد تي مايوسي ڀاري آهي. ليڪن سوال ته پوري معاشري کان ئي ٿيندو ۽ اهو سوال سنڌ جي تاريخ جو حصو به رهندو ته معاشري شهيد ناظم قتل ڪيس ۾ پنهنجو ڪردار ڪهڙو ادا ڪيو؟ جڏهن اسين معاشري يا سماج جو ذڪر ٿا ڪريون ته عمومي طور تي ته پورو معاشرو شامل تصور ٿيندو پر خاص طور تي معاشري جي انهن متحرڪ باشعور سياسي فردن تنظيمن سان تعلق ٿو رکي جيڪي معاشري جي بهتري ڀلائي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا يا ڪردار ادا ڪرڻ پنهنجو پاڻ کي پابند سمجھن ٿا. جڏهن معاشري تي تنقيد ٿئي ٿي ته هي سمجھڻ گھرجي ته اها تنقيد انهن ئي گروهن ۽ فردن تي ٿئي ٿي جيڪي ڪردار نڀائڻ جا پابند آهن ۽ ڪردار ادا نٿا ڪن اصولي طور تي اهو ڪردار يعني فرد ۽ خاندان جي تحفظ جو ڪردار رياست جي ذميواري آهي ۽ اخلاقي طور، قانوني طور وقت جي هر حڪومت ان ڪردار کي نڀائڻ جي پابند هجي ٿي پر جڏهن حڪومت مخصوص گروهن ۽ فردن يا خاندانن جي مفادن جي نگھبان هجي يا پابند هجي تڏهن پوري رياست جا تمام ادارا جيڪي حڪومت جي ماتحتي ۾ نٿا اچن جيئن خاص ڪري عدالتون ته اهي ادارا پنهنجو قانوني ۽ آئيني فرض ادا ڪندي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جي خلاف انصاف ڏيارڻ ۾ پابند هجن ٿا، ليڪن هتي معاملو ائين ئي مختلف آهي جيئن سياسي پارٽيون دعويٰ ته عوام جون ٿيون ڪن پر عملي ڪردار ۾ هو خاندانن ۽ گروهن جي مفادن جون نگهبان آهن.
ناظم جوکيو خاندان جو ته فرد هيو ئي پر هو رياست جو به فرد هو ڀلي خاندان خون معاف ڪري (حقيقي ۽ پس پردا ڪهڙا به سبب هجن) پر رياست اهو خون معاف ڪرڻ ۾ خاندان جي فيصلي سان ڪنهن به صورت ۾ پابند ناهي. قديم سماجن ۾ جڏهن اڃان رياست جو وجود نه هو تڏهن خاندان فردن جو وارث هو ۽ پوءِ قبيلو انهيءَ جي وارثي ڪندو هو جھيڙن قتلن ۽ دشمنين ۾ جڏهن هڪ فرد جو خون جو مسئلو قبيلائي جرڳن ۾ ايندو هو، تڏهن بخشڻ يا خون بها وٺڻ جو قانوني حق ان وقت خاندان کي ڏنو ويو هو، تنهن ڪري ان دور ۾ قصاص ۽ ديت جي اصولن کي برقرار رکيو پر وقت گذرڻ سان جڏهن رياست جو وجود اچي ويو جرڳا ختم ٿي عدالتون قائم ٿيون رياست قبيلن تي ڀاري ٿي تڏهن قبيلي جا قانون ۽ روايتون رياست جي قانون جي اڳيان ڪمزور ٿي ويا نه رڳو ڪمزور ٿي ويا پر انهن کي ختم ڪيو ويو. مثال قبيلي جي مشترڪا ملڪيت جيڪا روايتي طور تي هئي انهيءَ تي مالڪي جو حق قبيلي ۽ سردار جو هو پر رياست جي قانون اچڻ کان پوءِ قبيلي جي ملڪيت جو اهو حق برقرار رکڻ جو حق هاڻي رياست کي منتقل ٿي ويو ۽ ائين ڪيترائي قانون جڙيا.
خاندان جي مدد ڪرڻ هن وقت رياست جي ذميواري آهي اها مدد رڳو انصاف جي صورت ۾ نه پر جڏهن ڪو خاندان بي سهارا ۽ مظلوم ٿي ٿو وڃي ته انهيءَ کي ڪمپنسيشن ڏئي ان جي معاشي مدد جو سهارو رياست جو بڻجن ضروري آهي ۽ ڪمزور فرد جي سهاري، تحفظ ۽ طاقت جو بنياد جيستائين رياست نه ٿيندي تيستائين مظلوم فرد ۽ خاندان پنهنجو پاڻ کي نه محفوظ سمجهندو نه وري طاقتور جي خلاف ثابت قدم ٿي بيهي سگھندو اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته شاھزيب قتل ڪيس ۾ شاھه رخ جتوئي کي شاھزيب جي خاندان معاف ڪيو هو پر سول سوسائٽي جي احتجاج ڪورٽ کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري اهڙي طرح ناظم جوکيو ڪيس جنهن کي ٽيڪنيڪل طرح ڪمزور ڪندي ٻارنهن کي ڇڏي پنجن کي ڪيس ۾ رکيو ويو آهي يعني نانگ نڪري وڃي ۽ پيٽي تي مار پئي اهو ڪيس جوابدارن کي سزا ڪيتري ڏيندو انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي ۽ اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته هر مظلوم خاندان ۾ مائي جندو جهڙا ڪردار ناهن هوندا، جنهن ٽنڊي بهاول سانحي ۾ پنهنجي مظلوم قتل ٿيل خاندان جي قتل ٿيڻ جي خلاف جرئت عظمت جي نئين تاريخ لکي ۽ هڪ قاتل ميجر کي تخت دار تائين پهچايو. ناظم جو خون ان جو خاندان بااثرن کي ڀلي معاف ڪري پر سنڌ جو سماج ان کي نه ڪڏهن معاف ڪندو ۽ نه ڪڏهن معاف ڪرڻ گھرجي ۽ اسان سنڌ جي سماج کي تاريخ ۾ اهوئي جواب ڏيڻو آهي ته جڏهن رياست پنهنجو ڪردار ادا نه پئي ڪري اقتداري سياست بااثرن جي ترجمان هئي ته سنڌ جي سماج هن عظيم سورمي ۽ شهيد سان پنهنجو نڀاءُ ڪيترو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button