اها ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي وئي ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ جتي 16 ضلعن مان اڪثريت ۾ پيپلز پارٽي کٽي وئي، پر ڪراچي جتي ست ضلعا آهن، اتي روايتي طور تي چار کان پنج ٽائون رهيا آهن، اتي سنڌ جي حڪمران پارٽي ڪامياب ٿيندي رهي آهي. هن ڀيري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بائيڪاٽ جي اعلان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ِ فائدو ته جماعت اسلامي کي ٿيو آهي. ٻئي نمبر تي تحريڪ انصاف جا ڪجهه اميدوار کٽڻ جي پوزيشن آيا، ان جي باوجود ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو اچي، ان جا امڪان گهڻا گهٽ آهن. ڇاڪاڻ ته شهر جي ٽن کان چئن ضلعن ۾ پ پ کي سرسي آهي، جيڪڏهن اتي جماعت اسلامي يا پي ٽي آءِ جا ڪجهه اميدوار ڪامياب ٿين ٿا ۽ اڪثريت پ پ جا اميدوار سامهون اچن ٿا ته باقي جوڙ توڙ ڪري پيپلز پارٽي ميئر لاءِ پنهنجو اميدوار ڪامياب ڪرائي سگهي ٿي. حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ وري فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ٿيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حيدرآباد ۾ پ پ کي ئي ڪاميابي ملي ويندي. ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلامي جيڪڏهن پي ٽي آءِ سان اتحاد به ڪيو، تڏهن اها اهڙي پوزيشن ۾ نه هوندي جو ميئر جو اميدوار ڪامياب ڪرائي، پر ميئر جي حوالي سان ٽئي پارٽيون پ پ، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ اميدوار بيهارينديون. جنهن سان پ پ کي فائدو ٿيندو. پ پ جي اتحادي متحده ٿي سگهي پئي، باقي جيڪي پارٽيون رهجي ويون، انهن ۾ اي اين پي، (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ شامل آهن. لياري جهڙا علائقا جتان 2018ع جي چونڊن ۾ ايم اين اي پي ٽي آءِ، ٻه ايم پي ايز هڪ جماعت اسلامي ۽ ٻيو لبيڪ جو چونڊيو ويو، اتي انهن جي اميدوارن جي شڪست سان ثابت ٿيندو ته عام چونڊون صاف ۽ شفاف نه ٿيون هيون.
ايم ڪيو ايم پاڪستان، جنهن رات جو دير سان فيصلو ڪيو ته اها تڪبنديون درست نه ٿيڻ تي چونڊن ۾ حصو نه وٺندي، ان ڪري بائيڪاٽ ڪيو ويو. ان جو اثر به گاڏڙ ساڏڙ نظر آيو. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جيڪي تصويرون ۽ فوٽيجز ظاهر ڪيا، انهن مان واضح ٿئي ٿو ته ماڻهن مڪاني چونڊ ۾ دلچسپي نه ورتي. پر هي به حقيقت آهي ته ڪراچيءَ جا اهي علائقا، جيڪي ماضي ۾ متحده جا سمجهيا ويندا هئا، اتي به پولنگ اسٽيشنز تي ووٽرز جي رش رهي، اتان ڪاميابي جماعت اسلامي کي ٿي. ان جا ٻه مثال ناظم آباد ۽ لياقت آباد آهن، هي متحده جا ڳڙهه هئا. ان مان اها ڳالهه به ثابت ٿي ته هنن علائقن ۾ متحده پاڪستان جو اثر ناهي، پر ايم ڪيو ايم جي بانيءَ جو آهي.
سنڌ جي ٻن ڊويزن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سورهن ضلعن ۾ مڪاني چونڊ جو ٻيو ۽ آخري مرحلو پورو ٿي ويو. ڪراچيءَ جا ست ضلعا ايسٽ، ويسٽ، سائوٿ، سينٽرل، ڪورنگي، ڪياماڙي ۽ ملير شامل آهن. جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ۾ مڪاني چونڊ ٿي.
ڪراچيءَ جا ست ضلعا، 25 ٽائون ڪميٽيز ۽ 246 يوسيز ۾ ورهايل آهن، هر يونين ڪميٽي 4 وارڊز ۾ تبديل ڪئي وئي، هر يوسي مان 6 نمائندا چونڊيا ويا. هر يونين ڪائونسل ۾ پنج مخصوص سيٽن، جن ۾ ٻه عورتون، هڪ مزدور ۽ هڪ اقليت ۽ هڪ نوجوان جي سيٽ شامل آهي.
هر يو سي ۾ 11 نمائندن تي ٻڌل هڪ پينل آهي. 25 ٽائون ڪميٽيز جي نمائندن مان وائيس چيئرمين ٽائون ۾ ويهندا، هي گڏجي 33 سيڪڙو عورتون، پنج سيڪڙو نوجوان ۽ اقليتي، هڪ سيڪڙو معذور ۽ خواجا سرا کي چونڊيندا. ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ مقابلو ٿيندو، ان لاءِ 246 يوسيز جا چيئرمين ڪي ايم سي ڪائونسل ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اتي 33 سيڪڙو عورتون پنج سيڪڙو نوجوان ۽ اقليت ۽ هڪ سيڪڙو معذور ۽ خواجا سرا نمائندن کي چونڊيو ويندو. 367 ميمبرن تي ٻڌل ڪي ايم سي تي ٻڌل ميمبر ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي چونڊيندا، جنهن لاءِ جوڙ توڙ ۽ وسيلن جو استعمال به ٿيندو.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪيترن ئي خطرناڪ لوڏن کان پوءِ ٿيون. گذريل ڇهن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو مڪاني چونڊ ٿي آهي، پر ڪراچي شهر، جتان جو مڪاني نظام نوي سالن جي ڄمار جو آهي. نوي سال اڳ 1933ع ۾ هن شهر جو پهريون ميئر جمشيد نسروانجي ٿيو هو. هن جي قد ڪاٺ جو هيل تائين ڪوبه ميئر نه آيو آهي، نه ئي وري اهڙي ميئر جي اميد ڪري سگهجي ٿي. ٻي اهم ڳالهه ته نوي سالن ۾ هڪ به عورت ميئر چونڊجي نه سگهي. عام طور تي مڪاني حڪومتون، جيڪي سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين کان پوءِ هڪ سياسي ٿنڀ هونديون آهن، پر اسان وٽ ان جو تصور واضح نه رهيو آهي. انهن ڏينهن ۾، جڏهن ملڪ ۾ مارشل لائون رهيون ته هن نظام کي فوجي آمرن پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو، پر جمهوري يا سويلين دور ۾ اهي ادارا پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا. توڙي جو شهري اشوز انتهائي خطرناڪ حد تائين سامهون ايندا رهيا. شهري حڪومتن جو تصور توڙي جو انتهائي قديم آهي، پر اسان وٽ مڪاني حڪومت کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو ويندو آهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ارڙهين ترميم کان پوءِ مالي وسيلن جي ورڇ ۾ جتي مرڪز ۽ صوبن ۾ فارمولو طئي ٿيل آهي، ساڳي ريت صوبن ۽ اتان جي مڪاني حڪومتن ۾ به وسيلن جي ورڇ ٿيڻ گهرجي، پر صوبائي مالياتي ايوارڊز جو اعلان ئي نه ٿي سگهيو.
جيڪڏهن اسان ماسڪو، پيرس، واشنگٽن، نيويارڪ، لنڊن سميت دنيا جي وڏن شهرن جي ميئرز جي قد ڪاٺ کي ڏسون ته هو پڙهيل لکيل ۽ سوجهه ٻوجهه وارا آهن، انهن جي خودمختياريءَ جي حد هي آهي ته ملڪ جو صدر هجي يا وزير اعظم شهر جي ميئر جي اختيارن ۾ مداخلت ڪرڻ جو مجاز نه هوندو آهي. شهر جو ميئر بنا ڪنهن نسلي، مذهبي ۽ سياسي فرق جي سمورن شهرين جو خدمت گار ٿيندو آهي، پر اها ڳالهه اسان وٽ ناهي. ٻي ڳالهه ته دنيا جي وڏن شهرن ۾ ايندڙ ميئر، چونڊ وڙهڻ کان اڳ، شهرين اڳيان پنهنجو ويزن رکندا آهن ته جيڪڏهن شهري کين ووٽ ڏيندا ته انهن جي بدلي ۾ هو ڪهڙا ڪم ڪندا؟ پر اسان وٽ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي. ڪنهن به ٿيندڙ ميئر پنهنجو پلان پيش نه ڪيو آهي. اسان وٽ جنهن به پارٽي ميئر يا مڪاني حڪومتن جي نمائندن کي نامزد ڪيو ۽ اهي کٽي آيا ته اهي مدر پارٽي ڏانهن ئي ڏسندا ته اها ڇا ڪرڻ گهري ٿي. اسان جي شهرن جي ڊيموگرافيءَ به مڪاني حڪومتن کي مضبوط ۽ ميچوئر ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رهي آهي. هي به اوپن سيڪريٽ آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن جو ڪو ميئر يا ناظم اعليٰ چونڊجي آيو ته ان جو پهريون ٽڪر صوبائي حڪومت ۽ ان سان گڏ شهرن ۾ رهندڙ مختلف برادرين سان هوندو آهي. ميئر يا چونڊيل نمائندن جي ڪوشش هوندي آهي ته اهي پنهنجي اڪثريت جي بنياد تي اهڙي قانون سازي ڪن، جنهن سان صرف هڪ برادريءَ کي فائدو پهچي، جيڪڏهن متڀيد وارو سلوڪ ختم ڪري جمشيد نسروانجي جهڙو ميئر هجي ته ڪراچي پنهنجي ماضي ڏانهن موٽي سگهي ٿو.
ماضي ۾ ترقياتي ڪم به سليڪٽيڊ علائقن ۾ ٿيا، جتي چونڊيل ناظم اعليٰ يا ان جي پارٽيءَ جا حامي رهيا ٿي. ان سان شهر جا هڪڙا علائقا بنيادي سهولتن مان فيضياب ٿيا ته ٻئي پاسي وري محروم ترين علائقا سامهون آيا، انهن جي پسماندگيءَ جو هي عالم رهيو ته ٽيهن سالن کان ڪجهه علائقن ۾ هڪ به ڪچو رستو، پڪو نه ٿيو ۽ پاڻيءَ کان به اهي علائقا محروم رهيا، اهي علائقا، جيڪي بااثر ۽ طاقتور حلقن جا آهن، اتي 24 ڪلاڪ پاڻي اچي ٿو ۽ بجلي ۽ گيس وڃڻ جو نالو نٿا وٺن، پر پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن جي محرومين ۾ واڌ ڪئي وڃي ٿي. ان جا مثال ڪراچيءَ جون ٻهراڙيون، لياري، ملير، گڏاپ ۽ ٻيا ڪيترائي علائقا آهن. انهن علائقن ۾ ڏهاڪو سالن تائين پائيپ لائين ۾ پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نه آيو ۽ پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيائون ايتريون ته مضبوط ٿيون جو ساليانو اهي هڪ هزار ارب رپين جو پاڻي وڪرو ڪن ٿيون. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته باقي مافيائون ڪيتريون سگهاريون هونديون ۽ اهي روزانو جي بنياد تي ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿيون. شهر ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت ۽ پارڪن ۽ راندين جي ميدانن تي قبضا ٿيا، جيڪو سلسلو اڃا تائين به جاري آهي. اهي ادارا ميئر جي ڪنٽرول ۾ رهيا، پر ان اهڙو ڪوبه قدم نه کنيو، جنهن سان شهري سک جو ساهه کڻي سگهن. شهر جو ايدمنسٽريٽر يا ميئر چئي ٿو ته پوليس منهنجي ڪنٽرول ۾ ڏيو، پوليس ته صوبائي حڪومت جي ماتحت آهي. ميئر، جيڪڏهن نسلي بنيادن تي پوليس جو استعمال ڪندو ته باقي برادريون متاثر ٿينديون. هاڻ اها پارٽي، جنهن سڀني کان وڌيڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد تي حڪمراني ڪئي، ان جا اڳواڻ چون ٿا ته “ڪراچي ۾ ڌاڙيل هجن يا پوليس وارا اهي سنڌي آهن.” جيڪڏهن نوي سالن جي مڪاني حڪومتن جي تاريخ تي نظر ڊوڙائي وڃي ته شهر جي ڪنهن به ميئر نه ئي پوليس جو انتظامي ڪنٽرول گهريو، نڪي وري پوليس ۽ ٻيا ادارا انهن جي ڪنٽرول هيٺ رهيا. مڪاني حڪومتن جا ڪم اڳ ئي واضح ٿيل آهن، ان ڪري انهن جو مينڊيٽ اهو ناهي ته صوبي جي ادارن تي قبضو ڪري ويهن.