اسرائيلي جھاز ھائيجيڪ ڪرڻ سبب عالمي دنيا جو ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ شھرت ماڻيندڙ ليليٰ خالد، ڊاڪٽر وديح حداد ۽ جارج حباش جي ھي تنظيم پي ايل ايف پي به ان وقت جي اشتراڪيت مان متاثر تنظيم ھئي، ان ڪري ڪجهھ وقت کان پوءِ ھنن فلسطين جي آزاديءَ کان وڌيڪ عرب دنيا ۾ سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. وري مٿان اردن جي بادشاهه شاهه حسين جي حڪومت کي سامراج جو ساٿاري قرار ڏئي سندس خلاف ھٿياربند جدوجھد جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو ھو، جنھن ڪري عرب دنيا ۾ اڪثر ڪري شھنشاھي حڪومتون سندن خلاف ٿي بيٺيون ھيون. پريس ترجمان ھوندي سندس مصروفيتون وڌي ويون ھيون. اھوئي سبب ھو جو غسان ڪنفاني جي زندگيءَ جي پوئين سالن ۾ سندس ادبي ڪم سياسي ڪم سبب متاثر ٿيو ھو.
غسان ڪنفاني سان ھڪ شامي اديبه غاده السمان جي عشق جو قصو به انتھائي دلچسپ آھي ۽ غسان جيڪو خطن جو مجموعو ان جي نالي سان لکيو ھو، سو سال 1993ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو آھي. ھو ان وقت بيروت ۽ غاده السمان لنڊن ۾ رھندي ھئي. خليل جبران جيان ڪنفاني کي به بيروت بيحد پسند ھو. ان ڪري ھو بيروت اچڻ کانپوءِ، سواءِ روپوشي جي ڪجھه وقت ۽ ٻاھر جي دؤرن کان سواءِ سمورو عرصو بيروت ۾ ئي رھيو.
ڪنفاني سان زندگي صرف 36 سال ئي ساٿ ڏئي سگھي ۽ انھي مختصر عرصي ۾ ھن ڇهھ ناول، پنج ڪھاڻين جا مجموما، ٽي ڊراما ۽ ٽي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا. گڏوگڏ ڪيترين اخبارن جا ايڊيٽوريل ۽ ڪالم لکيا ۽ انيڪ اسڪيچز پڻ ٺاھيا.
سندس ڪيترو ئي ٻيو مواد اڃان تائين شايع ناھي ٿي سگھيو، تنھن ھوندي به سندس ھن وقت تائين 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. ھن کي ڄڻ ته اڳ ئي معلوم ٿي ويو ھو ته سندس زندگي مختصر ئي آھي ۽ ان مختصر عرصي ۾ ئي کوڙ سارو ڪم ڪرڻو آھي. اھوئي سبب آھي جو ڪنفاني انتھائي تيزيءَ سان لکيو ۽ سياسي ڪم به ڪيو.
پنھنجي موت مھل ڪنفاني عرب دنيا ۾ ايتري مقبوليت ماڻي ورتي ھئي، جو فلسطين جي قومي شاعر محمود درويش جڏھن غسان ڪنفاني بابت پنھنجو مضمون لکيو ته ان جو عنوان ئي اھو ڏنائين ته “ھڪ آتِش فشان انسان تي نوحَو لکڻ جي ڪوشش.”
فلسطين جي تحريڪن جي ھڪ ڳالھه جيڪا مون کي انتھائي پسند آھي سا اها ته فلسطيني تحريڪون ھر ڪم انتھائي منظم نموني سان ڪنديون آھن، خاص طور تي اداره سازيءَ جو ڪم ته انتھائي مضبوط ڪنديون آھن. انھي روايت جي تسلسل کي برقرار رکندي، غسان ڪنفاني جي نالي سان ھڪ ادبي ايوارڊ به ڏيڻ شروع ڪيائون. جيڪو ھر سال عربي زبان جي بھترين ڪتاب کي ڏنو ويندو آھي. غسان سان محبت ڪندڙ ماڻھن “غسان ڪنفاني فائونڊيشن” جي نالي سان ھڪ تعليمي اين جي اوز به ٺاھي آھي، جنھن ھينئر تائين فلسطيني ٻارڙن جي تعليم لاءِ تقريبن 150 کان به وڌيڪ اسڪولن جو قيام عمل ۾ آندو آھي.
جيتوڻيڪ غسان ڪنفاني مذھبي طور تي عيسائي ھو، پر مذھب بابت ھو اشتراڪيتي خيالن کي به تمام گھڻو پسند ڪندو ھو. تنھن ھوندي به ڪنفاني جي نالي سان نه فقط ھڪ مدرسو قائم آھي پر ان جي لوگي ۾ “قرآن مجيد” پڻ ٺھيل آھي.
آئون سمجھان ٿو ته اھا ڪنفاني جي پنھنجي سرزمين، وطن فلسطين جي مٽيءَ سان محبت، پنھنجي ٻوليءَ سان پيار ۽ سياسي سگھه ئي ھئي، جنھن کيس سڀني مذھبن کان مٿانھون ڪري بيھاريو ۽ ھن سڀني حلقن جي دلين ۾ پنھنجي لاءِ گولان جي پھاڙين جيترو پيار پيدا ڪيو.
سندس ادبي عظمتن جو اندازو ان ڳالهھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته ھن 25 سالن جي عمر ۾ پھريون ڪھاڻين جو ڪتاب ”موتُ سریر رقم 12” (بيڊ نمبر 12 جي موت) شايع ڪرايو ھو. ان ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻيءَ جو ترجمو ھن وقت “يونيورسٽي آف نيويارڪ” جي “اسڪول آف ميڊيسن” جي نصاب ۾ شامل آھي. سندس ڪھاڻين جي وڏي خوبي ئي اھا آھي جو اھي پڙھندڙ کي پنھنجي سحر ۾ اھڙي ريت سوگھو ڪن ٿيون جو ماڻھو مصروف ھوندي به انھن کي اڌ ۾ ڇڏي نٿو سگھي. جھڙي ريت سراج، آغا سليم ۽ عثمان ڏيپلائيءَ جا ناول، آريسر ۽ اياز جو نثر، ضراب حيدر، طارق قريشي ۽ نسيم پارس گاد جون ڪھاڻيون پڙھندڙ اڌ ۾ ڇڏي ناھي سگھندو.
عربي ادب ته پنھنجي قديمي دور کان وٺي انتھائي خوبصورت تشبيھن سان ڀرپور رھيو آھي، پر جھڙي ريت خليل جبران، نزار قاباني ۽ محمود درويش جي لکڻين ۾ ٻوليءَ ۽ خيالن جي خوبصورتي، تشبيھن ۽ استعارن جو استعمال نظر ايندو آھي، اھڙي ريت ھن جي لکڻين ۾ نه صرف پنھنجو دلڪش اسلوب، خيالن جي اڏام ۽ وسعت، نِت نئين، انوکين ۽ اڻ ڇُھيل تشبيھن جو استعمال نظر ايندو. پر پنھنجي محبوب وطن سان اھڙو عشق به نظر ايندو، جھڙو مصري ليکڪ “نجيب محفوظ” کي “نيل ندي” ۽ “علي بابا” کي “سنڌوءَ” سان ھو.
جنھن جو مثال 1963ع ۾ شايع ٿيل سندس ناول “رجال فی الشمس” ( اُس/تَپش ۾ ڪجھه انسان ) مان پَسي سگھجي ٿو. آئون سمجھان ٿو ته جھڙي ريت “عثمان ڏيپلائي” جي “سانگھڙ ” ناول مان “حر تحريڪ ” بابت گھڻو ڪجھه سمجھي سگھجي ٿو، اھڙي ريت ڪنفاني جي ھن ناول مان فلسطينين جي سموري مزاحمت ۽ سندن سَھپ بابت سادي سَلوڻي انداز ۾ سمجھي سگھجي ٿو.
ناول جو ڪلائمڪس ڪجھه ھن ريت آھي ته: ٽي فلسطيني پنھنجو ديس ڇڏي غيرقانوني طريقي سان اتان وڃڻ چاھين ٿا. اھي تيل جي ھڪ ٽينڪر ڊرائيور کي ڪجھه رقم عيوض راضي ڪن ٿا ۽ خالي ٽينڪر اندر لِڪي ويھن ٿا، جڏھن اھي تَتل صَحرا مان سفر ڪن ٿا، تڏھن گرميءَ سبب ھڪ ھڪ ٿي ٻوسٽجي مرڻ لڳن ٿا پر پڪڙجڻ جي خوف کان رڙيون به نٿا ڪن.
ناول ھن جملي تي پنھنجي پُڄاڻي تي پھچي ٿو ته “لماذا لم یدقّوا جدران الخزان؟” (اھڙو به ڇا ھو جو انھن مان ڪنھن ٽَينڪر جي ديوارن کي به پاراتو نه ڏنو.) جنھن مان ھڪ پاسي ته شاهه جي سسئي جھڙي سچائي ۽ ٻئي پاسي پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلمن تي مَڪلي جي قبرستان جھڙي ماٺ نظر اچي ٿي.
سندس ٻئي ناول “ما تبقیٰ لکم” (اوھان وٽ جو ڪجھه بچيو آھي) ۾ انتھائي نئون اسلوب ۽ فني تجربو ڪيل آھي. جيڪي ان وقت تائين عربي ادب ۾ انوکا ۽ اڻ ڇھيل ھئا. تنھنڪري ھي ڪتاب شايع ٿيندي ئي ھٿو ھٿ وڪامجي ويو. انھي ناول کي “عرب دنيا جي بھترين ناول ” جو ايوارڊ به مليو. سندس آخري ٻن ناولن (سعد جي امڙ) ۽ ”عائد إلیٰ حیفا” (حيفا کي موڙيندڙ) کي به ڀرپور موٽ ملي.
ھتي سندس مختلف لکڻين مان فقط ڪجهھ سٽون پڙھي ڏسو ۽ پاڻ اندازو لڳايو.
“آزادي جو ڪو متبادل نٿو ٿي سگھي، آزادي پنھنجو متبادل پاڻ ئي آھي.”
“لازمي ناھي ته وطن ڪنھن وسيع ايراضي تي پکڙيل ھجي، اھو فقط ماڻھوءَ جي ڪلھن جي وچ جيتري ايراضيءَ تي به مشتمل ٿي سگھجي ٿو.”
“ائين ڇو آھي ته ڪجھه ماڻھن جي مرڻ سان ئي ٻيا ماڻھون جي سگھندا آھن؟”
“اھو ضروري ته ناھي جو اسان مان ھرڪو پنھنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي، پر اصل اھميت ان ڳالهھ جي آھي ته ان مھل تائين ڪير نه جُھڪي، جيستائين سندس ساهه جو سَڳو سلامت آھي.”
“جڏھن به ڪوئي ڳڀرو وطن جي حفاظت خاطر فوجي وردي پائي، تڏھن کيس پنھنجي جيجل/امڙ جي وڌيڪ دعائن جي ضرورت ناھي رھندي.”
“فلسطين جو سڀ کان وڏو مسئلو ڀلا ڪھڙو آھي؟ فلسطين جو سڀ کان وڏو مسئلو اھو آھي ته اھي ماڻھو به فلسطيني جنگ تي وڏا وڏا مقالا لکي رھيا آھن، جن ڪڏھن زندگيءَ ۾ ھڪ فائر جو آواز به ناھي ٻڌو.”
“انسان صدين جي ارتقائي سفر ۾ فقط ھڪ ئي ڪارائتي شيءِ دريافت ڪئي آھي ۽ اھا فقط وساري سگھڻ جي سگھه آھي.”
“دشمن! مون کي ته ھارائي سگھي ٿو پر منھنجي مرڪ کي ڪڏھن به مات نٿو ڏئي سگھي.”
“آئون ڪَکن جي باهه جيان اندر ئي اندر ۾ ڀَڙڪي رھيو آھيان ۽ دلڪش عورتون منھنجي نظرن مان ائين ڪِري رھيون آھن، جيئن آئون تنھنجي ڀروئَن جي ڪٽارن سان ڪُسجي، ڳترا ڳترا ٿي ڪِرندو رھندو آھيان.”
“زندگي فقط دوکو ئي آھي، نه ته اھو وقت جيڪو مون توسان گڏ گذاريو ۽ ھاڻ تو بِن گذاري رھيو آھيان، انھن ٻنھي کي ڀلا زندگي ڪيئن چئي سگھجي ٿو.”
(پورو ٿيو)