واڳ ڌڻين، جيڪي هينئر پاڻ کي اڻ ڌريا سمجهن ٿا، ان جي باوجود چيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽس حڪومت قائم ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هي ڳالهيون به ڪيون پيون وڃن ته جيڪڏهن ٽيڪنوڪريٽس حڪومت قائم نه ٿي سگهي ته پوءِ موجوده سيٽ اپ، حڪومت جي مدي پوري ٿيڻ باوجود ان کي وڌيڪ سال ٻن سالن لاءِ ڪم جاري رکڻ لاءِ چيو ويندو. هي فارمولا سياسي منظرنامي تي ڇانيل آهن. بيانيا يا فارمولا پيش ڪرڻ جي فيڪٽري تيزيءَ سان نوان نوان خيال سامهون آڻي رهي آهي. ممڪن آهي ته ان سموري مهم جو مقصد هي هجي ته ملڪ اندر جمهوري ڪلچر کي ڊي ريل ڪجي يا وري بحران واري صورتحال کي وڌيڪ گهرو ڪجي. اها حقيقت آهي ته جڏهن به، جنهن به ڌر ان نوعيت جي فارمولاز کي پيش ڪيو يا ان تي عمل ڪرايو ويو، ملڪ جي جمهوريت توڙي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. جيڪڏهن هاڻ به اهي جيڪي اڻ ڌريا يا نيوٽرل ٿي ويا، اهي اهڙن تجربن تي ڀاڙيندا ته موجوده لڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڪوبه ٻڏڻ کان بچائي نه سگهندو.
جنهن به هي خبرون ٻڌيون هونديون ته نئين ٽيڪنوڪريٽس حڪومت جو بندوبست مڪمل ٿي ويو آهي، ايستائين جو نئين وزير اعظم جو نالو به گردش ڪري پيو. حفيظ شيخ لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته هو نئين حڪومت جو سربراهه هوندو. جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ٿو ته ڇا ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام اچي ويندو؟ جيڪڏهن واڳ ڌڻي پاڻ سڌي حڪمراني ذريعي ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ جا اهل ناهن ته انهن جون ڪٺ پتليون ڪهڙو نتيجو ڏينديون؟ اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن، زميني حقيقتن سان انهن جو پري جو به واسطو نظر نٿو اچي. هي عجيب ڳالهه آهي ته نئين سيٽ اپ لاءِ اهڙا نالا سامهون اچي رهيا آهن، جن حڪومتن جو حصو رهندي به ڪي بهتر نتيجا نه ڏنا آهن،اهي، جيڪڏهن جمهوري سيٽ اپ جو حصو ٿيڻ لاءِ به ميدان ۾ لٿا ته عوام کين رد ڪري ڇڏيو، هاڻ اهي رد ٿيل ٽيڪنوڪريٽس ڪيئن ڊليور ڪندا؟
هينئر ملڪي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومتي سيٽ اپ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون نظر اچن پيون، ظاهري طور اتحادي حڪومت موجود آهي، پر اها اختلافن کي ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. اهي هي تاثر به ڏئي رهيا آهن ته نه صرف هينئر پر ايندڙ چونڊن ۾ به هو گڏجي چونڊ وڙهندا ۽ عمران خان کي مات ڏيندا. عمران خان جي پنهنجي حالت به ڪا سٺي ناهي. هينئر ته پي ٽي آءِ جي صفن مان اهي آواز اچي رهيا آهن ته سندن ڪپتان، مائنس ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ پي ٽي آءِ جي ايندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي هوندي؟ اها ڪنهن به De-moralize سربراهه جي اڳواڻي ۾عوام کان ووٽ وٺڻ جي ڪيتري همٿ هوندي؟ اهي جيڪي پنهنجن مخالفن تي دنيا جا سمورا الزام مڙهيندا هئا، اهي ساڳيا الزام عمران خان تي لڳن ته ان جي پوزيشن ڪهڙي هوندي؟
مستقبل جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ طرف نئين پوليٽيڪل آرڊر جي حوالي سان تمام گهڻا مونجهارا آهن ته ٻئي پاسي، ڪهڙا سياسي کيڏاري ميدان ۾ رهجي ويندا، ان تي به ڪو اتفاق ناهي. امڪان هي آهن ته ڪجهه اهم سياسي کيڏاري ميدان ۾ رهي نه سگهندا. انهن تي جيڪي سنگين نوعيت جا الزام آهن، انهن کان بچڻ ممڪن ناهي، جيڪڏهن هو بچي به ويا ته اهي پنهنجن اکين اڳيان سڀ ٿيندي، ڏسندا رهجي ويندا. انهن کي اندازو ٿي ويندو ته هن ملڪ ۾ جوڙ توڙ ڪيئن ٿيندي آهي.
هينئر اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽيون، جيڪي بيانيا فلوٽ ڪري رهيون آهن، انهن ۾ (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ تقريبن ساڳي پِچ تي آهن. جيئن عمران خان ليڪو ڪٽڻ شروع ڪيو آهي، ساڳيو ڪم (ن) ليگ به ڪرڻ گهري ٿي. ان حوالي سان لنڊن مان نواز شريف ان جي شروعات ته ڪري ڇڏي آهي، پر هي پرويز مشرف ۽ جنرل پاشا جي ڪيس کي وساري ويٺا آهن. هي نان اشوز آهن، جن تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ملڪ جا اصل اشوز هي ناهن. ملڪ جي حقيقي اشوز ۾ معيشت جي بهتري، عوام جي حالت بهتر بنائڻ، ملڪي معيشت کي ٽريڪ تي آڻڻ، جمهوري نظام، خاص ڪري جمهوري ادارن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏ جيڪڏهن مهانگائيءَ تي ڪنٽرول نه آيو ۽ عالمي سطح تي اهم قدم کڻي، معاملن کي سڌي رستي تي نه آندو ويو ته انهن جو پنهنجو سياسي مستقبل به اونداهو ٿي ويندو. ان کان اڳي جو نان اسٽارٽر بيانن تي ڀاڙيو وڃي، حقيقي معاملن ۽ مسئلن کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. هينئر ڪرشماتي شخصيتن جو زمانو ختم ٿي ويو آهي، هي سلسلو ماضي قريب ۾ ختم ٿي چڪو آهي، ان ڪري سياسي پارٽين کي زمين تي پير رکڻ گهرجن.
هينئر ملڪ اندر ٽي سياسي قوتون موجود آهن، جن ۾ (ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ شامل آهن. ممڪن آهي ته ڪجهه ننڍا وڏا گروپ به سامهون اچن، جيڪي انهن ٽنهي پارٽين کان ناراض اڳواڻ ٿي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ ڪجهه اڳواڻن ٻانهن جو ٻل ڏيکارڻ به شروع ڪيو آهي، پر انهن کي حقيقتن جو ادراڪ ناهي. جتي وڏيون پارٽيون ڊليور ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، اتي ننڍا ننڍا گروپ ڇا ڪندا؟ اهي رڳو پريشر گروپ ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن انهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ جو حصو ٿيڻو پوندو. جنهن ترتيب سان پارٽين جي پوزيشن بيان ڪئي وئي آهي، مستقبل جو سياسي منظرنامو به ائين ممڪن نظر اچي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي پاپولرٽي وارو راڳ مان به هوا نڪري ويندي. هينئر پي ٽي آءِ جي رينڪ اينڊ فائل مان هي تاثر ڏنو پيو ته ملڪ جو پاپولر ليڊر عمران خان آهي، ان ڪري جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ جي خالي 70 سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿئي ٿي ته سمورن تڪن تي عمران خان ئي اميدوار هوندو ۽ کٽيندو. فرض ڪريو عمران خان سمورن تڪن تان ڪاميابي حاصل ڪري به سهي، پر هن کي هڪ سيٽ ئي رکڻي پوندي، باقي سيٽون خالي ڪرڻيون پونديون. ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟. 69 سيٽن تي ٻيهر چونڊن ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيترا پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ڪامياب ٿيندا؟ ڇا ان کان پوءِ عام چونڊن جي موسم اچي نه ويندي؟ پهرين هي چوڻ ته هي بوگس اسيمبليون آهن، ان ڪري پي ٽي آءِ ايوان خالي ڪري هلي وئي. هاڻ وري پي ٽي آءِ واپس پارليامينٽ ۾ وڃڻ گهري ٿي ته جيئن قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي سيٽ سنڀالي سگهن. جيڪڏهن عمران خان، راجا رياض جي جاءِ تي مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿي به وڃي، ان جي باوجود هو نئين نگران سيٽ اپ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟ عمران خان، جنهن وزير اعظم هجڻ دوران مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان هٿ ملائڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو، اهو هاڻ وزير اعظم سان ڪيئن هٿ ملائيندو؟ پنجاب اسيمبلي يا پنجاب جو سياسي ميدان ان جو ڪلاسيڪل مثال آهي. هڪ طرف چوڌري پرويز الاهي هو ۽ ٻئي پاسي حمزا شهباز، هو نگران وڏي وزير تي متفق ٿي نه سگهيا. معاملو پارلياماني ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو، اتي به نالي تي اتفاق نه ٿيو.آخرڪار اليڪشن ڪميشن کي ئي فيصلو ڪرڻو پيو. هاڻ جيڪڏهن وزير اعظم شهباز شريف ۽ عمران خان گڏجي به ويٺا ته مسئلو ته وري به اليڪشن ڪميشن وٽ ويندو. پي ٽي آءِ جي هٿ ۾ ڇا ايندو؟
پي ٽي آءِ اصل ۾ ٻارن وارا کيڏ کيڏي رهي آهي، ان کي ڪو رستو نظر نٿو اچي ته ان کي بحراني صورتحال مان نڪرڻو ڪيئن آهي. ساڳي صورتحال حڪومت جي آهي. (ن) ليگ خانداني سياست کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ لاءِ مريم نواز کي سينيئر نائب صدر ته مقرر ڪري ڇڏيو، پر ان جو نتيجو به سامهون آهي. شاهد خاقان عباسي کان وٺي ٻيا سينيئر اڳواڻ ناراض آهن، جيڪڏهن اهي پارٽيءَ کي ڇڏي ڏين ٿا ته ان نقصان جو ازالو (ن) ليگ ڪري نه سگهندي. شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن پارٽي ڇڏي ويو ته هو اڪيلو ته نه ويندو. ان سان گڏ ٻيا به اهم ۽ سينيئر اڳواڻ ان سان گڏ آهن. مريم نواز کي پارٽيءَ جي سينيئر عهدي تي ويهارڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هوءَ نواز شريف جي ڌيءَ آهي، ايترو ئي ڪافي هو. ڪنهن به عهدي ڏيڻ سان ڪهڙو فرق پيو ٿئي؟ هي به ٻاراڻي حرڪت ئي آهي، جيڪا (ن) ليگ کي مضبوط بنائڻ بدران ڪمزور ڪندي. شريفن جي خاندان ۾ اڳ ئي ناراضگيون گهڻيون آهن، مريم نواز جي سينيئر عهدي تي مقرريءَ سان شهباز شريف جا پٽ، خاص ڪري حمزا شهباز به پريشان آهي، ان جو متبادل به سليمان شهباز کي بڻائي سامهون آندو وڃي پيو. ان سان به ناراضگيون وڌنديون. ان سموري عمل مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته شريفن جو گهر به لوڏن ۾ آهي. ان سان گڏ پارٽي جا سينيئر اڳواڻ به ٽٽل دل سان ڪم ڪندا.
انهيءَ سموري سياسي منظرنامي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي صورتحال مختلف آهي، ان خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ عمران خان جي پاپولرٽي واري ڏند ڪٿا کي ٽوڙيو آهي، ان سان گڏ جنهن smoothly انداز سان ملڪ جي مختلف صوبن ۾ سياسي حمايت ۾ واڌ ڪري رهي آهي، اها گهڻي اهم آهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي بحالي جو ڪم تيز به ٿي وڃي، ڇا ان جي باوجود بلاول ڀٽو مستقبل جو وزير اعظم هوندو؟ جواب يقين سان اهو ئي هوندو ته نه! ها ايترو ضرور ٿيندو ته اقتدار ۾ حصو پتي وڌي ويندو. پر اها ڳالهه طئي آهي ته سياسي عمل ئي موجوده بحران تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.