تنھن ڏينھن ھڪڙي پوسٽ نظر مان گذري، جنھن ۾ پاڪستان جي ھر دور جي سرڪاري ٻولي جا ڪجھه مستقل موقف ڄاڻايل ھئا. اھڙي موقف جي ھڪڙي مختصر جھلڪ ھيٺين جملن مان اول پسون ٿا، جنھن کان پوءِ ٿا وڌيڪ حالي احوالي ٿيون. پاڪستان ۾ ھر دور جي سرڪاري موقف جا ڪجھه ھيٺيان جملا ھئا.
… ملڪ محفوظ ھٿن ۾ آھي.
… عوام کي پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناھي. سگھو ئي معيشت پنھنجن پيرن تي بيھڻ واري آھي.
… قومي سلامتي جي معاملن تي ڪنھن بھ قسم جو سودو نھ ڪيو ويندو.
… پاڪستان قدرتي نعمتن سان مالا مال ملڪ آھي.
… نوجوان ملڪ جو اصل سرمايو آھن.
… پاڪستان ۾ اقليتون سُک ۽ سلامتي سان رھي رھيون آھن.
… آئين جو احترام ملڪ جي ھر شھري تي لازم آھي.
… سرڪاري ادارن ۾ ڪنھن بھ قسم جي بدعنواني قبول ناھي.
… ھن وقت ملڪ ۾ جيڪا بھ مھانگائي ۽ بيروزگاري آھي، تنھن جي ذميوار اڳوڻي حڪومت آھي.
اھڙا ۽ ان قسم جي ٻيا ڪيترائي جملا، توھين پاڻ بھ اھي ڄاڻايل جملا پڙھي تصور ۾ آڻي سگھو ٿا. سو بھرحال اھا پوسٽ ھئي جنھن پاڻ کي اھو خيال ڏنو تھ اوھان سان موجوده صورتحال بابت انھن ئي جملن جي تناظر ۾ چند ڳالھيون رکجن.
ھاڻ اچو تھ ھڪ ھڪ ڪري پاڻ مٿين جملن ۾ ڏسون تھ ھتان جي رياست اھڙي مستقل موقف تي ڪيتري پوري لٿي آھي؟ سڀ کان اول ملڪ جو محفوظ ھٿن ۾ ھجڻ وارو جيڪو سوال آھي، تنھن تي پاڻ ان ڪري نٿا لکي سگھون، جو اھي ھٿ واقعي بھ ايترا سگھارا ۽ محفوظ آھن، جو انھن تي لکڻ جي اجازت ئي ڪانھي. آئين ۾ ڀل کڻي اظھار جي آزادي جون ھنڌين ماڳين پڪ پڪاڻيون ڏنل ھجن. پر اھي پڪ پڪاڻيون انھن “محفوظ ھٿن” جي آڏو اچي ڪک پن ٿيو وڃن ۽ سڀني کي ملڪ توڙي پنھنجي سِر جو خير گھرڻ واري ھدايت ياد اچيو وڃي. تنھن ڪري پاڻ تي بھ اھو لازم آھي تھ پنھنجي پياري ملڪ جو خير گھرندي، ماٺ ميٺ ۾ سنھي گھٽي مان سِرڪي وڃون. سو پاڻ دعاڳو آھيون تھ شال پنھنجو پيارو ملڪ سدائين انھن محفوظ ھٿن ۾ رھي ۽ اھي ھٿ ايئن ئي پنھنجي ملڪ کي محفوظ بڻائيندا رھن، جيئن گذريل مُني صدي کان محفوظ ڪندا پيا اچن.
ان کان اڳتي قومي سلامتي تي ڪنھن بھ قسم جو سودو نھ ڪرڻ واري ھام پڻ محفوظ ھٿن واري شعبي سان ئي گھڻي ڀاڱي سلھاڙيل آھي. سو پاڻ محفوظ ھٿن جي انتھائي ڪارگر ۽ ڪامل ڪارگذاري بابت جيئن ماٺ رھياسين، تيئن قومي سلامتي بابت ڪوبھ سودو نھ ڪرڻ واري سوال تي بھ پاڻ کي ماٺ ئي رھڻو پوندو. ڇاڪاڻ تھ پاڻ جيڪڏھن ان سوال بابت ٿوري بھ ڪا پچار ڪئي، تھ قومي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي ۽ پاڻ ڪڏھن بھ نھ چاھينداسين تھ پنھنجي مانوار قومي سلامتي ڪنھن خطري ۾ پوي. ڇا توھان کي جنرل پرويز مشرف پاران قوم سان ڪيل پھريون خطاب ياد ناھي؟ جنھن ۾ ھن ٻڌايو پئي تھ آمريڪا جي ھر ھا ۾ ھا ملائڻ قومي سلامتي لاءِ اڻٽر بڻجي چڪي آھي. ٻي صورت ۾ پاڪستان کي پٿر جي دور ڏانھن ڌڪيو ويندو. ۽ پوءِ توھان اسان سڀني ڏٺو تھ جنرل مشرف پنھنجي رات ڏينھن جي محنت ۽ جفاڪشي سان ڪيئن نھ پاڪستان کي پٿر جي دور ۾ داخل ٿيڻ کان بچائي ورتو!! سو توھان اسان تي بھ اھو لازم آھي تھ پاڪستان کي اڃان بھ ٻھ قدم اڳتي ترقي وٺرائڻ لاءِ جنرل پرويز مشرف واري ڏسيل واٽ تي ھلندا رھون تھ جيئن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندو ھلي.
ھا باقي قدرتي نعمتن سان مالامال ھجڻ واري حقيقيت کان ڪھڙو ڪافر انڪار ڪري سگھندو. انھن نعمتن جا ھونئن تھ سموري ملڪ اندر ڪئين حوالا موجود آھن پر پاڻ جيئن تھ سنڌ مان آھيون، تنھن ڪري توھين سنڌ جي صورتحال ئي کڻي ڏسو تھ ڇا ڇا نھ آھي سنڌ ۾!؟ پيٽرول، گئس، درياهھ، سمونڊ، سون جھڙي زمين مطلب سڀڪجھه آھي ھن سنڌ ۾. سنڌ جا اھي قدرتي وسيلا جيڪي پھرئين ڏينھن کان رات ڏينھن ڪري ڪتب آندا ويا آھن ملڪي ترقي خاطر ۽ اڄ بھ استعمال ٿي رھيا آھن. ھاڻ باقي جي توھان وري اھو سوال مٿان ڪندئو تھ سنڌ جا سمورا قدرتي وسيلا وفاق جي قبضي ۾ رھيا آھن ۽ ان مان سنڌ کي ڪجھه بھ ھڙ حاصل ناھي ٿيو تھ اھو اوھان جي ننڍڙي سوچ جو ثبوت ناھي تھ ٻيو ڇاھي؟ ڇا پنجاب پنھنجو ڀاءُ ناھي؟ جيڪڏھن پنھنجي وڏي ڀاءُ پنجاب جي آڪھه وڏي آھي تھ پوءِ پاڻ جيڪڏھن پنھنجي ڀاءُ لاءِ کڻي قدرتي وسيلن جي ٿوري گھڻي قرباني ڏني تھ ڇا ٿي پيو؟
باقي آھن نوجوان، تھ اھي جيئن ھر قوم جو سرمايو ھوندا آھن، تيئن پنھنجي قوم جو بھ سرمايو آھن. باقي انھن جي بھتر تعليم، صحت ۽ عزت ڀرئي روزگار جو جيتري قدر تعلق آھي تھ ان لاءِ عرض اھو آھي تھ جيئن ئي ملڪ ڏکين حالتن مان نڪري ايندو تھ نوجوان بھ سُکيا ٿي پوندا. تيستائين نوجوانن کي پنھنجي مڙسي پاڻ ڪرڻ گھرجي ۽ رياست کان ڪجھه گھري ان کي پريشان ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
ياد رکو! ان ۾ مايوس ٿيڻ جي ڪابھ ڳالهھ ناھي. جيئن ھي مُني صدي صبر شڪر سان گذري وئي آھي، تئين ڀلا جي ھڪ اڌ صدي وڌيڪ انتظار ڪرڻو پيو تھ مڙئي خير آھي.
اقليتون!؟ اقليتون تھ اسان وٽ اصل بادشاھي مزا ماڻي رھيون آھن. توھين ھن ملڪ جي پِيرن مِيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جي حويلين ۾ وڃي ڏسو تھ سھي!! ھر حويلي ۾ توھان کي اقليتون محفوظ ٿيل ملنديون. روڊن رستن تي باقي جيڪي ھن ملڪ جا بھادر فرد گھمن ڦرن ٿا، سي پڻ جتي بھ ڪا اڪيلي اقليت ڏسن ٿا، تنھن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺيو وڃن. اھو ئي سبب آھي جو ھر سال انساني حقن جي عالمي تنظيمن پاران جاري ڪيل رپورٽن ۾ پنھنجو پيارو ملڪ اھڙن ملڪن جي فھرست ۾ مٿان ئي مٿان شمار ٿيندو آھي، جتي اقليتون جاوا ڪن ٿيون.
ھا ٻيو جيڪا ھي ھر ھنڌ بدعنواني بدعنواني جي اجائي ڳالهھ ھُلائي وئي آھي، سا بھ انھن مخالف قوتن پاران ھُلائي وئي آھي، جيڪي اسان جي ترقي نٿيون چاھين. ڪھڙو اھڙو ملڪ آھي جتي اھو مسئلو ناھي؟ سو انھي عالمي مسئلي کي رڳو پاڪستان تائين محدود ڪري ڏسڻ، ڪٿان جي ايمانداري آھي. اصل ۾ اھا ئي بدعنواني آھي، جنھن ۾ توھين پنھنجي پياري ملڪ اندر موجود بدعنواني جي ڪا نشاندھي ڪريو ٿا. پنھنجن جا عيب ظاھر ناھن ڪبا. ٿوريون گھڻيون ڪمزوريون جيئن ھر انسان ۾ ھونديون آھي، تيئن ڪنھن ملڪ ۾ نھ ھونديون ڇا؟
ھا باقي ان عالم آشڪار حقيقت کي تھ ھر ننڍو وڏو اڄ تسليم ڪري چڪو آھي تھ اڄ ملڪ جنھن معاشي توڙي سياسي بحران جو شڪار آھي، تنھن جي ذميواري ڪنھن بھ جاري حڪومت مٿان مڙھڻ اجائي ڳالهھ ٿيندي. تنھن ڪري ھي ھاڻوڪا حڪمران بھ جيڪا اھا ڳالهھ ڪري رھيا آھن تھ ھيلوڪي معاشي تباھي جو اصل ذميوار عمران خان آھي، تنھن ۾ ھو سورنھن آنا ايئن ئي سچا آھن، جيئن عمران خان نواز حڪومت بابت پنھنجي ھر راءِ ۾ سچو ھو.
سو سائين منھنجا!! پنھنجي پياري ملڪ لاءِ اٿندي ويھندي اھا دعا گھرندا رھو تھ جن پيرن تي ھو اڄڪلھه ھلي رھيو آھي، تيئن خيرن سان ھلندو رھي. ان ۾ ئي مظلوم قومن توڙي طبقن جي ڀلائي آھي. جيڪڏھن رياستي ادارن جي مروج ڪارڪردگي ۽ پاڻ جھڙن غريبن جي دعائن سان ملڪ ايئن ئي اڳتي ھلندو رھيو تھ پوءِ پڪ ڄاڻو اڳيان ھلي اھڙو محفوظ ٿيندو جو ڪنھن کي لھر نڪي لوڏو!! ڇا خيال آھي توھان جو انھي باري ۾ ڀلا؟