هي ڳالهه لڳ ڀڳ 22 سال اڳ جي آهي. جڏهن آئون بي بي سي اردو جي رولاڪ نمائندي طور پاڪستان جي اهڙن ڳوٺن ۾ وڃي زندگي جي مختلف پاسن تي ريڊيو فيچر ٺاهي رهيو هئس، جن ڳوٺن تيستائين مڪاني رپورٽر کان سوا عالمي ته ٺهيو پاڪستاني قومي ميڊيا ۾ به پاڻ کي نه ڏٺو. اهڙو ئي هڪ سفر عام چونڊن کان اڳ ۾ سيپٽمبر 2002ع ۾ را عامه ۽ مقامي زندگي بابت فيچرسازي جي سلسلي ۾ پهريون ڀيرو ڊيرا غازي خان کان ڊيرا اسماعيل خان جي رستي تي ڪيو.
انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ تونسا شريف به اچي ٿو، تونسي جي تعلق سان حضرت شاهه سليمان المعروف پير پٺاڻ جو نالو به ٻڌل هو. مون بنا سوچڻ سمجهڻ جي ٽيڪسي جو رُخ انڊس ها وي تي شهر ڏانهن موڙي ڇڏيو. خيال هو ته هڪ اڌ ڪلاڪ گذاري اڳيان وڌي ويندس. خبر نه هئي ته هي اڻ سوچيل سفر ايندڙ 22 سالن لا مون کي جڪڙي وٺندو. هڪ چانهه جي هوٽل تي ٽيڪسي روڪرايم، چانهه آئي چانهه پيتي، بيري کان پڇيم ڪيترا پيسا؟ بيري چيو پيسا ٿي ويا. مون پچيو ڪيئن ادا؟ بيري چيو: “هو جيڪو صاحب ڇوڪرن سان ويٺو ٽهڪ ڏئي ان جو حڪم آهي ته توهان مهمان آهيو.”
مون مڙي ڏٺو هڪ هلڪي ڏاڙهي وارو سانور سنهڙو، ڊگهو، اڇن ڪپڙن وارو ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ويٺل ماڻهو وڏي آواز ۾ چئن پنجن ڇوڪرن کي ڪا ڳالهه سمجهائڻ ۾ لڳو پيو هو ۽ نوجوان “جي جي” ڪندا رهيا.
مون پنهنجو پاڻ کي ڏٺو ۽ پو تهه تائين پهچي ويس. جينز شرٽ ۽ بيگ لڙڪائي واحد جانور هئس، جيڪو سلوار قميص ڪلچر جي وچ ۾ ويٺو، پري کان سڃاپجي سگهيو ٿي ته هي اوپرو مسافر آهي. ايتري دير ۾ ان همراهه سڏ ڪيو. صاحب ڪٿان کان آيو آهين؟ آئون چانهه لا ان جا ٿورا مڃڻ لا اڳيان وڌيس، هن اٿي گرم جوشي سان ڀاڪر پاتو. خادم کي محمود نظامي چون ٿا. سائين جن جو ڪهڙو تعارف آهي؟ مون پنهنجي باري ۾ ٻڌايو. اهو ماڻهو وري پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو، پو هن چيو ته شام ٿي وئي آهي. ڊيري تائين وڃڻ جو رستو ٺيڪ نه آهي. توهان مون سان گڏ رهو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن اها شام ختم نٿي ٿئي.
محمود نظامي دانشوري، لوڪ ڏاهپ، سياسي ۽ سماجي ساڃاهه جي ڪنهن ڪتابي وصف تي پورو نٿو لهي. اوهين پنهنجي آساني لا چئي سگهو ٿا ته هو کاٻي ڌر جو هو. حقيقي طور نيشنل عوامي پارٽي سان ڪجهه عرصي لا رهيو، پر هو شايد هڪ فري ٿنڪر هو، جنهن زندگي کي گهوٽي پي ڇڏيو. اهو فري ٿنڪر جيڪو ڪنهن به نظريي کي ڀت سان هڻي سگهيو ٿي، جنهن مان خلق دشمني جي بو ايندي هئي. ڀلي اهو نظريو رائيٽ جي لباس ۾ اچي يا ليفٽ جو ويس پائي اچي، يا لبرل جو ويس ڍڪي، يا مذهبي پَٽڪي ۾ هجي.
محمود نظامي جا تورڻ تڪڻ جا پنهنجا پيمانا هئا، ان لا زندگي لاڳيتي ڌارا تي لکيل کليل ڪتاب وانگر هئي. تنهنڪري هن ايترو ڪجهه پڙهڻ ۽ ڏسڻ باوجود پنهنجيون يادگيريون نه لکيون ۽ ڪڏهن ته مضمون لکڻ جي باري ۾ نه سوچيو. پر ڏکڻ پنجاب سوڌو ڪنڊ ڪڙڇ جا ٽي نسل هن کان ڪجهه نه ڪجهه سکي ويا.
هونئن ته ڪجهه لکڻ ضروري ڪونهي، تونسا جي سڃاڻپ حضرت شاهه سليمان به رڳو ڳالهيون ڪندو هو، وتايي فقير آخر ڪيترا پمفليٽ لکيا، تونسا هونئن به استاد پيدا ڪندڙ زمين آهي. ان جا هزارين پٽ بلوچستان سوڌو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم ڏين پيا ۽ محمود نظامي به انهي روايت جو امين هو.
هونئن به اهو قبيلو هاڻي اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي، جيڪو رڳو علمي پروٽين سان ڀريل ڪچهري، ڪهاڻيڪاري، حڪايت، لطيفا ۽ نصاب ذريعي نسل سازي ڪندو هو ۽ شعوري علم کي لاشعوري قيف لڳائي دل ۽ دماغ ۾ لاهي ڇڏيندو هو.
محمود نظامي کي اهو هنر ايندو هو ته هو ڪنهن به فٽ پاٿ، هوٽل يا ڊرائنگ روم کي هڪ جيئري جاڳندي درسگاهه ۾ تبديل ڪري سگهيو ٿي. پنڌ هلڻ جو شوقين هو، گرمين ۾ گهڻو خوش رهندو هو، سدائين ايترن پئسن جي ڳڻتي هوندي هئس، جنهن سان ڏينهن گذري وڃي. جيڪي هن جي رابطي ۾ هئا (سوين هئا) انهن کي پنهنجي لا استعمال ڪرڻ کي حقير سمجهندو هو. جيتري محنت هن پاڻ کي هڪ عام ماڻهو جي اوقات ۾ رکڻ لا ڪئي، ان کان اڌ ۾ هو دنيا به ڪمائي سگهيو ٿي. پر گهڻو ڪري چوندو هو ته خوشي ۽ اطمينان اندر هوندو هو. جيڪي ان کي ٻاهر ڳولين ٿا، اهي بس ڳوليندا رهجي ويندا. نظامي جو مادي چالاڪين ۽ سودي بازي جي فن سان ڪهڙو تعلق هو، هڪ قصو ٻڌو.
2010ع جي ٻوڏ جي ڪوريج دوران مون هن کي تونسا مان گڏ کنيو ۽ نڪري پيس. ان زماني ۾ امدادي تنظيمن ڀاڙي تي هلندڙ سمورين فور ويلز گاڏين کي کنيو، نظامي صاحب جي هڪ دوست معرفت وڏي مشڪل سان ملتان ۾ هڪ رينٽ اي ڪار واري آخري فور ويلر ڀاڙي تي ڏيڻ جي حامي ڀري ۽ چيو ته ڀاڙو 4 هزار ۽ پيٽرول اوهان جو. مون ترت حامي ڀري، نظامي صاحب جو پارو چڙهي ويو. هن رينٽ اي ڪار جي مئنيجر تي چڙهائي ڪري ڇڏي، اوهين ماڻهو بليڪ ميلر آهيو، هي گاڏي ضيا جي زماني ۾ 8 سئو روپيا ڏهاڙي تي هلندي هئي. اوهين وڌ کان وڌ 2 هزار وٺو، پر 4 هزار سڌي سنئين بدمعاشي آهي.
ايتري ۾ دير ڪو صاحب آيو ۽ اها گاڏي 5 هزار ڀاڙي تي کڻي ويو. مون نظامي صاحب کي چيو توهان کي وچ ۾ پوڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. چوڻ لڳو اوهان ماڻهن جو اهوئي مسئلو آهي، سامهون وارو ڪجهه به چئي اوهين هٿيار ڦٽا ڪريو ڇڏيو. انهي سان گڏ هن مئنيجر کي ٽي چار گاريون دان ڪيون ۽ اسين ٻئي پنڌ اڳيان وڌڻ لڳاسين. پو هڪ اين جي اوز جي مهربان اسان ٻنهي کي دعوت ڏني ته متاثر علائقي ۾ هن سان گڏ هلون. نظامي صاحب ڪجهه به ڪو نه چيو ۽ پنهنجي فطرت جي ابتڙ سڄي واٽ ماٺ رهيو. پو رات چوڻ لڳو، “تون صحيح هئين مون کي دنيا داري جي خبر ناهي.”
هڪ ڏينهن خبر پئي ته نظامي صاحب شادي ڪري ڇڏي آهي، تڏهن سندس ڄمار لڳ ڀڳ 50 سال هئي. مون کانئس ملاقات ۾ پڇيو هو ته توهان جو لائيف اسٽائيل آهي ان ۾ هن ٻڌڻ کي ڪيئن نڀائيندا. هن چيو “مون به اهوئي پي سوچيو، امان بابا جو ضد هو، منهنجي ڄمار ته گل ۽ پتيون ٺاهڻ واري آهي، والدين هن ڄمار ۾ مون کي آرو ڇڪڻ جو ڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي آئون ان کي چا چوان؟”
البت سندس ٻه ٻار هن وقت سٺي درسگاهه ۾ تعليم پرائين پيا، مون وٽ نظامي صاحب جو موبائيل نمبر محفوظ آهي، پر هاڻي ان مان ڪڏهن به آواز نه ايندو.
يهي سڀ ڪڇ ٿا جس دم وه يهان ٿا
چلي جاني پي اس ڪي جاني ڪيانئين
(جون ايليا)