ھونئن ته سنڌ جي عوام جا ذاتي مسئلا کوڙ وڌي ويا آھن جنھن ڪري سنڌ کي گڏيل پر گهڻو نقصان پھچي رھيو آھي. اسان جو دلي عرض آھي ته سنڌ جي گڏيل مسئلن کي ذاتي طور ڏسي، نيڪ نيتيءَ سان سڌاري جون ڪوششون ڪريو، جنھن ڪري اڳتي ھلي سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ سڄي سنڌ ۽ ان جي عوام کي به گهڻو فائدو پھچي سگهي ٿو. اھا سچائي آھي ته ڪيتريون ڳالھيون ظاھري طور غيرضروري لڳن ٿيون پر اصل ۾ ائين ڪونھي. ڇاڪاڻ ته ڪي ننڍيون ڳالھيون به اڳتي ھلي سنڌ جي عوام لاءِ گڏيل ڀلائي آڻي سگهن ٿيون.
- زماني سان ڪلهو ڪلهيَ سان ملائي ھلو:
دنيا عام طرح انهيءَ سوچ جي آهي ته ٺيڪ کي ٺيڪ ۽ غلط کي غلط ڪوٺجي پر اسان سنڌين وٽ ڳالهه ئي نرالي آهي. ڪيترا دوست، انهيءَ خيال جا آهن ته ڪنهن سان ڪاوڙ ڪجي ته پوءِ موٽ ۾ هر ڳالهه جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، ڀلي سندس ڪارروائي ٺيڪ ئي ڇو نه هجي! وري جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن پياري دوست جي ڪا غلط ڳالهه هجي ته انهيءَ کي هر صورت ۾ ٺيڪ ڪوٺڻو آهي. سنڌين ۾ ڪيترين خوبين باوجود اهو خطرناڪ لاڙو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته ڪيترا سنڌي اڄ به ايڪھين عيسوي صديءَ بدران پٺتي 18 يا 19 صديءَ ۾ رهن ٿا.
فيس بوڪ تي ڪنهن دوست ڪا تڪراري ڳالهه لکي هئي، جنهن سان مون اختلاف ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳي دوست ڪا مناسب ڳالهه لکي ته مون سندس پٺڀرائي ڪئي، تنهن تي هڪ سنڌي قومپرست مون کي لکيو: اوهان ڪالهه جنهن جي مخالفت ڪريو پيا ۽ اڄ وري سندس پٺڀرائي ڪئي آھي؟ مون وراڻيو: جيڪڏهن ساڳيو ماڻهو، اڄ ڏينهن کي ڏينهن چوي ته ڇا مان پنهنجي پوري سگھه سان اهو ثابت ڪريان ته اهو ڏينهن نه پر رات آهي؟ سچ کي ته سچ مڃڻو ئي پوندو. بهرحال، جيڪڏهن سنڌي، زماني سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ چاهين ٿا ته کين پاڻ ۾ اصلي تبديلي آڻڻي پوندي. هڪ سچ کي سچ چوڻو پوندو. ٻيو، پاڻ ۾ سهپ پيدا ڪرڻي پوندي، ٽيون اختلاف راءِ جو حق ٻين کي به ڏيڻو پوندو. - پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان شرمايو نه:
اوهان ڏٺو هوندو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ھندوستان جا ٻه پنجابي پاڻ ۾ ملندا آهن ته اهي پاڻ ۾ پنجابي ٻولي ڳالهائيندا رھندا آهن، ڀلي ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا اتي گھڻا ڇو نه هجن. ساڳي ڳالهه مون، دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ منجھن ڏٺي آهي. ڊزني لينڊ (لاس اينجلس، ڪئليفورنيا، آمريڪا) ۾ به مون پنھنجي ذاتي دوري دوران، پنجابي سکن کي پنجابي ٻولي ڳالهائيندي ڏٺو. جڏهن ته اسان جا ڪيترا سنڌي، ڪراچي ۽ ڪجھه ٻين شهرن ۾ سنڌين سان ملندا آهن ته پاڻ ۾ سنڌيءَ بدران اردو ڳالهائيندا آهن .بھرحال، اسان کي ڪنهن به ڌارئي ٻوليءَ سان نفرت ڪونهي پر پنهنجي مادري ٻوليءَ کي ائين وسارڻ هاڻوڪي توڙي ايندڙ نسلن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿو. - ڪراچي، سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي:
ڪراچي، سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي، ٻيئي الڳ الڳ ڪونهن. سو دوستن کي گھرجي ته ڳالهائڻ ۾ سنڌ ۽ ڪراچي نه چون پر ائين چون: ڪراچيءَ سميت سنڌ وغيره. جيڪڏهن ڪير ڌاريو به ڪراچي ۽ سنڌ جا لفظ الڳ الڳ ڪتب آڻي ته انهيءَ کي به پيار وچان ٽوڪين. ٽي وي چينلن کي به اي ميل يا فون ڪري اهڙي غلطي ٻڌائجي ته چڱو. مون انهيءَ سلسلي ۾ ٽي وي چينلن توڙي اردو اخبارون کي ڪيترا ڀيرا اي ميل به موڪليون ھيون جنھن ڪري ڪجھه بھتر تبديلي آئي آھي.
بھرحال، سنڌين جو سڀ کان مکيه مسئلو کين “ٿورائيءَ” ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ آهي پر انھيءَ سلسلي ۾ زوردار ۽ ڪارائتيون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو 1972ع سال ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چوڻ هو: “جيڪڏهن سنڌي پنهنجي ئي سرزمين تي، ريڊ انڊين وانگيان ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي ويا ته اهو تاريخ جو سڀ کان وڏو ظلم ٿيندو”. - سنڌي پڙهو، سنڌي لکو ۽ سنڌي ڳالهايو:
سڀني سنڌين کي دل جي گهراين سان عرض آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪن ۽ گھرن ۾ توڙي ٻين سنڌين سان سنڌي ڳالهائين، ٻارن کي به سنڌي پڙهائين ۽ سنڌي لکڻ يا ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪن. ياد رهي ته اها پراڻي چوڻي پنهنجي جاءِ تي اڄ به ٺيڪ آهي: “قوم ٿي زندهه رهي پر جي زبان زندهه رهي” .
سڀني دوستن کي دلي عرض آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ ڀرپور مهم هلائين ۽ پنهنجي قوم توڙي ٻوليءَ جو بچاءُ ڪن ۽ انهي ڳالهه جي خاص خاطري ڪن ته سندن ٻار پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائين ۽ پڙھن. - سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ به سکو
پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ توڙي ڳالهائڻ ضروري آهي پر زماني سان جيڪڏهن گڏ هلڻو اٿو ته گڏوگڏ انگريزي به سکو. هونئن به اڄوڪي زماني ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ ۾ ڪوبه عيب ڪونهي، خاص ڪري شاگردن ۽ سرڪاري ملازمن کان سواءِ اسان جي سياستدانن کي به انگريزي سکڻ گھرجي.
هن وقت سنڌ جي سطح تي جيڪي سياسي اڳواڻ آهن تن مان هڪ اڌ کي ڇڏي، ٻين کي انگريزي بنهه ڪونه ٿي اچي جو کڻي انگريزي انٽرويو ڏين. مون کي ياد آهي ته حيدرآباد ۾ مشهور سنڌي رائٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي جنرل مئنيجر کان اسلام آباد کان آيل شخص انگريزيءَ ۾ انٽرويو ڪرڻ چاهيو ٿي ته هن ٺھه پھه وراڻيو: “مون کي انگريزي بنهه ڪونه ٿي اچي.” آيل صحافي وائڙو ٿي ويو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي جنرل مئنيجر جهڙي مکيه عهدي تي ڪم ڪندڙ کي انگريزي ڪونه ٿي اچي، جيتوڻيڪ ذاتي طور مون کي انهيءَ شخص لاءِ گھڻو احترام آهي پر مون مثال ڏيڻ لاءِ سندس حوالو ڏنو آهي.
اهڙي ريت جڏهن مون سنڌ جو ڪيس دنيا ۾ وڙهڻ لاءِ، پهرين آن لائين انگريزي اخبار “سنڌ ٽه ڊي” شايع ڪئي ته مون قومپرست اڳواڻ مرحوم بشير خان قريشي جو انگريزي انٽرويو ڪرڻ چاهيو جنهن سان منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه به ٿي هئي. مون کيس ٻڌايو ته هڪ ٻه همراهه، انٽرويو وٺڻ لاءِ موڪليان ٿو جن جي انگريزي سوالن جا جوابَ انگريزيءَ ۾ ڏجو ته جيئن اوهان جي ڳالهه سو سيڪڙو درست طريقي سان عوام تائين پهچي سگھي پر هن انگريزي نه اچڻ جي لاچاري ڏيکاري. بھرحال، ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊگھو انٽرويو ڏنو ھو جنهن کي مون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اهو انٽرويو جسقم جي ڪنهن ويب سائيٽ تي لڳل آهي جنهن تي لکيل آهي ته بشير خان قريشيءَ جو انگريزي انٽرويو. جيتوڻيڪ هن سنڌيءَ ۾ انٽرويو ڏنو ھو، جيڪو مون ئي ترجمو ڪيو هو پر هنن ترجمي جو حوالو ڏيڻ مناسب ڪونه سمجھيو ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انگريزيءَ ۾ ئي انٽرويو ڏنل هو.
هن وقت به حالت اها آهي ته هڪ اڌ کي ڇڏي ڪنهن به سنڌ سطح جي سياسي اڳواڻ کان انگريزيءَ ۾ انٽرويو وٺندئو ته هو ڏيئي ڪونه سگھندو، مٿان وري داٻو ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي سطح جي مامرن ۽ ادارن جو بار بار حوالو ڏيندو رهندو . - سنڌي ٻوليءَ جو قتلام نه ڪريو:
مهرباني ڪري سنڌي ٻوليءَ جو قتلام نه ڪريو. دل، سنڌيءَ ۾ مونث ۽ اردوءَ ۾ مُذڪر آهي پر ڪيترا سنڌي وري اردوءَ کان متاثر ٿي دل کي مذڪر لکي رهيا آهن. اهڙي ريت ڪتاب سنڌيءَ ۾ مذڪر ۽ اردو ۾ مونث آهي. (ڪتاب جو جمع ڪتابَ آهي ۽ ڪتابون نه). شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجن اردو تقريرن ۾ دل کي سنڌيءَ وانگيان مونث ڪوٺيندو هو جڏهن ته دل اردوءَ ۾ مذڪر آهي.
ڪيترا دوست کين اهڙيون غلطيون ٻڌائڻ جي باوجود سڌارڻ بدران دھرائين ٿا، اهڙي ريت اسان جا ڪجھه دوست، سهيَ جون ٽنگون ٽي، واري ڪار لائي بيٺا آهن. افسوس. هڪ سنڌي چينل وارن به دل کي مذڪر لکيو ھو، اهڙيون غلطيون هو گھڻو ڪري ڪندا رهندا آهن ۽ ڪيترا ته سڌرڻ جو نالو ئي ڪونه ٿا وٺن. بھرحال، سنڌ ۽ ان جي عوام جي ترقيءَ لاءِ حالتن کي سڌارڻ گھرجي.